ساڌنا شوداساڻي (1941ع کان 1995ع تائين) هندي فلمن جي نامور اداڪاره ساڌنا شوداساڻي جو جنم حيدرآباد سنڌ ۾ 2 سيپٽمبر 1941ع تي ٿيو، سندس وڏا اڳتي هلي ڪراچي وڃي رهيا، ورهاڱي سبب سندس خاندان سنڌ ڇڏي ڀارت ۾ پهرين اتر پرديش ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ پوءِ 1950ع ڌاري بمبئي ۾ رهيو، جتي 1957ع ڌاري هن ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي، هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جئه هند ڪاليج بمبئي ۾ داخلا ورتي، هن 15 سالن جي عمر ۾ ڪاليج جي زماني ۾ شري 420 (1955ع) فلم جي گاني "ايچڪ دانا، بيچڪ دانا" تي صداڪاري ڪئي هئي. مشهور اداڪار هري شوداساڻي سندس چاچو ۽ ناليواري سنڌ ڄائي فلمي اداڪاره ببيتا سؤٽ هئي، گهريلو ماحول سبب اداڪاري جو شوق منجهس ننڍي هوندي کان ئي هو، هن باقاعدي 1958ع ڌاري فلمي دنيا ۾ پير پاتو، سندس پهرين فلم "اباڻا" هئي، جيڪا اڄ به سنڌ جي مقبول ترين فلمن سڏي وڃي ٿي، سنڌي فلم "اباڻا" کانپوءِ هن 1960ع ڌاري هندي/اردو فلم "لَو ان شِملا" ۾ ڪم ڪيو، جيڪا هن جي پهرين هندي/اردو فلم هئي، جنهن ۾ هن هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو، سندس اها فلم 1960ع جي سڀ کان بهترين فلم قرار ڏني وئي، فلم جي ڪاميابيءَ کانپوءِ فلماليا طرفان ساڻس ٽن سالن جو معاهدو ڪيو ويو ۽ سندس ٻي فلم "هم دونون" به تمام مقبول ٿي، ان ئي دوران جئه مکرجي سان گڏ "ايڪ ٿا مسافر، ايڪ ٿي حسينا" ۾ ڪم ڪيائين، سندس اها فلم پڻ ڪافي مقبول ٿي، 1960ع کان 1970ع جي وچ واري عرصي ۾ هن کي بالي ووڊ جي پهرئين نمبر جي اداڪاره جو درجو مليو، ان کانپوءِ سندس ڪيتريون ئي فلمون ان وقت باڪس آفيس تي سپر هٽ ٿيون، جن مان "ميري محبوب" (1963ع، جنهن نئشنل ۽ فلم فيئر ايوارڊ کنيو)، "وه ڪون ٿي" (1964ع)، "وقت" (1965ع)، "ميرا سايه" (1966ع)، "انيتا" (1967) باڪس آفيس تي سپر هٽ ثابت ٿيون، سندس رقص تي مبني "لگ جا گلي"، "نينا برسي"، "جهڪا گراري" وغيره سدا حيات فلمي گيت آهن، جن ۾ هن ناچ جا ڪلاسيڪل انگ آندا، سڌنا کي اداڪاري سان گڏ رقص تي به عبور حاصل هو، فلمي دنيا ۾ اچڻ بعد ساڌنا کي اداڪاري سان گڏ رقص تي به عبور حاصل هو، فلمي دنيا ۾ اچڻ بعد ساڌنا پنهنجي وارن جي خاص انداز سبب به مشهور ٿي، سندس وارن جو اهو انداز "ساڌنا ڪٽ" جي نالي سان مشهور ٿيو، ساڌنا شوداساڻي ان وقت جي مشهور اداڪارن ديو آنند، جئه مکرجي ۽ ٻين سان اداڪاري ڪئي، وچ ۾ سندس طبيعت ناساز ٿي پئي ۽ ڪيترو عرصو بوسٽن اسپتان آمريڪا ۾ زير علاج رهي ۽ 1969ع ڌاري واپس هندستان آئي، 1989ع ڌاري هن ۽ سندس مڙس هڪ پراڊڪشن ڪمپني قائم ڪئي، ان دوران هن هڪ فلم جي ڊائريڪشن پڻ ڏني، سندس شادي "لَو اِن شملا" فلم جي سيٽ تي ساڻس ڪم ڪندڙ ڊائريڪٽر رام ڪرشنا سان 1966ع ۾ ٿي، جنهن مان کيس ڪو اولاد نه ٿيو، ساڌنا کي بهترين اداڪاره طور وڏي مشهوري ملي، کيس بهترين اداڪاري طور فلم فيئر ايوارڊ لاءِ ڪيترائي ڀيرا نامزد ڪيو ويو، انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊمي پاران 2002ع ۾ کيس فلمي خدمتن عيوض لائيف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ (وفات کانپوءِ) مليو، آخري عمر ۾ کيس اکين ۽ دم جي بيماري ٿي پئي، جنهن جو علاج پڻ هن بوسٽن اسپتال آمريڪا مان ڪرايو، آخر 1995ع ڌاري وفات ڪيائين. روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
تمام سٺي شيئرنگ . هاڻ هن شخصيت بابت جيڪو به سنڌيءَ ۾ سرچ ڪندو ته سولائيء سان کيس ديٽا ملي ويندي. مهربانيون ... اوهان جي هيء ڪاوش وڻي .... مانُ ڏيڻ لاء مهربانيون