رَوئِي ڪَندِينءَ ڪَوهُه؟ هَاڻَي ڪَو هَوتُ وَرَي؟ جَيڏِيُون جَيڏَوئِي ڪَيَو، سَاڻُسِ سَيڻَ سَتَوهُه ڊَوهِي اَٿِيَان ڊَوهُه، مَتَان ڪَا مُون سِين ڪَرَي سُرُ حُسَيني (سَسُئي) ڪَوهُه = ڇا وَرَي = موٽي، واپس اچي جَيڏيُون = سرتيون، سهيليون سَاڻُس = هن سان - سسئيءَ سان سَيڻَ = سڄڻ، محبوب، دوست – پنهونءَ سَتَوهُه = ظلم، ڪِيسُ، قهر، بيداد، انڌير ڊَوهي = قسم ڊَوهي اَٿيَان = قسم اٿوَ ڊَوهُه = دغا، ويساهه گهاتي، فريب، ٺڳي بيت جو پس منظر ~ هاڻي روئي ڇا ڪندينءَ؟ تنهنجو محبوب پنهون ڪو واپس ته ڪونه ايندو؟ ~ سسئي پنهنجي سرتين کي پئي چئي ته پنهونءَ مون سان وڏو ظلم ڪيو آهي. ~ پر او سرتيون !! توهان کي قسم آهي منهنجي محبت جو توهان مُنهُن نه مَٽَي وڃجو. سمجهاڻي پنهونءَ کي سندس ڀائر رات جي اونداهيءَ ۾ سسئيءَ کان ڇني ڌار ڪري اٺن تي چاڙهي ڪيچ مڪران ڏانهن هليا ويا. جڏهن صبح جو سسئي ننڊ مان جاڳي ته پلنگ خالي ڏٺائين سندس جيءُ جهري پيو، هنيانءُ ڳري پيو.اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. سندس نيڻن مان لڙڪ موتين جي لڙيءَ جيان لارون ڪري وهڻ لڳا. سرتيون کيس آٿت ۽ دلاسا ڏينديون رهيون ۽ کيس سمجهائينديون رهيون ته هاڻي روئڻ مان ڪهڙو فائدو؟ پنهون هاڻي ڪڏهن به واپس نه ايندو.سسئي سرتين کي چوڻ لڳي ته پنهونءَ جيان توهان مون سان ڪا ويساهه گهاتي نه ڪجو. محبوب سر ساهه جا مالڪ ٿين ٿا انهن جو پل به پري رهڻ جيءُ جهوري ۽ هنيانءُ ڳاري وجهي ٿو. پر جي اهو وڇوڙو هميشه لاءِ هجي ته ماڻهون جيئري ئي مري وڃي ٿو. سو اچو ته ڀٽائيءَ جي هن رومينٽڪ بيت مان درس حاصل ڪيون ته اسان سسئيءَ جهڙي غفلت ڪري پنهنجا پرين پاڻ کان ڪڏهن پري نه ڪنداسين. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل