جَانڪِين سَتِيُنِ سِيرُ، ڪِينَ رَهندِيسِ ڪَوٽَ ۾ سِپَ سَمُنڊِيَن سِپِجَي، نَدِيءَ پِيَي نَه نِيرُ جِئَن هُوءَ اَبَرَ آسرَي، تِئَن مُون مَنُ مَليرُ کَائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمَانَتَ اُتِ وَڃَي سُرُ مَارئِي جَانڪِين = جيسين، جيستائين سَتيُن = سَتُ وارين، پاڪدامن، جيڪي پنهنجي عزت ۽ عصمت جي حفاطت ڪري ڄاڻن. سيرُ = سيلُ ، سَتُ، عزت، عصمت سِپَ = سمنڊ جو جانور سِپجَي = پيدا ٿئي نِيرُ = سمنڊ جو نيرو پاڻي اَبَرَ = ڪڪر، بادل، مينهَن جو پاڻي کَائُر = ٿر جو اتريون حصو بيت جو پس منظر ~ مارئي چئي ٿي جيستائين ملير ڄاين جون عزتون محفوظ آهن ته مان به ڪوٽ ۾ سدائين نه رهنديس. ~ سِپ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندي آهي پر پاڻي نڪو سمنڊ جو پئي نه وري درياهه جو پئي ٿي. ~ جيئن سِپ مينهَن جي پاڻيءَ جي آسري آهي تيئن ملير به مارئيءَ جي من ۾ پيو وسي. ~ منهنجا مارو تڏهن کير پيئندا جڏهن آئون هن قيد مان نڪري ملير وينديس. سمجهاڻي مارئي عمر جي ڪوٽ ۾ رهندي پنهنجي ته حفاظت ڪري ٿي پر ملير ڄاين جي سڀني ٿرياڻين جي عزت ۽ عصمت جو به کيس اونو آهي. تڏهن ته چئي ٿي ته جيستائين ملير ڄاين جي حفاظت ڪرڻ وارا موجود آهن ته پوءِ ڀلا مان سڄي زندگي هن قيد ۾ ڪيئن گهارينديس. حيرت جي ڳالهه آهي جو سِپ سمنڊ ۾ پيدا ٿيڻ جي باوجود سمنڊ جو کارو پاڻي نه پيئندي آهي ۽ نه وري مٺو پاڻي. سِپ سدائين اُڃاري رهندي آهي. جڏهن بادل برسندا آهن ته پوءِ مِينهَن جو پاڻي پيئندي آهي. ايئين ئي مارئيءَ جي من ۾ به ملير وڃڻ جي آس، اميد ۽ اڪير سدائين رهي ٿي. مارئيءَ کي اميد آهي ته جلد هن قيد مان نڪري مارن ڏانهُن ويندي تڏهن مارو خوشيون ملهائي کير پيئندا. سو اچو ته سنڌ جي ظالم وڏيرن، ڀوتارن ۽ پيرن جي ڪوٽن ۾ قيد اڄ جي ماريُن لاءِ سوچيون ۽ لوچيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل