بِيرَ کنيَائُون بَرَ ۾، پِيَارِينِ پَهُون سِنجَنِ سَاٺِيڪَنِ تَي، وَڏِيءَ وَيرَ وَهُون پَايَو جَرُ جَنڊَنِ ۾، ڪَوڏَان ڪَنِ ڪَهُون ڏِينهَان ڏِينهِن نَئُون، مُون کَي وِرِهُ وَيڙِهيچَنِ جَو سُرُ مَارُئي بيرَ = کوهه بَرَ = برپٽ بيابان پَهُون = ٻڪريون سنجَن = ڪڍن سَاٺيڪَن = سٺ پره يعني اٽڪل ٽي سؤ فوٽ اونها کوهه. ٿر جو اتريون ڀاڱون مٿاهينءَ تي آهي اتي نهايت اونها کوهه ٿين. ڪي آسيا يعني اسي پره ۽ ڪي سئيا يعني سؤ پره اونها ٿين ٿا. وَڏيءَ وَيرَ = پرهه ڦٽيءَ ويل وَهُون = زالون جَرُ = پاڻي جَنڊَن = ڏولن، ٻوڪن ڪَوڏَان = خوشيءَ سان، شوق منجهان ڪَهُون = ڪيهون - پر هي ظلم واريون ناهن، خوشيءَ مان گوڙ، شور ۽ رڙيون ڪرڻ آهن بيت جو پس منظر ~ مارئي پنهنجي ملڪ ٿر کي ساريندي چئي ٿي ته منهنجا مارو رڻ پٽن ۾ نهايت اونها کوهه کڻندا آهن ۽ پوءِ پاڻي ڪڍي ٻڪرين کي پياريندا آهن. ~ ٽي سؤ فوٽ اونهن کوهن تان منهنجون ماروئڙيون پرهه ڦٽيءَ ويل پاڻي ڀرڻ وينديون آهن. ~ ڏولن ۽ ٻوڪن ۾ پاڻي ڀريندي خوشي ۽ سرهائي محسوس ڪنديون آهن. ~ منهنجو ماروئڙن سان عشق نت نت نئون ۽ ڏينهون ڏينهن وڃي پيو وڌندو. سمجهاڻي صحرائي ٿر جتي اڪثر ڪري ٻارهن مهينا ڏڪار جهڙي صورتحال رهي ٿي. ٿر ۾ ڇو ته ڪينال يا بئراج ڪونه آهن تنهنڪري مارو ماڻهو کوهن تان پاڻي ڀرين ٿا. ٽي سؤ فوٽ يا ان کان به وڌيڪ اونهن کوهن مان پاڻي ڪڍڻ ڪيڏو مشڪل هوندو. سوين ميل پنڌ ڪري مارو ماڻهو کوهن تان پاڻي حاصل ڪري پنهنجون ضرورتون به پوريون ڪن ۽ پنهنجي مال کي به پيارين. هونئن ته سڄي سنڌ ئي لاوارث ۽ ننڌڻڪي آهي پر خاص ڪري ٿر جا ماڻهون زندگيءَ جي سڀني آسائشن کان وانجهيل, پاڻيءَ لاءِ به ڪيڏو سڪن ۽ تڙپن ٿا. سو اچو ته هن بيت پڙهڻ کان پوءِ ڀٽائيءَ جي مشاهدي ۽ عظمت کي سلام ڪندي ان ڳالهه تي ويچاريون ته ڪاري سون جي وارث ٿر جي ماروئڙن جي قسمت ڪيئن ۽ ڪڏهنتبديل ٿيندي...!!؟ _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل