1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

ناني پري

'سنڌياڻي' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2014۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    410
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    هڪ باهمت عورت

    ناني پري

    بسما شاھ

    زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪردار اهڙا گذريا هوندا آهن جن کي ڪڏهن وساري ڪو نه سگهبو آهي. جڏهن به مڇي خريد ڪرڻ ويندي آهيان ناني پري هميشه پنهنجي ڇليءَ ۽ ڪات سان گڏ سامهون اکين جي اڳيان اچي ويندي آهي.
    70 سالن جي جهوني سفيد ململ جو ڪرتو سفيد شلوار پوتي مٿي تي مٿان ڪاري صدري مرداني ۽ بوٽ مرداڻو. ڪرڙ ڪرڙ بوٽ کي گهيلندي گهمندي هئي. هٿ ۾ وڏي جلي هوندي هئيس جنهن ۾ تمام صحتمند مڇيون ۽ انهن جي ڀر ۾ ڪات ڪپڙي ۾ ويڙهيل رکيل هوندو هئس. ڇلي منجهه ٿڙ جو ٽڪر به رکيل هوندو هيئن جيڪو مڇي وٺندو هوس. ان کي هڪدم ان ئي تڙ تي رکي وڍي ڏيندي هئي. پوءِ وري هڪ گار ڏيئي چوندي هئي ۽ ٻيرا ڪيئن ٺاهيان!
    1973ع جو دور هو ۽ ان وقت جي تمام سٺن گهرن يعني علائقي جي امير گهرن ۾ ويندي هئي. رحيم بخش سومرو، علوين جو محلو سومرن جا گهر، سيد جون حويليون، ڊاڪٽر حيدر شاھ، اعواڻ شيخن جو محلو، دراني پٺاڻ، مطلب ته سٺن گهرن ۾ انهن جي آرڊر تي مڇي سپلاءِ ڪندي هئي. ذات جي مهاڻي هئي زبان تي هر وقت گار جو ڦهڪو هوندو هئيس. اڪثر مرد ۽ ڇوڪرا کانئس ڪترائيندا هئا. ڇاڪاڻ جو گاريل هوندي هئي ۽ سڀني کي فيضياب ڪندي ويندي هئي.
    امان ٻڌائيندي هئي ته هيءَ (ناني پري) جوانيءَ ۾ بيواھ ٿي ويئي هئي. مڙس جي مرڻ کانپوءِ ان جو ڪاروبار ۽ ڌنڌو ڌاڙي پاڻ سنڀاليائين. مڇي مارڪيٽ ۾ اچي پاڻ دڪان تي ويٺي ۽ جڏهن ڪو گراهڪ نه ويندو هو ته انهن جي گهرن ۾ پاڻ هلي ويندي هئي. اهڙي طرح ان جي مارڪيٽنگ به ٿيندي هئي.
    آثار ٻڌائين پيا ته جوانيءَ ۾ رنگ جي اڇي هوندي هئي ۽ شڪل صورت جي سٺي هوندي، هاڻي ته ويچاري جا اڇا وار ۽ چال به ايئن ڄڻ نالي تي پئي هلي هڪ قدم هيڏي ۽ هڪ قدم هوڏي.
    جڏهن اسان جي معاشري ۾ ڪا عورت جوانيءَ ۾ بيواھ ٿي وڃي ته سندس مسئلا پهاڙ بڻجي ويندا آهن. مردن جي اکين ۾ اچي ويندي آهي ۽ مٿس آڱريون به کڄڻ لڳنديون آهن. ناني پري جوانيءَ ۾ زماني کي برداشت ڪندي پنهنجي ٻچن کي پالي جوان ڪري انهن جون شاديون ڪرايون اهو سڀ هڪ عورت (اڪيلي) جي لاءِ معجزي کان گهٽ نه هئو، ذات جي مهاڻي ناني پري پر دل جي سون جهڙي هئي اڇا ڪپڙا زماني جي ڌوڙ ضرور ميرا ڪيا هيس پر سندس ڪردار هيرن جواهرن جهڙو هوندو هو، سندس دل به هيرن وانگر جرڪندڙ هئي. اڪثر ماڻهن جي مدد ڪندي هئي. ماڻهن جي رهنمائي به ڪندي هئي ته ڪيئن پئسي جي بچت ڪجي. ڪيئن ذهني مونجهارن کان بچجي وغيره وغيره بظاهر گاريل مائي اندر جي ايتري صاف سٿري هئي جو حيرت ٿيندي هئي.
    هڪڙي ڏينهن امان وٽ آئي ته ڪچهريءَ ۾ ٻئي مشغول ٿي ويون. نانيءَ پئي چيو امان کي ته امان ڪنوار جيڪڏهن هنن کي گاريون نه ڏيان ته هي الائي منهنجو ڪهڙو حشر ڪن. جڏهن جوان بي واھ مائي مڇي مارڪيٽ ۾ اچي ويهي ته سوچيو ته مردن جو ڪهڙيون نظرون هونديون ۽ ڪهڙا جملا هوندا. انهن جملن جي جواب ۾ جيڪڏهن شرمائجي ها يا ڊڄي وڃجي ها ته پوءِ ته سمجهيو ته ڄڻ توهان انهن کي دعوت ڏيئي ڇڏي پر جڏهن مون انهن کي ڏاڍيان وڏي آواز ۾ سڀني جي سامهون ماءُ ڀيڻ جون گاريون ڏنيون، تڏهن مئن کي ڪو شرم آيو ۽ وري ڪڏهن ڪا ڳالهه نه ڳالهايائون.
    هاڻي جتي به ڏسندي آهيان ته اڪيلي گهٽين ۾ مرد اچن ٿا ته ڏاڍي آواز ۾ انهن کي فيضياب ڪندي آهيان پوءِ گهڻو ڪري ته اشراف پاسو ڪري ويندا آهن نه ته به هٿ ٻڌندا لنگهي ويندا آهن. امان تڏهن به چيس ته ناني پري تڏهن به ٺهي نه ٿو تون عورت ذات آهين گاريون نه ڏيندي ڪر. اڪيلي مائي ايئن هوندي آهي جيئن، ڪُني بنا ڍڪ جي هجي پوءِ ڪانون جي حوالي هوندي آهي معنيٰ اگهاڙي ڪُني ڪانون جي حوالي.
    بهادري سان هلڻو پوندي آهي دل ڀلي ڪبوتر وانگر ڦٿڪندو هجي پر سامهون منهن تي زور آوري ڪبي نه ته هي نامراد مرد اٿئي راڪاس سڄو ڳهي ويندا ته خبر به نه پوڻ ڏيندا ۽ باسيندا به نه!
    ان وقت اهي ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. پر هاڻي هڪ هڪ لفظ ان جو سمجهه ۾ ايندو آهي ۽ ناني پري ياد به ايندي آهي.
    ناني پريءَ جهڙين باهمت عورتن کي منهنجو سلام جن زندگي جي جدوجهد ۾ بنا داغ جي سفر طئي ڪيو ۽ اڪاري پار ٿيون ۽ گهمنام رهيون!
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    525
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    اعظيم ڪردار ته هميشه باهمٿ ماڻهون ئي ادا ڪندا آهن سلام آهي سندن همٿ کي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا واقعن هن تحرير مان اسان کي به محسوس ٿيو آهي ته ناني پري تمام با همت عورت هئي
     
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,406
    ورتل پسنديدگيون:
    3,226
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين
     
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,406
    ورتل پسنديدگيون:
    3,226
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو