ٽڪرا ٽٽل صليب جا

'شيخ اياز' فورم ۾ بختاور ٽالپر طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2014۔

  1. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    هو نوجوان هو ۽ انقلاب سان هن جي عشق جي شروعات هئي.

    مان حيدرآباد ۾ هوٽل ”اورئينٽ“ ويٿو هوس ته هو اوچتو مون

    ڏانهن آيو ۽ مون کي کيڪر ڪري منهنجي ڀرسان ڪرسيءَ

    تي ويهي رهيو. ڪرسي تي ويهڻ کان اڳ هن نٽ هئمس جو

    ڪتاب ” هنگر“ (بک) شاپر مان ڪڌي ميز تي رکيو ۽ انهيءَ

    اداڪار جيان جنهن کي پوري ناٽڪ ۾ فقط هڪ جملو ياد

    هوندو آهي يڪدم چيائين اڄ ئي خريد ڪيو اٿم اڃان پڙهيو

    ڪو نه اٿم. جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته لينن ۽ ان جي زال

    ڪروپسڪيا شادي کان پوءِ ٻيڙي تي سير ڪري رهيا هئا ڳالهون

    ڪندي لينن چيو ”نٽ هئمس جو ناول ”بک“ مون کي ڏاڌو وڻندو

    آهي“. ان تي ڪروپسڪيا چيو ”پر نٽ هئمسن تي ڪيترائي ناول

    لکيل آهن، توکي فقط بُک ڇو وڻندو آهي؟ جنهن تي لينن چڙي

    جواب ڏنو ”ائين ڇو آهي ته توکي نٽ هئمسن جا ٻيا سڀ ناول

    وڻندا آهن. رڳو ”بُک“ ئي نه وڻندو آهي؟”


    هن مٿيون ٽوٽڪو ٻڌي، وڏي زور سان سان ٽهڪ ڏنو ۽

    چيائين، ”اڇا، ڪامريڊ لينن ائين چيو؟“ هن لفظ ”ڪامريڊ“ ايتري

    تيزيءَ اُڪير ۽ گهرائپ سان چيو ڄڻ ڪالهه هو لينن سان گڏ

    ساڳئي سماوار مان چائي پي آيو هو....

    شيخ اياز
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ثناءُالله سومرو

    ثناءُالله سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺاروشاه ضلع نوشهروفيروز
    بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. حامد گبول

    حامد گبول
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 فيبروري 2013
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪراچي سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو