پَانڌِي چَئِجُ پِرينءَ کَي، جَورِ هَڻِي جَانَا پَيڪِڙَا پَيرَنِ ۾، ڪَرَايُن ڪَانَا آن رِءَ اَمَانَا، گَهنگَهرِ گَهارِيَان ڏِينهَڙَا سُرُ مَارُئي پَانڌي = پنڌ وارا، مسافر جَور = زور سان هَڻي جَانَا = سڄي هٿ جي اشهد آڱر نڪ تي هڻي توبهه ڪري - اڪثر توبهه ڪرڻ مهل ماڻهون پنهنجي نڪ تي زور سان آڱر هڻندا آهن جنهن سان ڳالهه جي شدت جو احساس ٿيندو آهي. پَيڪڙَا = پير ڪڙيون، ڏنڊا ٻيڙيون ڪَرَايُن ڪَانَا = ٻَانهُن جي ڪراين ۾ لوهه جا نال اَمَانَا = بي مانا، بي عزتا، ذلت ڀريا گهنگهر = پريشانيءَ ۾، اذيت ۾، مصيبت ۾ بيت جو پس منظر ~ مارئي پنهنجي قيد جي حالت ٻڌائيندي مارن ڏي نياپي ڏيڻ واري کي چئي ٿي ته نڪ تي آڱر هڻي توبهه ڪري ٻڌائجان. ~ ته مون کي پيرن ۾ پير ڪڙيون، ڏنڊا ٻيڙيون ۽ ٻانهُن ۾ لوهه جا نال لڳل آهن. ~ توهان کان سواءِ منهنجا ڏينهن بي عزتي ۽ اذيت سان ٿا گذرن. سمجهاڻي ڀٽائي هن علامتي بيت ۾ مارئيءَ جي قيد جي اندرئين ڪربناڪ حالت جي عڪاسي ڪئي آهي. مارئي رڳو ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ قيد ناهي پر سندس پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙيون ۽ ٻانهُن ۾ لوهه جا نال لڳل آهن. پنهنجي مارن کان پري عمر جي قيد ۾ رهڻ جَي ذلت جَي احساس ۽ اذيت، پيڙائن ۽ ڀوڳنائن ۾ سندس ڏينهَن پي گذريا. هن بيت جو گهرائيءَ سان جائزو وٺجي ته اڄوڪي سنڌ جي ڪيترن ئي عمر جهڙن ظالم وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ بدمعاشن جي قيد ۾ ڪيتريون ئي ماريون قيد ملنديون. ٻئي طرف الائي ڪيترا ڪونڌر پٽ ۽ ڳڀرو نوجوان ڏنڊا ٻيڙين ۽ پير ڪڙين ۾ جيل جي اوچين ديوارن اندر ڪوٺين ۽ کولين ۾ قيد ڪيل آهن. سو اچو ته ڀٽائيءَ جي هن بيت ۾ ڏنل فڪر تي غور ڪيون، سوچون ۽ لوچون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل