آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ اهم شخصيتون

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    شهرت، عزت ۽ دولت ڇا آهي؟ جيڪا مختلف شعبن ۾ شهرت حاصل ڪندڙ ماڻهن کي حاصل ناهي هوندي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي پسنديده اسٽارن جي قسمت سان حسد ڪندا آهن، پر حقيقت ته اها آهي ته ظاهري طور چمڪندڙ چنڊ وانگر لڳڻ باوجود اندران تڪليف ۽ مايوسي ڀريل هوندي آهي.
    [​IMG]
    گرودت:

    گرودت جي فلم پياسا دنيا جي سمورين سؤ عظيم ترين فلمن ۾ شامل آهي ۽ اداڪاري، هدايتڪاري ۽ پروڊيوسر طور سندس ڪاميابي مثالي هئي، پر سندس ماءُ 1978ع ۾ انڪشاف ڪيو هو ته هن نوجواني ۾ آپگهات ڪيو هو ۽ ان وقت ديو آنند کيس روڪڻ ۾ ڪامياب ويو هو.

    مائڪ ٽائسن:

    مائڪ ٽائسن پنهنجي زندگي جي خاتمي جي ڪوشش باڪسنگ ڪيريئر ۾ ناڪامي بعد ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ بعد ڪئي، ۽ ان کان بچڻ بعد نشي جو عادي بڻجي ويو.

    ليڊي ڊيانا:

    شهزادي ڊيانا شهزادي چارلس جي رويي کان مايوس ٿي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته خوش قسمتي سان وڌيڪ نقصان نه ٿي سگهيو.

    انجلينا جولي:

    انجلينا جولي پنهنجي نوجواني ۽ ويهه سالن جي عمر کان علاوه پنهنجن جاڙن ٻارن جي پيدائش ۽ ماءُ جي اوچتو وفات تي ڊپريشن جو شڪار ٿي وئي هئي، انهيءَ مايوسي جي انتها ۾ هوءَ پنهنجي جسم تي ڪٽ لڳائڻ جي عادي بڻجي وئي هئي، هالي ووڊ اسٽار موجب ڪجهه سببن ڪري پنهنجي جسم کي ڪٽڻ ۽ تڪليف سان مون کي زندگي جو احساس ٿيندو هو.

    هيلي بيري:

    پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هالي ووڊ اداڪارا هيلي بيري انڪشاف ڪيو ته ڊيوڊ جسٽس سان شادي جي خاتمي تي هن آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي، هيلي بيري موجب ”مان گاڏي هلائي ان ۾ ويهي رهيس ۽ مون کي خبر هئي ته ان ۾ گيس گهڙي رهي آهي، انهيءَ وقت منهنجي ماءُ مون کي ڳوليندي اتي آئي.“

    برٽني اسپيئرز:

    هڪ ليک موجب مشهور ڳائڻي برٽني اسپيئرز 2006 ۾ ٻيهر آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي، جڏهن ته خوش قسمتي سان بچڻ ۾ ڪامياب وئي.

    ڊريوبيري مور:

    آمريڪي اداڪارا، ماڊل، پروڊيوسر ۽ ليکڪه ڊريو بيري مور 14 سالن جي عمر ۾ هڪ ڇري سان پنهنجي ڪرائي ڪٽي پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته گهر وارن هڪدم مداخلت ڪري سندس جان بچائي ورتي.

    پيرس:

    مائيڪل جيڪسن جي ڌيءَ پيرس کي گذريل سال ايمرجنسي ۾ اسپتال آندو ويو، جتي خبر پئي ته هن پنهنجي زندگي پنهنجي هٿن سان کسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

    اليزبٿ ٽيلر:

    اليزبٿ ٽيلر هالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪارا هئي ۽ کيس قلو پطره به چيو ويندو هو، پر مقبوليت جي آسمان تي به پهچڻ باوجود هن وڌيڪ مقدار ۾ ننڊ جون گوريون کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    تمام بهترين ڄاڻ ادا
     
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هڪ نئين معلومات ۾ اضافو ٿيو.
     
  4. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    تمام سٺي معلومات شيئر ڪئي اٿو سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو