وَسَڻُ اَکِڙِيُن جِيئَن، جَي هُوندَ سِکِئَين مِينهَن تَه هُوندَ رَاتَو ڏِينهَن، بَسِ بُوندَينئُون نَه ڪَرِين سُرُ سَارَنگُ هُوندَ = جيڪر، ڪاش رَاتَو = راتين جون راتيون لاڳيتو بُوندَينئُون = بوندن کان، مينهَن جي ڦڙيُن کان بيت جو پس منظر ~ ڪاش !! او وسندڙ مينهَن جي تون عاشق جي اکڙين جيان وسڻ سکين. ~ ته جيڪر رات ۽ ڏينهَن بوندن کان بس ئي نه ڪرين. سمجهاڻي ڀٽائيءَ هن بيت ۾ عاشق جي آلين اکڙين ۽ بادل جي برسڻ جي ڀيٽ ڪئي آهي. اکين مان لڙڪن لارون ٻن موقعن تي وسنديون آهن. هڪڙو ته اوچتو ڪا انتهائي خوشيءَ جي خبر تي نيڻن مان نير جاري ٿيندا آهن. ٻيو وري جڏهن محبوب ڪاوڙجي پوندا آهن، رسي ڏور ڪنهن ڏوراهين ڏيهه هليا ويندا آهن ته پوءِ اکڙين جا بند ڀڄي پوندا آهن. ڀٽائي بادل سان عاشق جي اڃايل ۽ اُساٽيل اکين جي ڀيٽ ڪندي چئي ٿو ڪاش !! او ڪارن ڪڪرن مان وسندڙ مينهَن جي تون عاشق جي اکڙين مان وسندڙ لڙڪن لارون پسين ته جيڪر رات ۽ ڏينهَن برسڻ کان بس ئي نه ڪرين. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل