سَرِتيُنِ سِنجَڻُ ڇَڏِيَو، سَتِيُنِ ڳَالِهه سُئِي مَاڙَيچِي مَاڙِيُنِ ۾، ڪَڏِهِن ڪَانَه هُئِي عُمَرَ آن نَه مُئِي، اِنَ اَوڀَالِيَان اَڳَهِين سُرُ مَارُئي سِنجَڻُ = پاڻي ڪڍڻ، کوهه تان پاڻي ڀرڻ سَتيُن = پاڪدامن سُئي = ٻڌي مَاڙَيچي = ٿريلي، ماروئڙي، ٿر ڄائي مَاڙيُن = محلن، حويلين، ڪوٽن، ڪوٺين آن = آئون, مان، مون اَوڀَاليَان = طعنن، مهڻن اَڳَهين = اڳيئي بيت جو پس منظر ~ سرتين کوهن تان پاڻي ڀرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي جڏهن کين مارئيءَ جي کوهه تان کنڀجي وڃڻ جي خبر پئي آهي. ~ اڳ ايئين ڪڏهن نه ٿيو آهي جو ڪا ٿرڄائي محلن ۾ رهي هجي. ~ او عمر !! آئون ماڻهن جي هنن طعنن ۽ مهڻن کان اڳ جيڪر مري وڃان ها. سمجهاڻي مارئيءَ کي جڏهن زبردستي عمر کوهه تان کنڀي کڻي ويو ته اها ڳالهه سڄي ٿر ۾ ڦهلجي وئي. ٿريلين کوهن تان پاڻي ڀرڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ کوهه ويران ٿي ويا. ٿر جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن ڪا ٿريلي عورت ڪنهن محل، ماڙي ۽ ڪوٽ جي زينت نه بڻي هئي. مارئي پهرين عورت هئي جنهن کي ڏاڍ ۽ جبر سان کنڀيو ويو. سنڌ ۾ زبردستي کنڀي گم ڪرڻ جي اها روايت اڄ تائين هلندي اچي ٿي. بس فرق ايترو ٿيو آهي جو اڳي سهڻين ۽ خوبصورت عورتن کي کنڀيو ويندو هو. جڏهن ته هاڻي رنڪل ڪمارين ۽ انجلين سان گڏ سنڌ جي ڳڀرو پٽن کي به کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪجهه ڏينهَن ۾ سندن چچريل لاش ملن ٿا. سو اچو ته ڀٽائيءَ جَي بيت جَي پس منظر ۾ هن ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف آواز اٿاريون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل