اَندَرِ جُهڙ جُهورِ وَهَي، ٻَهَرِ ڪَڪَرُ نَه ڪَوءِ وَسَائِيندَي وِڄُڙِي، حُبَ تِنِين کَي هَوءِ لَالَنُ جَنِين لوءِ، تَنِ اَوڪَاڻيِن اَکِيُون سُرُ سَارَنگُ جُهور = زور، گهڻو، وڏي تعداد ۾ ٻَهَر = ٻاهر، ٻاهرين دنيا ۾ وڄُڙي = کنوڻ - عشق جي باهه, چمڪاٽ، تجلا، کورا، لاوا، اُلَا حُبَ = سڪ، اُڪيرَ، ملڻ جي آس اميد لَالَنُ = پرين، محبوب لَوءِ = مڪان، جڳهه - پر هتي معنى ٿيندي دل اَوڪَاڻين = سُڪَن، روئڻ کان بس ئي نٿيون ڪن بيت جو پس منظر ~عاشق جي اندر ۾ وڏا جهڙالا ۽ ڪڪر ڇانيل آهن پر ٻاهر ڪوبه جهڙ يا ڪڪر ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ~ جن کي محبوب جي ملڻ جي سڪ ۽ اڪير آهي انهن جي مٿان عشق جي باهه جا اُلا ۽ لاوا سدائين پيا وسن. ~ جن جي دلين ۾ صرف محبوب ئي آهي تن جون اکيون لڙڪ لارن کان بس ئي نٿيون ڪن. سمجهاڻي موسمون گرم ۽ سرد ٿين ٿيون ڪڏهن ڪاڙهو، گرمي ۽ ٻوسٽ ته وري ڪڏهن اتر جون تيز ٿڌيون هوائون ۽ سياري جون سرد راتيون. ڪڏهن آنڌاريون، طوفان ته وري ڪڏهن برساتون، مينهَن ۽ وسڪارا. هي موسمون نه رڳو ٻاهرئين دنيا ۾ پر انسان جي اندر ۾ به ٿين ٿيون. هنن ۾ وڌيڪ شدت تڏهن ٿي اچي جڏهن پرين اکين کان پري ٿا ٿين. عاشق جي اندر ۾ ڪڪر ڪارونڀار، جهڙ، مينهَن ۽ طوفان آهن پر ٻاهر آسمان صاف آهي، ڪي به ڪڪر ڪونهن. عشق جي باهه اندر ۾ وڏا طوفان, کنوڻيون، گجگوڙون، چمڪاٽ ۽ باهين جا مچ مچايا آهن. انهن دلين ۾ جن کي سڪ ۽ اڪير آهي محبوب ملڻ جي انهن نيڻن مان لڙڪن لارون ڪڏهن ختم ناهن ٿينديون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
ڪڪر منجهه ڪپار جهڙ نيڻئون نه لهي جهڙا منهنجا سپرين تهڙا مينگھ ملهار کڻ اکيون کل يار ته وڃن سور سنڌا ڪيو