اَڱَڻِ آئِيَا جَان، سَرِتِيُون مُون سُکَ ٿِيَا اَمُلَ پِرِينءَ مَٿَان، ٻُرِڪِيَو ٻِيَنِ ڏِيَان سُرُ سَامُونڊي اَڱَڻ = گهر جو آڳنڌ، ٿَلَهو جَان = جيئن، جيئن ئي سُکَ = باس، مَنَتَ، خوشيون، مسرتون اَمُلَ = املهه ماڻڪ، هيرا لال جواهر، بي بها، لاثاني، جنهن جو ڪو مثال نه هجي. پِرين = محبوب ٻُرڪِيَو = گهوري، قربان ڪري، صدقو ڪري، نثار ڪري بيت جو پس منظر ~ او سرتيون !! منهنجا محبوب منهنجي اڱڻ آيا آهن سو مان خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپان. مون لاءِ خوشيون موٽي آيون آهن. مون جنهن لاءِ سکائون باسيون هيون سو اڄ آيو آهي. ~ پنهنجي بي مثال محبوب مٿان دل ٿي چئي ته هيرا لال جواهر، پئسا ڏوڪڙ ۽ هي سر ساهه به گهوري ڇڏيان. سمجهاڻي سر سامونڊي ترتيب جي لحاظ کان پنجون نمبر سر آهي، هي پاڻيءَ جو سر آهي. اڳئين دور ۾ سنڌ وطن جا واپاري درياهه ۽ سمنڊ رستي ٻيڙا ۽ جهاز ڀرائي ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪندا هئا. هتان تيار ٿيندڙ مال جا جهاز ۽ ٻيڙا ڀرائي ڏيساور کڻي ويندا هئا ۽ اتان جون شيون خريد ڪري پنهنجي ملڪ ۾ اچي واپار ڪندا هئا. واپس موٽندي کين سالَ لڳي ويندا هئا، سندن ونيون ۽ محبوبائون جدائيءَ ۾ ڪيئن تڙپي گذارينديون هيون انهن جي احساسن جي عڪاسي ڪئي آهي ڀٽائيءَهن سُر ۾. هن بيت ۾ هڪ وڻجاريءَ جو محبوب موٽي آيو آهي سو ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپي. بي انتها خوشيءَ ۾ جهمريون ٿي پائي ۽ جمالا ٿي ڳائي. سندس محبوب، جو سالن پڄاڻان اڱڻ آيو آهي. چئي ٿي مون جنهن محبوب لاءِ سکائون باسيون هيون سو اڄ آيو آهي.دل ٿي چئي ته پئسا، هيرا، موتي، لال جواهر، هي سر ساهه ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه پنهنجي پرينءَ مٿان گهوري ڇڏيان. سو اچو ته اڳواٽ اسان به پنهنجي پرينءَ جي شاندار استقبال ڪرڻ ۽ سر ساهه گهورڻ جي اڄ کان تياري ڪيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل