اَڃَان رَاتِ رَتَومِ، ڪَوڏِ ڪَوهِيَارَي ڪَنجرَو ڀَينَرُ ڀِڄايَومِ، سُڀَاڻي سُورَنَ سِين سُرُ حُسَيني – سَسُئي رَتَوم = ڳاڙهو ڪيم، رنگ ڏنم ڪَوڏِ = شوق مان، پيار مان ڪَوهيَارَي = جبل جي رهاڪو، پنهون ڪَنجرَو = گج ڀرت ڀريل چولو ڀِڄَايَوم = مون آلو ڪيو سَڀَاڻي = صبحاڻي، صبح جو. بيت جو پس منظر ~ اڃان رات ئي ته پنهونءَ جي پيار کي ياد ڪري رت ڦڙا روئي چولو ڳاڙهوڪيو هوم. ~ اڄ وري صبح سان ئي سندس سورن رئاري وڌو آ ۽ چولو آلو ٿي ويو آ. سمجهاڻي سسئي پنهنجي سرتين سان پنهونءَ جي پيار جون ساروڻيون ساري پئي زاروقطار روئي. سندس نيڻن مان نِير جاري آهن، اکين جا بند ڀڄي پيا ٿس. پنهنجي محبوب پنهونءَ کي ياد ڪري ويٺي لڙڪ لاڙي. هاڻي ته لڙڪن جي جاءِ اچي رت جي ڳوڙهن والاري آهي. سسئيءَ جو چولو رت ۾ رڱجي ويو آهي. سو اچو ته پاڻ ڪڏهن پنهون بڻجي پنهنجي سسئيءَ کي ايڏا سور نه ڏيڻ جو وچن ڪيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل