سنڌسلامت آن لائين رسالو ڪڍڻ لا صلاح مشورو

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2014۔

  1. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺو،بهترين ڪم
    جيڪڏهن ڪير رڪن تحرير موڪلي ته ان لا هڪ الڳ اي ميل جوڙي وڃي.جنهن سان آساني ٿيندي.
    هن طرح اي ميل هجي
    mag.sindhsalamat@gmail.com
    مئگزين 2015 ۾ جنوري جو پبلش ڪيو وڃي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تمام بهترين ڪم آهي، ان جي شروعات ۾ دير ڇا جي؟ ها پر ادا عبدالحفيظ لغاري جي ڏنل صلاحن کي مدِ نظر رکندي رسالو فلحال آن لائن ئي پبلش ڪجي ته بهتر ٿيندو.. رسالي لاءِ گهربل گهڻو مواد هن ويبسائٽ تي اوهان کي موجود ملي ويندو... بس ان کي تسلسل سان تيار ڪرڻو پوندو. رسالي جي لي آئوٽ ڊزائن جو گهڻو تجربو ادا ابوواصف کي آهي ۽ مواد جي چونڊ جو ذمو ادا سليمان وساڻ، ممتاز وگهيو، درويش ۽ منهنجي مٿان رکجي تڏهن به صحيح رهندو ۽ ٻي ڳالهه ته ضروري ناهي ته رسالي جي پهرئين ئي ايڊيشن ۾ 20 يا 40 صفحا هجن، پهرئين تجرباتي ڪاپي ڪڍي ان جو سوشل ميڊيا تي هڪ پيج ٺاهجي ۽ ان پيج تي ئي هر مهيني سنڌسلامت جي هن رسالي جو ايڊيشن اپڊيٽ ڪجي..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ

    جي ادا اوهان بلڪل صحيح چيو آهي هن لا الڳ ايميل هجي ۽ جنوري ۾ پبلش ڪيو وڃي هن لا عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم صاحب کي چوڻو پوندو جئين هو چون

    سائين ناراض نه ٿجو! پو هتي جيڪڏهن اسان پاڻ پنهنجي منهن رسالو ڪڍون ها ته اوهان کان صلاح مشورو نه ڪيون ها، پر هتي اهو سهرو اوهان جي سر تي رکڻ لا ئي هتي پوسٽ ڪيو ويو آهي اوهان ئي هن رسالي کي بهتر کان بهتر بڻايو هن ڏس ۾ جيڪا ٽيم جوڙڻ چاهيو اهو سائين ذيشان رشيد ، سليمان وساڻ ، عبدالحفيظ لغاري عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ، ۽ جيڪي به سنڌ سلامت جي انتظاميه ۾ شامل رڪن آهن اهي ئي ٽيم ٺاهي هن ڪم کي تڪميل تائين پهچائين

    اوهان جي مهرباني
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    مون کي نهايت گهڻي خوشي ٿي ته سنڌ سلامت تي وڌ کان وڌ ڄاڻ ڏني پئي وڃي جيڪا بهترين ڪاوش آهي پنهنجي قوم جي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي شهرن ۾ رهي ڪافي ڄاڻ کان اڻ واقوف آهن آن لائين رسالو سنڌ سلامت طرفان بهترين قدم آهي جس لهي پوري ٽيم جيڪا سنڌي ٻولي کي عام جام ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي مان ڪجهه مختصر راءِ ڏيندس پر جڏهن فرصت ملي ته ضرور......في الحال وقت جي گهٽتائي سبب معذرت
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ادا اسان اوهان جي را جو انتظار ڪنداسين
     
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سڀني محترم دوستن جي وڏي مهرباني جن پنهنجا رايا ڏِنا. :)
    آئون رسالي جي شروعات ايندڙ آچر کان شروع ڪريان پيو، انشا الله جنوري جي پهرين تاريخن ۾ رسالي کي آنلائن ڪيو ويندو :)
    وري به سڀني دوستن خاص ڪري ذيشان رشيد ، مست ، سائل مهراڻ ، عبدالحفيظ لغاري سليمان وساڻ جن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي پنهنجي را ڏِني :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا مست الست آهيون پر سڀ سمجهون ٿا............
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ته سائين عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم صاحب جيڪو ڪم اوهان تي رکيو آهي هن ۾ اسان جي مدد ڪيو

    مان اوهان کي ذاتي ڪچهري ۾ ٻڌايان ٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سمجهان ٿو اڪثر دوست ان ڳالهه جا حامي آهن ته آنلائين رسالو شروع ڪجي .... اچو ته هاڻ ان کي سيريس ٿي شروع ڪيو ....

    جلدي نه ڪيو ... دوستن جو ايڊيٽوريل بورڊ جوڙيو جيڪو مواد کي چيڪ ڪري، ان جي پروف ريڊنگ ڪري ۽ ٻولي جي حوالي سان ڊاڪٽر آصف جمال چارڻ کان به رايا وٺجن. لي آئوٽ ۽ ڊزائننگ بابت سائين ابو واصف کان صلاح وٺو .... صحت سرير جي ڊاڪٽر ممتاز قريشي جي حوالي ڪيو .......

    اسلامي معلومات ۽ شخصيتن بابت ڊڄان پيو ڪٿي سنڌ سلامت اسلامي سيڪشن وانگر هتي به ساڳيو ڪم نه ٿئي .... تنهنڪري بهتر رهندو ته قرآن جي هڪ آيت ۽ تشريح ۽ هڪ حديث شامل ڪيو.

    هڪ سيڪشن نوان آيل ڪتابن بابت هجي .... سنڌي ڪتاب جيڪي مارڪيٽ ۾ ڇپجي آيا هجن.

    شاعري جي حوالي سان هر مهيني هڪ شاعر، سندس تعارف ۽ چونڊ شاعري هجڻ گهرجي.

    ڪجهه چونڊ نثري ٽڪرا پراڻي ڪتابن مان به پيش ڪري سگهجن ٿا.

    حالات حاضره تي ليک به هجڻ گهرجن. هڪ سيڪشن انٽرويوز جو هجڻ گهرجي ... سنڌ سلامت انٽرويو

    خيال اڃان به ايندا ..... تڪڙ نه ڪيو ... مواد ڪٺو ڪيو، خيالن کي ڪاغذ تي آڻيو .. اسان کي به ٿورو واندو ٿيڻ ڏيو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سليمان وساڻ جي وڏي مهرباني جنهن دير آيد درست آيد جي پوئواري ڪندي هڪ جامع راءِ ڏني.
    ساڻس متقف ٿيندي چوڻ چاهيندس ته سليمان جي ٻُڌايل سيڪشنس کي رکجي. مواد جي چونڊ تي ڪو به سمجهوتو نه هُجڻ گهُرجي. ٻولي جي ماهر کان راءِ وٺي پوءِ فائنل ڪجي.
    پنن جو پيٽ ڀرڻ مقصود نه هُج پر دلچسپيءَ ۽ معلومات وارو مواد پڙهندڙن کي پڙهائجي.
    دوست وڌيڪ شيڪنس ايڊ ڪرڻ بابت رايا ۽ طريقيڪار ٻُڌائن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    دير آيد دُرست آيد :)
    تڪڙ ان ڪري ٿو ڪريان ته مواد جي چونڊ، لفظن جي جوڙجڪ، ٻوليءَ جي بيهڪ وغيره صحيح ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو ٻيو ته دوست اڪثر مصروف رهندا آهن اڄ ارڙهين تاريخ آهي باقي ٻارنهن ڏينهن بچيا آهن، رسالي لاءِ مواد گڏ ڪرڻ پوءِ ان جي سيٽنگ ڪرڻ، لي آئوٽ ۾ سيٽنگ ڪرڻ ۾ ئي ٻارنهن ڏينهن لڳي ويندا. ان ڪري جيترو جلدي ٿي سگهي ته ڪم ڪجي.
    ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن تڪڙ نه ڪئيسين ته پوءِ ڪم نه ڪري سگهنداسين. :) ان ڪري ڪم ۾ ٿوري جلدي به ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان.

    بلڪل درست فرمايو.
    اوهان دوستن جي راءِ جو انتظار هو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ٿوري مدد سائين ابو واصف کان به وٺو.جيئن آن لائين جلد ٿي سگهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    مان سائين سليمان وساڻ سان متفيق آهيان، صلاح مشورو هتي ڪيو ويو آهي هان هن کي عملي رنگ ڏيڻ طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جئين ڪم سهڻي نموني ٿئي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    محترم دوست سائل مهران صاحب تمام بهترين صلاح ڏني آهي ، ڪافي دوستن پنهنجي نظريئن کي واضح ڪيو آهي
    هي ڪم تمام بهترين آهي مواد جامع هجڻ گهرجي ڪوبه اختلافي موضوع هن ۾ شامل نه هجي جيئن اڄ ڪلهه اسلام واري موضوع ۾ ظلم ٿي رهيو آهي دوست هڪ ٻي کي ڪافر ثابت ڪرڻ تي لهي آيا آهن
    ان ڪري رسالي ۾ اهڙو ڪوبه موضوع شامل نه ڪيو وڃي جنهن جي ڪري رسالي کي سٺي موٽ نه ملي
    اميد آهي ته دوست پنهنجي زمه داري جو مظاهرو ڪندا
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو