لڇمڻ ڪومل لاڏاڻو ڪري ويو

'تازيون خبرون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنڌيت جو پرچارڪ لڇمڻ ڪومل لاڏاڻو ڪري ويو
    ڀارت ۾ سنڌيءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو ليکڪ لڇمڻ ڪومل دهلي جي هڪ اسپتال ۾ديهانت ڪري ويو. لڇمڻ ڪومل 1936ع ڌاري سنڌ جي شهر ڪنڊياري ۾ ڄائو. ورهاڱي وقت لکين سنڌين جيان هيءُ به جلا وطن ٿيو ۽ دهليءَ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين. ڪيترن ئي ادبي ادارن ۾ ڪم ڪيائين. ڀارت جي وڏي اخبار ”ٽائيمس آف انڊيا“ سان جڙيل رهيو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، مرتب ڪيا ۽ ترجمو ڪيا. ڳچ ڀيرا سنڌ گهمڻ آيو. اڌ دنيا جو سير ڪيائين. آخري پل دهليءَ ۾ گذاريائين.
    لڇمڻ ڪومل جا ڇپيل ڪتاب
    (1) ”هڪڙو هو راجا“ (ٻاراڻو ادب: 1965ع) جنهن تي کيس ڀارتي سرڪار جي تعليمي وزارت ’ٻاراڻي ادب جو ايوارڊ‘ ڏنو.
    (2) Folk Literature of Pakistan (1971ع)، جنهن جا هن وقت تائين ڇهه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن،
    (3) ”نئون صبح“ مشهور روسي شاعر ولاديمبر ماياڪو وسڪيءَ جي شاعريءَ جو ترجمو (1974ع)، جنهن تي کيس ماسڪو ۾ گهرائي، 1975ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ، روس جي نوبل انعام يافته اديب ميخائل شولو خوف هٿان ڏياريو ويو،
    (4) ”جيءَ جهروڪا“ (شاعري: 1975ع). سندس هن شعري مجموعي تي کيس 1976ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ايوارڊ ڏنو ويو،
    (5) ”ميري چادر“ (1978ع) راجندرسنگهه بيديءَ جي ناول ’ميلي چادر‘ جو ترجمو(1983ع ۽ سنڌ ۾ ٻيو ڇاپو جنوري 1986ع)
    (6) ”ميران ٻائي“ (مونوگراف: 1980ع) جيڪو ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ ڇپايو،
    (7) ”بلي شاهه“ (مونوگراف)، جيڪو ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپيو،
    (8) ”ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي“ (1986ع)، مشهور ڊرامانگار، هدايت ڪار، شاعر، اديب ۽ نارائڻ شيام جي ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ جي شخصيت ۽ فن تي ترتيب ڏنل ڪتاب.
    (9) ”پن ڇڻ جو پڙلاءُ“ (1996ع) نامور ناول نگار قرة العين حيدر جي ناول ’پت جهڙ ڪِي آواز‘ جو سنڌي ترجمو، جنهن کي ساهتيه اڪيڊميءَ 1997ع ۾ بهترين ترجمي جو ايوارڊ ڏنو،
    (10) ”وهي کاتي جا پنا“ (آتم ڪٿا: ٽي ڀاڱا)، 2006، 2008 ۽ 2009ع ۾ سنڌ ۾ سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي ۽ ورسٽي سنڌي پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپيا، جن مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ ڪيترا پنهنجا چاهيندڙ پيدا ڪيا.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اندر اندر لاچاري بيزاري آ
    ٻاهر ٻاهر مان ۽ دنياداري آ،
    ڪهڙا ڪهڙا ٿوهر ڄاوا ڌرتيءَ تي،
    مٽيءَ جي پڻ پنهنجي ڪا لاچاري آ.


    سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء جي عاشق، هند ۽ سنڌ جي البيلي شاعر، ليکڪ ۽ صحافي لڇمڻ ڪومل جي وفات تي سنڌ سلامت جو سٿ ڏکارو آهي.

    هڪ هنڌ شوڪت شورو لکي ٿو :

    رڳو زبان ۽ بيان جي خوبين کي ئي ڏسجي ته لڇمڻ ڪومل ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. هتي مون ”وهي کاتي جا پنا“جي فقط هڪڙي پهلوءَ تي نظر وڌي آهي، اهو آهي ان جو بيانيه انداز .
    اهو مڃيندي به ته لڇمڻ ڪومل وٽ بيان ڪرڻ جي بي پناهه قوت آهي، هو پڙهندڙن کي رڳو هڪڙي ئي دڳ يا هڪڙي ئي شاهي رستي تي وٺي هلندو ڪو نه رهيو آهي. دڳ ته آهي، پر ان مان ڦٽندڙ ڪئين پيچرا آهن. لڇمڻ ڪومل شاهي رستي تي هلندي هلندي، اسان کي ڪنهن نه ڪنهن پيچري تي وٺيو وڃي. وڏي ڳالهه اها آهي ته اسين انهن پيچرن ۾ وڃائجي گم به نٿا ٿيون. لڇمڻ اسان کي آڱر کان جهلي، وري واپس شاهي رستي تي وٺي اچي ٿو.
    ”وهي کاتي جا پنا“ عام آتم ڪٿائن وانگر ڪونه آهي، جنهن ۾ رڳو ماضيءَ جون مزارون هجن. لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا ۾ گذريل يادن ۽ گذاري ويل ماڻهن سان گڏ تازيون وارداتون ۽ جيئرا جاڳندا ماڻهو به آهن. هن آتم ڪٿا ۾ ڪالهه آهي، ته اڄ به آهي.
    لڇمڻ پڙهندڙ کي پري ڏورانهين ماضيءَ ۾ وٺي هلندي هلندي اوچتو حال ۾ موٽايو وٺيو اچي، ته ڪڏهن حال ۾ هلندي، ماضيءَ ۾ هڪ ڊگهي ٽٻي هنيو وڃي ۽ پڙهندڙ هن سان هر وقت گڏ آهي، جيڪو ڪٿي به ٿڪجي، بور ٿي، منجهي بيهي ڪونه ٿو رهي، پر ساڻس گڏ هلندو رهي ٿو.
    لڇمڻ جي آتم ڪٿا ڄڻ اسڪرين تي ختم نه ٿيندڙ فلم آهي، جنهن ۾ Flashes آهن. حال ۾ هلندي فلئش بيڪ ۽ وري واپس. اها Cinematic technique آهي. ساڳئي وقت آتم ڪٿا ۾ ڊرامائي عنصر به حيرت ۾ وجهندڙ آهي. ارسطوءَ “Poetics” ۾ ڊرامي جي ڪٿارسس واري پهلوءَ بابت جيڪي ڪجهه ٻڌايو آهي، ان کي ”وهي کاتي جا پنا“ ۾ پسي سگهجي ٿو.

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو