ثقافتي ڏهاڙو ۽ اسانجي قومي ذميواري!!!!!

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ثقافتي ڏهاڙو ۽ اسانجي قومي ذميواري!!!!!
    غلام حسين لغاري

    سنڌي ميڊيا اخبارون ، چئنل ۽ انهن جا سرواڻ جس لهين جن سنڌي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ ۽ سنڌي قوم ۾ ٻڌي جو جذبو پئدا ڪرڻ لاءِ هر ڊسمبر جي پهرين آچر تي ثقافت ۽ ايڪتا وارو ڏهاڙو ملهائڻ جي روايت وجهي اگهور ننڊ ۾ ستل سنڌي ماڻهن کي پنهنجي سڃاڻپ جو احساس ڏياريو آهي پر افسوس جو هن ڏهاڙي کي اصل مقصدن کان هٽي ڪري ملهائڻ جي ڪوشس ٿي رهي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌي ٻولي ۽ ان جي ڳالهائيندڙن ۽ انجي ڌرتي هزارين سال پراڻي آهي ۽ هن ڌرتي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته دنيا جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ هت لکن جي انگ ۾ پير پيغمبر ، اولياءِ الله ۽ خدا جا درويش يا ته پئدا ٿيا يا وري هن مٽي کي پنهنجي عبادت جو مقام سمجهي خدا جي راهه ۾ عبادت ڪئي يا ايئن کڻي چئجي ته هي سنڌ ڌرتي پيرن پيغمبرن جي ڌرتي آهي ۽ هن ڌرتي جي ماڻهن ڪڏهن به پنهنجي سيني ۾ ڪنهن قسم جو ڪينو يا بغض ناهي رکيو ۽ سدائين امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي جيڪو ڪڏهن به ختم ٿي نٿو سگهي. سنڌ جي بزرگن جو مزارون هجن يا تاريخي ماڳ مڪان هن وقت به پنهنجي ڪرامت ۽ سونهن جا ظامن آهن جتي ڏيهي خواهه پرڏيهي پهچي زيارتون ڪن ٿا يا وري ماڳ مڪان ڏسي سنڌ جي تهذيب و تمدن بابت ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.

    سنڌ ۽ سنڌي جن جي هزارين سال پراڻي تاريخ ، تهذيب و تمدن هجي ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ ڇڙ و ڇڙ نظر اچي رهي آهي ۽ انهن ۾ نه ختم ٿيندڙ وڌندڙ ويڇا انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي. هن وقت سنڌي قيادت مختلف پارٽين ۽ گروپن ۾ ورهايل آهن جنهن سان سنڌي قوم کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي. هن ڏس ۾ سنڌي ماڻهن کي پنهنجا ذهن بدلائڻا پوندا ، پاڻ مان گروهي سياست ختم ڪرڻي پوندي ۽ سنڌي قوم کي انقلابي سوچ رکڻي پوندي تڏهن ئي سنڌي پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب کي محفوظ رکي سگهندا ۽ ٻڌي جو ثبوت پوري دنيا آڏو ظاهر ڪري سگهن ٿا. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي بلڪه حقيقت آهي ته جنهن قوم کي پنهنجي الڳ ڌرتي ، زبان ۽ سڃاڻپ هجي اها ڪڏهن به ختم ٿي نٿي سگهي ۽ نه وري ڪنهن صيهوني ذهنيت رکندڙ جي ناپاڪ ڪوشش ڪامياب ٿي سگهندي. هوشو شهيد جو اهو نعرو ئي ڪافي آهي ته مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون. پر خبر ناهي ته سنڌي قوم هر لحاظ کان شاهوڪار هوندي به ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏتڙيل ۽ مايوسين جو شڪار ڇو رهي آهي. افسوس جي اها ڳالهه آهي ته سنڌواسين کي مايوسي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جي ڪنهن به سياسي قيادت لاءِ اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل سنڌي اڳواڻن ڪا ڪوشش ناهي ڪئي جڏهن ته سنڌ ۾ سنڌين جو راڄ رهيو آهي ۽ وفاق ۾ به سنڌ ڄاون ڪيترا ڀيرا اقتدار ماڻيو آهي. هن وقت اها صورتحال آهي جو سنڌ جا قدرتي وسيلا به ڌارين جي قبضي هيٺ آهن جن تي سنڌين جي حاڪميت نه هئڻ جي برابر آهي. ڪوئلو هجي يا تيل و گئس يا درياهه جو پاڻي سنڌ دشمن قوتن جي قبضي هيٺ هجڻ ڪري سنڌ ۾ بک بيروزگاري سبب سنڌي نسل بک وگهي پيو مري ۽ سنڌين جي نسل ڪشي پئي ٿئي.

    هن ڀيري سنڌ ۾ ٻڌي ۽ ثقافت وارو ڏهاڙو ان موقعي تي ملهائجي رهيو آهي جڏهن سنڌي والدين کي سندن گلن جيان ٻهڪندڙ نوجوانن جا لاش ملي رهيا آهن.سنڌي ڪونڌر ۽ سياسي و مذهبي اڳواڻ ڪسجي رهيا آهن ۽ سڄي سنڌ غم ۾ ورتل آهي ۽ هر پاسي ڪارا ڪڪر ڇانيل ۽ احتجاج هلي رهيا آهن. خبر ناهي ته اسان اهي ڏينهن صرف ئي صرف ريلين ۽ جمهرين تائين ڪهڙي ڪارڻ محدود ٿا رکون ٿا جڏهن ته ثقافتي ڏهاڙي جا ڪجهه ٻيا به رنگ آهن جيڪي سنڌي اخبارن ۽ چيئنلن کي شايد نظر نٿا اچن. ٿيڻ ته اهو گهرجي جو سنڌ جي نئين نسل کي سنڌ جي تاريخ ، تهذيب ۽ تمدن کان ثقافتي نمائشن ،سيمينارن ۽ خاص ڊاڪيومنٽريز وسيلي آگاهه ڪرڻ گهرجي جيڪو اسانجو قومي فرض آهي. سنڌ جي جن به وسندين ۾ ثقافتي ۽ ٻڌي وارو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو اتي جهمريون ته لڳن ٿيون پر افسوس اهو آهي جو اتي مقامي قبرستانن ۾ ابدي آرام ۾ ستل پنهنجي قومي صحافين ، شاعرن ، فنڪارن ۽ اديبن کي مڙي به ناهي ڏٺو يا ٻه پير ڀري سندن مزارن جي پهچي ڪجهه گل رکيا وڃن جن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙي طرح اهي صحافي ، فنڪار يا اديب جيڪي بيماري جي بستر تي پيل آهن ۽ گهرن تائين محدود آهن انهن جي پرگهور لهڻ کان به لنوائڻ نه گهرجي ۽ وٽن گلدستا کڻي سندن عيادت لاءِ پهجي جيڪو اسانجو اخلاقي فرض به آهي.وري به شابس هجي انهن دوستن کي جن ريلين ڪڍڻ کان هٽي ڪري پنهنجي روايتي انداز ۾ صوفين ۽ بزرگن تي حاضري ڀرڻ ، چادرن چاڙهڻ ۽ دعائن گهرڻ جو پروگرام جوڙيو آهي جيڪو انهن دوستن لاءِ به هڪ قسم جو پيغام آهي ته اهي به پنهنجي پنهنجي ڪارڪنن کي اها هدايت ڪن ته ريلين ڪڍڻ سان گڏ مقامي قبرستانن ۾ ابدي آرام ۾ ستل صحافين ، شاعرن ، اديبن ، فنڪارن ۽ سنڌ دوستن جي مزارن تي پهچي انهن کي به ڀيٽا ڏين.واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ميڊيا وارن دوستن جو.

    hussainlighari@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو