رات جي رهزنن هٿان شهيد ٿيل بينظير ڀٽو!!!!

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    رات جي رهزنن هٿان شهيد ٿيل بينظير ڀٽو!!!!
    آغا سراج خان دراني

    محترمه بينظير ڀٽو وڏي همت ۽ عقل واري داناءُ عورت هئي، هو رڳو پاڪستانين جي ئي نه پر دنيا جي وڏي ليڊر هئي، جيڪا هڪ عورت ۽ وري اها به مسلمان عورت هوندي دنيا جي ائڊوانس ترين ملڪن ۾ وڃي اتان جي مردن، عورتن ۽ اتان جي دانشورن ۽ سياسي سماجي توڙي مذهبي اڳواڻن کي ليڪچر ڏيندي هئي، دنيا ۾ پوئتي پيل ملڪ پاڪستان سان تعلق رکندڙ مسلمان عورت بينظير ڀٽو دنيا ۾ پاڻ کي انساني حقن ۽ جمهوريت جي دعويدار يورپي ملڪن (جنهن ۾ آمريڪا به شامل آهي) ۾ وڃي اتان جي ماڻهن کي سيکاريندي هئي ته انساني حق ڇا آهن؟ ۽ جمهوريت ڇا آهي؟ اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي، اها محترمه بينظير ڀٽو جي دانائي، بهادري ۽ دانشمندي هئي جنهن ڪري هو دنيا جي ليڊر هئي، اهڙي ليڊري سندس بي خوف شخصيت جي ڪري حاصل ٿي.

    مون کي چڱي طرح ياد آهي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو لنڊن ۾ جلاوطني واري زندگي بسر ڪري رهي هئي ان وقت به ان کي پاڻ ۽ پنهنجي ٻارن کان وڌيڪ وطن واسين جو الڪو هو، ان ڪري هن ملڪ کان ٻاهر رهي به وطن واسين جو فڪر محسوس ڪندي پرويز مشرف لاءِ وڌيڪ حڪومت نه ڪرڻ لاءِ جمهوري طريقي سان رستا روڪ ڪئي، وطن ورڻ کان اڳ محترمه بينظير ڀٽو پيپلز پارٽي جي قيادت جو لنڊن ۾ اجلاس گهرايو ۽ اتي پنهنجي وطن واپسي واري ايجنڊا رکي، تنهن تي اڪثريت محترمه کي ڏيهه ورڻ کان روڪيو، ان وقت محترمه چيو ته گهڻو وطن ۽ قوم کان ڏور رهي آهيان هاڻي وڌيڪ ڏور نٿي رهي سگهان، هاڻي موت به مون کي وطن ورڻ کان ڊڄاري ۽ روڪي نٿو سگهي، توهان وڃي منهنجي ڏيهه ورڻ جي تياري ڪريو، محترمه جي اهڙي جواب کان پوءِ خاموشي ڇائنجي وئي، پوءِ سڄي دنيا ڏٺو ته دنيا جي بهادر ليڊر بينظير ڀٽو جڏهن پاڪستان ۾ قدم رکيا ته ملڪ ۽ جمهوريت جي دشمنن سندس بمن ۽ گولين سان آجيان ڪئي، تڏهن به هو بهادر عورت موت کان نه ڊني، پاڻ کي رسڪ تي رکي هن ملڪ جا دورا شروع ڪيا، ساڳين دشمنن محترمه بينظير ڀٽو تي پشاور ۾ هڪ ٻئي حملي جي منصوبابندي ڪئي، پر محترمه جمهوريت جي بحالي ۽ ملڪ و قوم جي خوشحالي لاءِ هڪ قدم به پوئتي نه هٽي، آخرڪار سفاڪ درندن ۽ هڪ عورت کان خوفزده سوچ 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرندي بي بي کي شهيد ڪري ڇڏيو، اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن اسان جي دل ۽ دماغ تصور نٿو ڪري ته ڪو محترمه اسان کان وڇڙي وئي آهي، پر ملڪ ۾ جمهوريت جي ميدان ۾ ڪمي محسوس ڪري محترمه جي وڇوڙي تي يقين ڪري سگهجي ٿو، محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت جي پنهنجي خون سان اهڙي آبياري ڪئي آهي جو پيپلز پارٽي وڏين رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن باوجود محترم آصف زرداري جي ڏاهپ سان حڪومتي پنج سال پورا ڪيا.

    محترمه بينظير ڀٽو جي اهڙي بهادري ۽ دانشمندي پٺيان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جو وڏو هٿ هو، جنهن بهادر جوڙي جي پرورش جو نتيجو محترمه بينظير ڀٽو جي صورت ۾ عوام کي تحفي طور مليو، بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف سدرن ڪليفونيا مان تعليم حاصل ڪئي جتي ذوالفقار علي ڀٽو پڻ تعليم حاصل ڪئي هئي وڏي ڳالهه اها آهي ته ان ساڳي يونيورسٽي ۾ محترمه بينظير ڀٽو پڻ ليڪچر ڏنا محترمه بينظير ڀٽو جي اهڙن ليڪچرن مان اتان جي فيڪلٽين جي ڊين، دانشور ۽ آمريڪي ڪانگريس به سکيا حاصل ڪئي، جيڪا ڪلاڪن جا ڪلاڪ جمهوريت ۽ انساني حقن تي ليڪچر ڏئي انهن کي انساني حق ۽ جمهوريت سيکاريندي هئي، بينظير ڀٽو مصروف ترين ليڊر هئڻ باوجود پنهنجي اولاد تي توجهه ڏني، جڏهن هو جلاوطن هئي رات جو ٻارڙن سان گڏ ماني کائيندي هئي، انهن کي درس ڏئي سمهاريندي هئي، هو رات جو انٽرنيٽ تي پوري دنيا سان گڏوگڏ ورڪرن سان ويهي رابطي ۾ رهندي هئي، انهن جا مسئلا ٻڌي اهي حل ڪندي هئي، رڳو رات جو 4 کان 5 ڪلاڪ سمهندي هئي، محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي جو مقصد جمهوريت جي بالادستي ۽ انساني حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد هيو، هن خاص ڪري عورتن لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي، عالمي سطح تي پاڪستاني عورت کي روشناس ڪرايو، هن جو مقصد هو ته مردن جي سوسائٽي ۾ عورت جي ڊي گريڊ وارو رجحان ختم ٿيڻ گهرجي ان ڪري هن پارٽي ۾ ورڪر عورتن کي ايم اين اي ايم پي اي ۽ سينيٽر چونڊرايو مينارٽيز کي به اسيمبلي ۾ حق ڏياريا، محترمه کي ڄاڻ هئي ته اقليتي ڀائر اقليت ۾ هجڻ ڪري اهي چونڊجي نه سگهبا ان ڪري هن خصوصي سيٽون ڏياري اقليتن کي اسيمبلين ۾ نمائندگي ڏني.

    محترمه بينظير ڀٽو پاور گيم تي ڪڏهن به يقين نه رکيو، هن جو يقين عوام جي طاقت هيو، هن جي سياست جو مقصد غريب ماڻهن کي مڪمل آزادي ڏيڻ هو اهڙي آزادي جنهن ۾ ڪو به ڪنهن جو غلام نه هجي، هر هڪ وٽ پنهنجو روزگار هجي، هر ڪوئي برابريءَ جي بنيادن تي هڪٻئي جي عزت ڪري ۽ هر ڪنهن کي هڪ جيترا حق حاصل هجن، هو چاهيندي هئي ته غريب ماڻهن جا ٻار به امير ماڻهن جي ٻارڙن سان يونيورسٽين ۾ پڙهن، محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي ليڊر هئي، جنهن صرف پاڪستان لاءِ ئي نه پر پوري دنيا لاءِ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون، اصل ۾ محترمه بينظير ڀٽو اميرن جي پر غريبن جي ليڊر هئي جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ نج جدوجهد صرف غريب عوام لاءِ ڪئي، اڄ مون کي فخر آهي ته آءِ اهڙي عظيم ليڊر جو شاگرد آهيان.

    محترمه بينظير ڀٽو جي خواهش هئي ته سائوٿ ايسٽ ايشيا جو هڪڙو بلاڪ جوڙيو وڃي، جتي ڪا به سرحدن جي پا بندي نه هجي ۽ هڪ ئي ڪرنسي هجي جنهن سان ايشيا جا ملڪ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقياتي يافته ۽ سپر پاور هجن، پر محترمه جو اهو خواب سندس وڇوڙي کانپوءِ چڪناچور ٿي ويو، شهيد راڻي سان اسان جو رشتو مضبوط رشتو هو، سر شاهنواز ڀٽو سان گڏ منهنجو ڏاڏو آغا شمس الدين دراني ايم ايل اي هو، محترمه سان سياسي خانداني رشتو هئڻ ڪري هن مون کي لنڊن ۾ پاڻ وٽ گهرائي سياست ۾ اچڻ لاءِ چيو، محترمه جي حڪم تي آءُ 1988 ۾ جڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتس ان ڏينهن اڳوڻو آمر ضياءُ الحق جهاز حادثي ۾ فوت ٿيو هو، ان اليڪشن ۾ مون کي بينظير ڀٽو ايم پي اي جي ٽڪيٽ ڏني آءُ چونڊجي سياست ۾ آيس، 2007ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جلاوطني ڪاٽي جڏهن پاڪستان آئي مان مسلسل بيظير ڀٽو سان سيڪيورٽي طور گڏ رهيس جتي مرد ٿڪجي پوندا هئا پر محترمه بينظير ڀٽو عوام سان گڏ رهڻ واري خوشي محسوس ڪندي 15 پندرهن ڪلاڪ ٽرڪ تي بيهي عوام جي نعرن جو هٿ لوڏي جواب ڏيندي هئي، ڊسمبر ۾ بلوچستان وڃڻ کا ن اڳ هن مونکي ڳڙهي ياسين ۾ چونڊ مهم هلائڻ جو حڪم ڏنو، ڇاڪاڻ ته ان وقت اليڪشن مهم هلي رهي هئي، جڏهن ته محترمه روهڙي جي گانگوٽي گرائونڊ ۾ رٿيل جلسي جي تيارين کي مڪمل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ان ڪري آءُ پنڊي واري جلسي ۾ نه وڃي سگهيس آخري وقت محترمه ڳڙهي ياسين جي عوام کي ناڪي وٽ گاڏي مان نڪري خطاب ڪندي چيو ته آغا سراج دراني منهنجو ڀاءُ آهي، کيس ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وڃي، مان ٻن ڏنهن کان پوءِ روهڙي جلسي ۾ا ينديس ۽ عوام کي خطاب ڪنديس، پر 27 ڊسمبر جي اڀاڳي ڏينهن بينظير ڀٽو جهڙي عظيم ليڊر رات جي رهزنن هٿان شهيد ٿي وئي، ائين هڪ عظيم ڀيڻ ۽ دلير عورت ليڊر اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي وئي. (نوٽ ليکڪ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر پڻ آهي)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو