جيهَا جَي تيهَا، مُون مَارُو مَڃِيَا مُون جَيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِنِ مَوڪَ ميهَا مُنهِنجِي آهَه اِهَا، ڪَڏَهِن ڪَيرَائِندي ڪَوٽَ کَي سُرُ مَارُئي هي بيت سر مارئي جي آخري متفرقه بيتن ۾ نائين نمبر تي آهي. اصل ۾ لفظ جهيا, تيها ۽ ميها ئي آهي پر آخري سٽ جو قافيو " اها" آهي . تيها, جيها ۽ ميها جي وچ ۾ اکر يي آهي ۽ يي ڏيڻ سان هڪ ماترا جو به اضافو ٿي وڃي ٿو ۽ ڀٽائيءَ جهڙو عظيم شاعر اهيا غلطي نٿو ڪري سگهي. سو تنهنڪري چئبو جيها, تيها ۽ ميها باقي لکبو جها, تها ۽ مها ته جيئن آخري قافيي " اها" سان ٺهڪي اچي. ان جي تصديق ڀٽائيءَ جي پارکو انور ڏنگڙائيءَ ڪتاب" لطيف جي ڊڪشنريءَ ۾ به ڪئي آهي. جيهَا = جهڙا تيهَا = تهڙا مَڃيَا = قبول ڪيا مَليرَ = مارئيءَ جو وطن – ٿر مَوڪَ = جهجهو، جام، گهڻي مقدار ۾ ميهَا = هڪ ڀاڄيءَ جو نالو آهَه = دل مان نڪرندڙ آواز، دعا، رڙ، سڏ، واڪو بيت جو پس منظر ~ منهنجا مارو جهڙا به آهن، ميرا، گدلا، غريب، مسڪين مون کي ڏاڍو وڻن ٿا. ~ منهنجون سرتيون، سهيليون، هڪجيڏيون، ٿريليون ملير جي ملڪ ۾ هن مند جهجهي مقدار ۾ ڀاڄيون چونڊي اچن ٿيون. ~ مان سدائين آسروند آهيان ته هي ڪوٽ ڪڏهن ڪرندو، ڀڄي ڀورا ٿيندو. سمجهاڻي مارئيءَ کي عمر طعنا ۽ مهڻا ڏيندي چئي ٿو ته جن مارن لاءِ روئين ٿي سي هڪ دفعو به ملڻ نه آيا ٿي. رهڻ لاءِ کين جڳهه ناهي، پهرڻ لاءِ ڪپڙا ۽ کائڻ لاءِ کاڌو ڪونهي. هُتي ته بک، اڻهوند ۽ هميشه ڏڪار رهي ٿو. مارئي چئي ٿي ته عمر جي ملڻ نه آيا آهن ته ڪا مجبوري هوندن. تنهنجي محلن کان مارن جي جهڳين کي وڌيڪ ٿي ڀانيان. اسين مارو سادو کائيندا ۽ پهريندا آهيون. منهنجا مارو جهڙا به آهن احترام لائق آهن. هينئر ٿر وسي پيو آهي ۽ منهنجون سرتيون ساين ڀاڄين جا ڍير گڏ ڪري گهر آڻينديون هونديون. منهنجي هر پل اهيا دعا آهي ته جنهن ڪوٽ ۾ مون کي قيد ڪري رکيو ٿي سو شل ڊهي پٽ پئي. سو اچو ته ڀٽائيءَ جي پيغام تي عمل ڪندي پنهنجي سنڌ وطن جي اٻوجهه، سادڙن ۽ مسڪين ماڻهن سان محبت ڪيون کين ڳلي لڳايون. اڄ جون ماريون رنڪل ڪماريون ۽ انجليون جن ڪوٽن ۾ قيد آهن تن کي ڊاهي پٽ ڪيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل