• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نثري نظم اريشا بلوچ ....................... سياري جون سرد راتيون ۽ تنهنجا ڪوسا ڀاڪر ناهن وسريا

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ areesha
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

areesha

سينيئر رڪن
نثري نظم

اريشا بلوچ
.......................

سياري جون سرد راتيون
۽ تنهنجا ڪوسا ڀاڪر
ناهن وسريا مونکان پرين!
مونکي ياد آهي
چانڊونڪين راتين ۾
اچانڪ بارش جو پوڻ
طوفاني گجگوڙ جي
ڀيانڪ آواز کان ڊڄي وئي هيس
تنهنجو پنهنجي ٻانهن ۾ پناھ ڏيڻ
ناهي وسريو مونکان پرين!
هڪ دفعي
جواب ڏيڻ ۾ دير ٿي وئي هئي
جڏهن تو مونکي پڪاريو هو
چرين وانگر مونکي ڳوليندي
ڪيڏو پريشان ٿي ويو هئين
۽ تنهن پل
منهنجو اچانڪ سامهو اچي وڃڻ
تنهنجو ڇڪي ڇاتي لائڻ
ناهي وسريو مونکان پرين!
تنهنجي مون سان تند اٽڪيل آهي
۽ منهنجي توسان جند اٽڪيل آهي
جن تان تو مون لئه پنڌ ڪيا
مون اهي سڀ رستا چميا آهن
ناهن وسريا مونکان پرين!
مونکي توکي زندگي سمجهيو
تو مون لئه بندگي ڪئي آهي
تو مونکي پنهنجي شاعري ارپي
۽ مون توکي پنهنجي هر خوشي ارپي ڇڏي
تنهنجو منهنجي هن اونداهي جيون ۾
چنڊ جون روشن چانڊوڪيون ارپڻ
ناهي وسريو مونکان پرين!
 
ادي تمام بهترين خيال.
نظري نظم سان گڏ جيڪڏهن توهان وٽ غزل هُجن ته اهي به ونڊ ڪريو ته جيئن ڊزائين ڪري رکي سگهجن . :)
 
Back
Top