ڪَانڌَ تُنهِنجَي پَاندَ رِي، سِيءَ مَرَان سَڀِ رَاتِ ڪَامِلَ ڪَپَاهُنِ ۾، جَهپَ نَه اَچَي جَهاتِ اَچِين جَي پِرِڀَاتِ، ته آئُون سِيءُ نه سَارِيَان سُرُ سَارَنگُ ڪَانڌَ = وَر، مڙس، محبوب پَاندَ = پلاند، پناهه، ڀاڪر ڪَاملَ = ڪماليت جو صاحب، عقلمند، ڏاهو، هوشيار، سيبتو ڪَپَاهُن = سوڙيُن، ڪمبلن جَهپَ = جهوٽو، کيپ، اک جو نه لڳڻ جَهات = ذات، بنهه، پل به، گهڙي کن پرڀَات = پرهه ڦٽيءَ ويلَ، باک ڦٽڻ ويل، اَسُرَ جو بيت جو پس منظر ~ او منهنجا محبوب تنهنجي ڀاڪر کان سواءِ مان سڄي رات سيءَ ۾ ڏڪندي ۽ ٿڙڪندي ٿي گذاريان. ~ هونئن ته منهنجي مٿان سوڙ يا ڪمبل به هوندو آهي پر مجال ٿئي جو تو سوا اک لڳي. ~ او سائين پرهه ڦٽيءَ ويل ئي جيڪر اچين ته وسري وڃيم ته سيءُ ڪيئن ٿيندو آهي ؟ سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي بيت پرڏيهه ڪمائڻ لاءِ ويل ماڻهن جي زالن ۽ محبوبائن جي نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ٿو ڪري. پنهنجي ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا اڻ لڀ آهن سو لکين مزدور، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻيا پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل مسلسل بک ۽ اڻ هوند جي ڪري قرض کڻي به ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڪمائڻ وڃن ٿا. ٻاهرين ملڪن مان جلد ڏيهه واپس ورڻ ڪو سولو ناهي ڇو ته اتان جا ادارا ۽ ڪمپنيون سخت شرطن تي ملازمت ڏين ٿا ۽ واپس ورڻ م سال لڳيو وڃن.هتي سندن زالون ۽ محبوبائون جدائيءَ ۾ اڪثر تڙپي روئي گذارن ٿيون. پئسو ئي ڀلا سڀ ڪجهه ناهي هوندو . نوجوان عورت لاءِ پنهنجي مرد يا محبوب جو پيار ۽ ڀاڪر وڏي وٿ، ڏڍ ۽ آٿت ٿيندا آهن. هن بيت ۾ هڪ نئين ڪنوار جي جذبن جي ڀٽائيءَ ڪيفيت بيان ڪئي آهي. مڙس سال لڳايا آهن مندون مٽجي ويون هن، اتر جون تيز هوائون لڳيون هن. ٿڌ ۾ اضافو ٿيو آهي سو هوءَ مالي نه جسماني ميلاپ جي شڪايت ٿي ڪري. کيس اڪيلائيءَ ڏنڀ جو ڏنا آهن، جيءُ جهري پيو ٿس. توڙي جو کيس سمهڻ لاءِ سوڙيون ۽ ڪمبل به آهن پر پنهنجي محبوب جي پيار ۽ ڪوسن ڀاڪرن نيڻين ننڊون حرام ڪيون اٿس. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
موت شل مري وڃي جيئن ساوڪ ساڙي سي ساريو تن سڄڻن کي منهنجو جليو وڃيم جي هاڻي پرين اوري ٿي ته ڏکن ڏوراپا ڏيون شاه سائين
حفيظ جو ٽيگ ڪرڻ جو ٿيو ته سوچيم ڪا خاص ڳالهه هوندي .. ۽ پوءِ شاهه صاحب جي بيت جي سمجهاڻي ڪجهه اهڙن لفظن سان ٿيل پڙهي جو areesha جي موڪليل شاعري وارا احساس جاڳي پيا.. سٺو ته اهو ٿيو جو سليمان ڊيزائين ڪرڻ دوران سمجهاڻي کي سامهون نه رکيو نه ته سور سوايا.. ۽ پاڻ اڪيلا ئي اڪيلا...