اَوڇَڻُ گُهرِجَي آجِڪَو، جُهوپُو سَهَي نَه سِيءُ سُڻَائِجُ سُوَڙَ کَي، حَالُ مُنهنجَو هِيءُ اَڱَڻِ آيَو ٿِيءُ، تَه ڍَولِيَا ڪَنهِن ڍَنگِ ٿِيَان سُرُ سَارَنگُ اَوڇَڻُ = ڍَڪُ، پناهه، اجهو - رهڻ لاءِ جاءِ آجڪَو = سمر - کاڌي پيتي جون شيون، ضرورت جو سامان جُهوپُو = جهوپڙي، ڪکائين جاءِ سُوَڙُ = سيبتو، ڏاهو، ڪانڌ ڍَوليَا = محبوب، وَرُ، مڙس ڍَنگ = ڪنهن چڱي حال ۾ بيت جو پس منظر ~ منهنجي ڪکائين جهوپڙي سيءَ جي سٽ سهي نه ٿي سگهي سو مون کي ڪا مظبوط پناهه يا ڇت گهرجي. ~ منهنجي محبوب مڙس کي وڃي ڪو ٻڌائي منهنجي هي رحم جوڳي حالت جي باري ۾. ~ او منهنجا محبوب !! هاڻي گهڻا ڏينهن لاتئي سو موٽي اچ ته مان به ڪو ماڻهو ٿيان. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي بيت انهن لکين، ڪروڙين انسانن جي بنيادي انساني حقن اٽي، لٽي ۽ اجهي کان وانجهيل مسڪين ۽ مظلوم عوام جي پڪار، مطالبو ۽ آواز آهي.هن وڏيرڪي ۽ جاگيرداري سماج ۾ الائي ڪيترا ماڻهو آهن جن جي ڇت صرف آسمان آهي. کين ڪو به پنهنجو اجهو ناهي. ڪيترائي ماڻهو آهن جن جو جسم، پيٽ ۽ پير اگهاڙا آهن. سندن بدن تي ليڙون ٿيون لَڙڪن. هنن لاءِ ڪنهن طعام، ٻوڙ، پلاءُ ته پري جي ڳالهه آهي، صرف پيٽ ڀري کائڻ به ناممڪن آهي. هو پيٽ بکئي اٿن ٿا ۽ پيٽ بکئي سمهن ٿا. هڪ رومانس جي جهلڪ به آهي ان جهڳيءَ ۾ رهندڙ هڪ عورت جي جنهن جي مڙس گهڻا ڏينهن لاتا آهن. زال ڏانهس نياپو ٿي ڪري ته سيءَ پئجي ويا هن سو دير نه لاءِ مون کي تنهنجي ڪوسن ڀاڪرن جي سڪ لڳي آ. سو اچو ته ڀٽائيءَ جي هن ٽي سؤ سال اڳ لکيل اٽي، لٽي، اجهي ۽ رومانس واري نظريي لاءِ پاڻ پتوڙيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل