غلام رسول خان جتوئي 1905ع کان 1965عرئيس غلام رسول خان تعلقي موري جي ڳوٺ پراڻا جتوئي ۾ 1905ع ڌاري پيدا ٿيو، سندس والد خان بهادر حاجي امام بخش خان جتوئي به مشهور شخصيت ۽ بمبئي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر رهيو، خان صاحب غلام رسول خان جتوئي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ “پراڻا” جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي، 4 درجا پاس ڪري انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نوشهره مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول ۾ داخلا حاصل ڪيائين، جتي پاڻ 6 درجا پڙهيو، پاڻ زمينداري توڙي سياست ۾ حصووٺندو رهيو، ضلعي نواب شاهه جو وڏو زميندار ۽ اثر رسوخ وارو سياستدان ليکبو هو، 1930ع ۾ حاجي گل محمد خان جتوئي جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، 1931ع ۾ تعلقي ڪائونسل موري جو صدر چونڊيو ويو، 1944ع ۾ انگريز حڪومت کيس “خان بهادر” جو لقب ڏنو، 1946ع ۾ هن قائداعظم جي اپيل تي اهولقب ڇڏي ڏنو، ضلعي زمينداري بئنڪ نواب شاهه جو ڊائريڪٽر ۽ چيئرمين رهيو، پاڻ تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور حصو ورتائين، ضلعي نواب شاهه جي مسلم ليگ جو اڳواڻ پڻ رهيو، نواب شاهه ۾ آمد دوران قائد اعظم محمد علي جناح جو ڀرپور استقبال پڻ ڪيائين، ان کان اڳ خان صاحب علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ جو متحرڪ رڪن رهيو، نواب شاهه ۾ قاضي فيض محمد ۽ ٻين سان گڏجي خاڪسار تحريڪ جي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتائين، پاڻ 1945ع کان 1953ع تائين ضلعي لوڪل بورڊ نواب شاهه جو پريزيڊينٽ رهيو، ان عرصي ۾ ضلعي جي سماجي ترقي لاءِ ڪافي ڪم ڪيائين، تعليم تي خاص توجه ڏيندو هو، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي هن ضلعي ۾ وڌ ۾ وڌ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول هئا، لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول، ڊي سي هاءِ اسڪول جيڪو هاڻي ايڇ ايم هاءِ اسڪول سڏجي ٿو جي ترقي جو دارومدار رئيس غلام رسول جي ڪوشش تي آهي، ضلعي نواب شاهه جي زميندار جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو، جڏهن ته اڪثر زميندارن ان وقت غريب ماڻهن کي تعليم ڏيارڻ جي مخالفت ڪئي، غلام رسول خان جتوئي پنهنجي هڙان وڙان شاگردن کي وضيفا، فري بورڊنگ جو خرچ ڀرڻ، اعلى تعليم لاءِ چاهه ڏيارڻ ۽ هر ڪنهن کي نيڪ صلاح ڏيڻ سندس مکيه مقصد هو، پاڻ پنهنجي ڳوٺ نوان جتوئي کي سڌارڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪيائين، هاءِ اسڪول نوان جتوئي قائم ڪرڻ سندس ڪارنامو هو، هاسٽل ۾ رهندڙ ضلعي جي شاگردن جي کاڌ خوراڪ توڙي ٻيو تعليمي سڌارن ۾ سندس وڏو هٿ هو، هن 17 محرم الحرام 1385هه/19 مئي 1965ع تي وفات ڪئي ۽ کيس اباڻي قبرستان ۾ سندس والد صاحب جي ڀرسان دفنايو ويو. روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
مان سمجهان ٿو ته هي غلام رسول خان جتوئي اهوئي آهي جيڪو اڳوڻي وزير اعلى سنڌ ۽ نگران وزير اعظم غلام مصطفى جتوئي جو والد آهي.