سَنِهيءَ سُئِيءَ سِبِيَو، مُون مَارُوءَ سِين مَنُ هَڻِي کَڻَ حِلِمَ جَا، تهَهَ وِڌَائِين تَنُ ڪِيئَن ٽَوپَايَان ڪَنُ، اَبَاڻي اِبِرَ رِيءَ سُرُ مَارُئي کَڻَ = ٽاڪا، بخيا، ٽوپا حلمَ = مهرَ، نرمي، شفقت، نهايت پيار ۽ پاٻوهه تَههَ = رلهيءَ جا ته - رلهيءَ جي ٻن تهن جيان قابو ڪيائون، ڳنڍيائون تَنُ = جسم، بدن اِبرَ = سُئي بيت جو پس منظر ~ مارئي چئي ٿي ته : عمر منهنجو من مارن سان سنهيءَ سئيءَ سان ٽاڪيل آهي. ~ ۽ انهيءَ ۾ جيڪي محبت ۽ شفقت جا ٽاڪا ۽ ٽوپا لڳل آهن سي جيئن رلهيءَ جي ٻن تهن کي ملائبو آهي، ايئين منهنجو جسم پنهنجي مارن سان جڙيل آهي. ~ مان پنهنجي اباڻن جي سنهي سئيءَ کان سواءِ ڪيئن ڪَنَ ٽوپائي تنهنجا زيور پائينديس. سمجهاڻي مارئي عمر جي ڪوٽ ۾ قيدياڻي آهي عمر مختلف قسم جون لالچون ڏئي پيو مارئيءَ کي هرکائي. مارئي کيس کتو جواب ڏئي پئي چويس ته منهنجو جسم ته پنهنجي مارن سان ايئين مليل ۽ ڳنڍيل آهي جيئن رلهيءَ جا ٻه تهه پاڻ ۾ ٽاڪي ملائي ڇڏبا آهن.اهي ٽاڪا ايڏا مظبوط ٿين ٿا جو رلهي ڦاٽي پئي پر ٽاڪا ناهن ٽٽندا. عمر پنهنجا زيور پاڻ وٽ رک مان ته پنهنجي مارن جي سنهي سئيءَ کانسواءِ پنهنجا ڪن ٽوپائي تنهنجا ڳهه ڪونه پائينديس. ڀٽائيءَ جي هن بيت ۾ هن ڌرتيءَ ۽ ان جي مارن سان محبت جو لازوال ۽ لافاني اظهار سمايل آهي. سو اچو ته پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان ٽوپي جا ٽَاڪَن جيان جڙيل ۽ ڳنڍيل هجڻ جو وچن ڪيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل