نثار احمد ناز الفتن جي آسري ڇا ڇا وڃايم دوستو محبتون ۽ ماڻهپو مڃتا وڃايم دوستو، ڏينهن جون سڀ روشنيون ۽ رات جا ٿڌڙا پهر صُبح سُهڻي شام جا پاڇا وڃايم دوستو! ڪا ڪمي ناهي ڪرم جي خود خُدا رحمان وٽ، هت هزارين حرس ۾ سجدا وڃايم دوستو هڙ هٿان مُنهنجي وئي ۽ وڙ ويا سڀ دوڙ ٿي، نوڪريون ۽ ”ناز“ سڀ ڌنڌا وڃايم دوستو
ادا سلطان اصل ڏاڍو مُڙس آهين ويچاري نثاراحمدناز جو اندر ڪڍي آيو آهين. هن غزل جا اڃان به ڪُجهه اهڙا بند آهن جو نثاراحمدناز سان گڏ توهان پاڻ پنهنجون اکڙيون آليون ڪري ويهندا. خير وري به جس هُجي توهان کي جو ياد رکيو اٿئو.