ڊاڪٽر پرسوجي گدواڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڊاڪٽر پرسوجي گدواڻي
    1937ع 2004ع
    سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪ، محقق ۽ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر پرسي گدواڻي جو مڪمل نالو پرسو جيسو مل گدواڻي هو، هن 13 آگسٽ 1937ع تي دادو ۾ جنم ورتو، ورهاڱي وقت دادو ۾ پڙهندو هو، ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي وڃي پوني شهر ۾ آباد ٿيو، 1962ع ۾ دهلي يونيورسٽي مان هندي ۾ ايم اي ڪيائين، پوني يونيورسٽي مان 1971ع ۾ ايم اي لسانيات ۾ ڪري پوني جي مشهور ڊيڪن ڪاليج ۾ 1971ع کان 1986ع تائين ليڪچرار رهيو، 1986ع ۾ ساگر يونيورسٽي مان هندي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتائين، سندس مقالي جو عنوان ”هندي ۽ سنڌي صوفي شاعرن جو تقابلي اڀياس“ (A comparative study of Hindi & Sufi poets) هو، 1986ع کان ڊيڪن ڪاليج جي سنڌي شعبي جو هيڊ ۽ ريڊر رهيو، هن پوني جي انسٽيٽيوٽ آف لنگئسٽڪس مان ايسوسيئيٽ پروفيسر طور جولاءِ 1996ع ۾ رٽائر ڪيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) شاهه جو شعر (1973)، (2) سنڌي جا ٽيهه سال (1979ع)، (3) سنڌي ٻولي جي زيارت (1989ع) (4) ڳيهه يا ڳيجهه (1990ع)، (5) ڳجهارتون (1990ع) (6) سنڌي لوڪ ورثو (1992ع)، (7) Similarities in Sindh and Dravidian language اچوته سنڌي سکون (1997ع)، (9) Let's learn Sindhiع (10) Sindhi Self Tutor (11 ( سنڌي اپڀشائن جا چونڊ لفظ (1999) (12) 2001 Glimpse of Sindhi Language ع(13) ۽ (13) سنڌي لوڪ گيت ٻولي ۽ لوڪ ادب تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڪڇ ۾ عارضي گهر ٺھرائي، اتي به رهائش اختيار ڪيائين، جتي پاڻ ۽ سندس گهرواري پشپا گدواڻي ڪافي تحقيق ڪئي، اتي هنن ٻنهي ڪڇ جي ڪولهي، مينگهواڙ ۽ اوڏ ذاتين بابت ڪافي ڪم ڪيو، هن ساڌو واسواڻي ٽرسٽ پاران سڄي هندستان ۾ جتي سنڌي رهن ٿا، اتي ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ ذريعي سنڌي سيکارڻ جو ڪورس شروع ڪيو هو، جنهن رٿا هيٺ 10 هزار سنڌي استاد تيار ڪرڻا هئا پر زندگي هن جو ساٿ نه ڏنو، سنڌي ٻولي جي هن نامياري اسڪالر 24 نومبر 2004ع تي لاڏاڻو ڪيو، سندس گهرواري پشپا گدواڻي ۽ نياڻي ڊاڪٽر چارو گدواڻي به ادبي ذوق رکن ٿيون، سندس نياڻي ڊاڪٽر چارو والد جي وفات کانپوءِ سندس ڪتاب ”لوڪ گيت“ هندي ۾ سهيڙيو هو، جيوڪ سنڌي لينگويج اٿارٽي تازو 2010ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن کي سنڌي ويس اٿارٽي جي ڪارڪن پارسا رضوي ڏنو آهي.​

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو