نَه سَي تَڙِ هَوڙَاڪَ، نَه وَايُون وَڻِجَارَن جُون سَرِتيُون ! سَامُونڊِيُنِ جَا، اَڄُ پِڻُ چِڪيَمِ چَاڪَ مَارِينِمِ فِرَاقَ، پَاڙَيچِيُون پِرِيُن جَا سُرُ سَامُونڊي تَڙ = بندر، لنگهه- جهازن ۽ ٻيڙن جي اچڻ ۽ وڃڻ جو پورٽ هَوڙَاڪَ = ٻيڙيون وَايُون = رهاڻيون، ڪچهريون، محفلون وَڻجَارَن = سمنڊ رستي واپار ڪندڙ واپارين چِڪيَم = منهنجا ڏکيا، مون کي سور ڪيائون، اٿلي پيا چَاڪَ = زخم، ڦٽ مَارينم = مارين ٿا فرَاقَ = ڏک، وڇوڙي جدائي پاڙَيچيُون = پاڙي واريون، سرتيون، سهيليون بيت جو پس منظر ~ بندر تي نه اُهي ٻيڙيون آهن نه وري وڻجارن جا ميلا متل آهن. ~ او سرتيون !! منهنجي اندر جا ڦٽ ڏکي پيا هن وڻجارن کي ياد ڪري. ~ اي پاڙي واريون مون کي پنهنجي محبوب جي وڇوڙي جا سور ٿا مارين. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جي هن بيت جو پس منظر اهو آهي ته بندر تان ڪيئي جهاز ۽ ٻيڙا سامان ۽ مال سان ڀرجي پرڏيهه روانا ٿي ويا آهن.بندر تي ڪم ڪندڙ پورهيت ۽ ملاح به پنهنجو ڪم ختم ڪري ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. بندر ويران ۽ سنسان لڳو پيو آهي. اڳ جيڪي بندر تي گوڙ شور، رونقون ۽ ميلا متل هوندا هئا اُهي نه رهيا آهن. هڪ وڻجاري جي وني پنهنجي پرڏيهه ويل محبوب کي ساريندي چئي ٿي ته اڄ وري اندر جا ڦٽ ۽ زخم اٿلي پيا هن، کُلي پيا هن، جن مان رت پيو ٽمي.او سرتيون !! مون کي پنهنجي محبوب جي وڇوڙي ۽ جدائيءَ گهائي وڌو آهي. سو اچو ته ڀٽائيءَ جنهن تباهي ۽ برباديءَ جو ذڪر ڪيو آهي ان تي غورڪيون ته آخر هي وڻج واپار، خوشحاليون۽ آسودگيون ڪيڏانهن گم ٿي ويون؟ موجوده سنڌ جي هن ڪربناڪ ۽ ڪربلائي صورتحال جا ڪير ذميوار آهن...!!؟ _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل