پَاسَا پَولِڙِيُنِ ۾، ٻَانهُون سِرِ ٻَيئِي اَکِيُون، نَڪُ، اَرَيجَ رِي، ٽِمَايَمِ ٽَيئِي ڏُورِ ٿِيَا ڏَيهِي، پِرِين پَائُرَ وَٽِ ۾ سُرُ مَارُئي پَولڙيُن = ڦولڙين - ٻڪرين جون ڦولڙيون ٻَانهُون سر = مٿي هيٺان اَرَيجَ = بنا ريج - ٿر ۾ زمين جو ريج ناهي ٿيندو تنهنڪري معنى ٿيندي "ٿر" زمينون مينهن جي پاڻيءَ تي آباد ٿينديون آهن. ٽمَايَم = وهايم، ڳاڙيم، سميَم ٽَيئي = ٻئي اکيون ۽ هڪ نَڪُ ڏُور = پري ڏَيهي = منهنجي ڏيهه جا، ٿر جا مارو پَائُرَ = ٿر - ٿر ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، اتر واري حصي کي "کائر" ، ڏکڻ واري کي "پائر" ۽ وچئين حصي کي وارياسو ٽڪر يا ڍَٽَ چوندا آهن. بيت جو پس منظر ~ مارئي چئي ٿي ته ڪيئن ڪنڌ هيٺان ٻانهون ڏئي ٻڪرين جي ڦولڙين ۾ سمهندي هيس. ~ هاڻي ته هي ٻئي اکيون ۽ ٽيون نڪ روئي روئي پئي ٿر لاءِ وهايان. ~ منهنجا مارو ته مون کان گهڻو پري ٿا رهن. سمجهاڻي ڀٽائيءَ هن بيت ۾ مارئيءَ جي يادگيرين ۽ ساروڻين جي نهايت دلڪش فوٽوگرافي ڪئي آهي. مارئي پنهنجي ملڪ ٿر جون ساروڻيون ساريندي ان وقت کي ياد ٿي ڪري جڏهن ٻڪريون چاريندي ڏينهن تپي ويندو هيس. ڌڻ کي ڪنهن وڻ جي ڇانوَ هيٺان ويهاري ٻئي ٻانهون وهاڻو ڪري ڪنڌ هيٺان ڏيندي هئي ته اک لڳي ويندي هيس. پاسو ورائيندي هئي ته ڦولڙين تي پاسا لڳندا هئس. ان وقت کي ياد ڪري سندس اکين جا بند ڀڄي پيا آهن ۽ هنجون هاريندي اکين سان گڏ نَڪُ به وهي پيو ٿس. عمر جي ڪوٽ کان سندس مارو گهڻو پري جو آهن. سو اچو ته اسان به جيلن، کولين، ماڙين ۽ ڪوٽن ۾ قيد اڄ جي ڳڀرو پٽن ۽ مارين جي آزاديءَ لاءِ سوچيون ۽ لوچيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل