پ-ٽ-الف جي اليڪشن مان هڪ ڳالهه سالن کان ڏسندي سوچڻ تي.تحرير استاد غلام عباس سرڪي ٺل

'راءِ شماري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    پ-ٽ-الف جي اليڪشن مان هڪ ڳالهه سالن کان ڏسندي سوچڻ تي مجبور ٿيو آهيان ته ڇا ؟ اسان ايڏا باشعور ٿي ويا آهيون ؟ يا اڃا تائين لاشعور آهيون؟ يا آزاد آهيون ؟ يا غلام آهيون؟ ڇو جو مذهبي جماعتون هجن شهري اتحاد هجي ڪاروباري (ٽريڊ) ٽرانسپورٽ ، سرڪاري ملازمن جون فلاحي تنظيمون وغيره وغيره ڪيترن ئي سالن کان اندازن %90 فيصد کان مٿي ، ساڳئي شخصيت جا مالڪ بار بار، هر بار بنا مقابلي ، اليڪشن ، سليڪشن وغيره تحت ، ڪيترائي دفعا ، پنهنجي تنظيمي گهرجائون پوريون ڪري ، پنهنجي تنظيمي عهدي تي فائز ٿين ٿا.جن جي عزت مان اڳ به ڪئي۽هاڻ به ڪيان پيو،۽آئينده به ڪندورهندس،باقي مان پ-ٽ-الف جو ميمبر آهيان، ۽ ٻين تنظيمن جو ميمبرنه آهيان، ٻين تنظيمن جي عهديدارن پنهنجي تنظيمي ميمبرن سان ڀلائي وارو معاملو ڪيو هوندو. پ-ٽ-الف ۽ سرڪاري ملازمن جي فلاحي تنظيمن جي سفيد سونهاري (اڇي ڏاڙهي) واري ميمبرن جي پاڪستان جي تاريخ جي ڪاري دور(جرنل ضياءُ)واري دور۾ ، انکان اڳ۾ ۽ بعد ۾ قربانيون ڪري ورتل مرائتون بل خصوص سن ڪوٽا سنڌ حڪومت جڏهن واپس ورتي ته بدقسمتي سان، سرڪاري وڏي ۾ وڏو عهدو ۽ سرڪاري ملازمن جي فلاحي تنظيمن جو وڏي ۾ وڏو عهدو گرينڊ الائنس به جيڪب آباد وارن وٽ هيو. بلوچستان ۾ هن هلندڙ مهيني ۾ تعليم کاتي ۾ استادن جي نئين ڀرتين جو اشتهارNTS جي معرفت آيو آهي جنهن جي شق نمبر19 ۾ استادن جي اولاد لاءِ واضع ڪوٽا جو اعلان “تعين” ٿيل آهي. هت سنڌ ۾ هاڻ NTS ورين ڀرتين ۾ سن ڪوٽا ڪاڏي وئي ؟؟؟؟؟ دوستو توهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته مان پ-ٽ-الف جوميمبر آهيان ، اچو ته پ-ٽ-الف جي اليڪشن ، سليڪشن ، بنامقبلي جو حال احوال ڪجهه ٻڌايان ٿو ،۽ الله تعالئ کان دعا ٿو گهران ٿو ته ٺل جي ٻين تنظيمن ۾ ايئن نه ٿيندو هجي . (آمين ثم آمين وري وري آمين) سارين جي سٽ مس ئي ختم ٿي آهي ته ، سيڪريٽري تعليم پيچوهوصاحب گوسڙو ماسترن جي مٿان سٽڪا زور سان هلندڙ، ۽ سردي جي سث ۾ پ-ٽ-الف جي اليڪشن جي گرما گرمي عروج تي آهي . اسان جي تعلقي ۾ پ-ٽ-الف جا ٻئي پئنلز جا سرڪردا عهديدار محترم ضمير ۽ محترم محبوب منهنجا ڪلاس فيلوز آهن.ماضي جي پ-ٽ-الف جي اليڪشن ، شليڪشن ، بنامقابلي کي ڏسي ڪري ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، مان کي پنهنجي ڪلاس فيلوز کي ووٽ ڏيڻ جو موقعو نه ملندو. ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ به هڪ ٻئي جي مد مقابل پئنلز طوفاني دورا جذباتي تقريرون، تجزيه ڪار سياسي مرُ مارِ واري پوزيشن ڊڪليئر ڪندا هئا . ليڪن ليڪن استادن کي اچانڪ پهرين ڪلاس جو هي بيت ياد اچي ويندو هو ، يا ، ڪوئي ياد ڪرائيندو هو ، هي پوء گڏجي بيت پڙهندا هئا. “ادا آءُ جيُ آءُ ڀلي آءُ ڀاڪر پاءِ” ۽ پوء بنا مقابلي کٽڻ جو اعلان ڪندا آهن.جي اتي به مسئلوحل نه ٿيو ته پوء مخالف پئنل جي سينيئرعهديدارن20-30سال سروس رکندڙاستاد جا ڇٺي پيدائش کان وٺي اڄ تائين گرائونڊ امپائر(پ-ٽ-الف ضلعي اليڪشن ڪاميٽي) کان تاريخون چيڪ ڪرئيندا. هاڻ سائين40-50 سالن جي رڪارڊ جي تاريخن ۾ فرق ٿئي ٿي. يعني“مخالف”مدمقابل پئنل جا ڪاغذ اڻپورا، اهڙي طرح“مخالف”مدمقابل پئنل نا اهل ۽ سائينجن جو بنا مقابلي کٽڻ جو اعلان ٿيندو آهي،“اهڙو فيصلو اسان جي ضلعي جيڪب آباد ۾ هن وقت گرائونڊ امپائر ڏنو آهي،“مخالف”مدمقابل پئنل ٿرڊامائر(پ-ٽ-الف مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي حيدرآباد)وٽ مذڪوره فيصلو چئلينج ڪئوآهي. ٿرڊامائرايڪشن ريپلي ،سلوموشن جيڪوهن جوقانوني حق آهي ،جنهن جونتيجواهونڪرندو آهي جو“مخالف”مدمقابل پئنل کي اليڪشن ورڪ جو ٽائيم ئي نه ملندو، جي مخالف اتوئي بچي ويو ته پوءِ پئنل جي جوڙ جڪ هن طرح ٿيندي آهي،مختلف برادرين مان هڪ هڪ عهديدار جي چونڊ ڪري، مقامي با اثر ماڻهن کان ، پس پرده NOC نوآبجيڪشن سرٽيفڪيٽ وٺي ، پوءِ وري NOC ۾ برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ ،باادب ٿي ڪري پِِِيرَنِ مرشدن جي اڳيان هيٺ ويهي برڪت لاء دعا گهرائي، آفيسرن کان موڪل منظور ڪرائي روانگي نمبر هڻائي ، اليڪشن ورڪ تي روانا ٿين ٿا .“منهنجو اندازوآهي ته جيڪوغلط به ٿي سگهي ٿو،مذڪوره NOC نه ملڻ تي هڪ پ-ٽ-الف عهديدار مجبورن پ-ٽ-الف جي سياست تائين رٽئائرمينٽ جي اعلان جي جاء تي“اسٽيفا”ڏئي ڇڏڻ جا افواه ٻڌون ٿا ۽ اسان جي ضلعي جي وڏي ۾ وڏي مقامي(ٽيوٽر)تي به اهڙا مئسيج گردش ڪن ٿا”. پ-ٽ-الف عهديداران صاحبان، استادن سان ڏينهن يا رات جو جڏهن اسڪول ۾ يا گهر ۾ ملن ٿا ته ، استاد جيڪو سندن هنن جو ميمبر آهي .اهو هنن کان سندن ڪارڪردگي جي باري ۾ سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته، استاد جي فورن ڳالهه ايئن ڪٽيندا آهن. جيئن مدرسي جي چندي لاء مدرسي جو سفير مسجد ۾ باجماعت فرض نماز جي سلام ڦيرڻ کانپوء، پيش امام جي دعا گهرڻ کان پهريائين چندي وٺڻ لاء مشهور مقامي مولوين مرشدن پيرن جو تصديق ٿيل خط جملي جماعت کي ڏيکاريندو آهي ۽ چندي ڏيڻ جي فضيلت بيان ڪندو آهي ، تيئن ئي ووٽ وٺڻ لاء آيل عهديدار يڪ آوازٿي ڪري استاد کي مقامي با اثر ماڻهن کان مليل NOCجي فضيلت SMSڪال روبرو۽ خط جي صورت ۾ بيان ڪندا آهن.ته %40 فيصد استاد حمايت جو اعلان ڪن ٿا،((((سفير جي اسٽائل جي ڪاپي تي جيترن فيصدن اعلان ڪيو،ڪاش ! اوترائي فيصد بااثرماڻهن سميت مدرسن سان تعاون ڪن ها ته مدرسا پڪا ، سياري جي سٽ۽ ٻين سٽن کان محفوظ هجن ها، ۽ پنهنجي لاء به ڀلائي وارو معاملو ٿين ها))))، عهديدارن کي قانوني طوراليڪشن کٽڻ جي لاء باقي %11 فيصد حاصل ڪرڻ جي ضرورت گهرجي، جيڪي استاد پهرين پاڻي ۾ نه ڳريا ته NOC ڏيندڙجا پرسنل سيڪٽريز، خاص خليفن، ڊرائيورن مان ڪنهن هڪ به جڏهن استاد جي گهر ٻاهران سندن نيلي پيلي سائي مطلب ته ست رنگي پليٽ واري گاڏي جا هارون وڳا ته شروعاتي 7 گريڊ رکڻ واري وچاري استاد جا 12 ئي وڃي ويندا آهن ۽ ايئن عهديدارن کي قانوني مقرر حدف حاصل ٿي ويندو آهي.۽ استاد تنظيم جا عهديدار اليڪشن ٿيڻ جي تاريخ کان پهريائين ئي اليڪشن کٽڻ جا جشن ملهائيندا آهن.اي ٺل جا پ-ٽ-الف جي ٻنهي پئنلز جا سرڪرده عهديدارو مهنهنجا ذاتي يارو ۽ منهنهنجا ڪلاس فيلوز توهان ٻنهي کي هڪ ئي وقت دعا آهي ته ٻئي هڪ ٿي وڃون، مفت مشوره اهو آهي ته کٽڻ کان پوء جيئن ئي استادن ميمبرن يعني جملي جماعت ۽ مڙني مائٽن جي خدمت جي حساب ڪتاب ۾“ونڊ اپت”“کپت” جي حساب ۾ درجي، ونڊڻي ۽ پاڇي جي اصولن تي انصاف رکيو ته ڪاميابي هميشه توهان جا قدم چمندي رهندي.اي منهنجا دوستو پنهنجي آفيسرن کان ٽائيم اسڪيل جو آرڊر ڪڍرائڻ آسان ڳالهه آهي،ٽائيم اسڪيل آرڊر ماسي خيران جي ڊرامي پٿر دنيا جيان هرروز نئين قسط، ڊرامي جا ڪردار، اداڪار، مرندا ، مٽندا وڃن پوء به آخري قسط لاء اڃان انتظار.پ-ٽ-الف جي اليڪشن کٽڻ لاء ٽائيم اسڪيل جي آرڊر کي شترنگي چال طور استعمال ڪيو وڃي پيو،۽ پوء به توهان کي شاباش هجي، ڏکيو ڪم اڳنا آهي، جتي شهيدن،فوت ٿيلن کي به ڪونه بخشن ٿا. جيئرن لاء ته هڪ ڪلهي تي ٻارنهن بور جي دونالي بندوق ڇوٿون نمبر ڪارتوس سان هر وقت سولي شڪار لاءِ ،۽ ٻئي ڪلهي تي جي ٿري ڀري واري شڪار لاءِِ،مطلب جيڪو نظر آيو،اهو،“ويو”.اڃ تائين مان استاد تنظيمن جي ڪنهن به تعلقي کان وٺي مرڪز تائين عهديدار کان نه ٻڌو آهي، ته هن وقت تائين آيل “وفاقي، صوبائي” هڪ درزن کن تعليمي پاليسين ۽ حمودالرحمان ڪميشن ۾ استادن کي ڏنل “مان مرتبو”،اڃ تائين اڌ صدي گذرڻ جي باوجود ڇونه مليو،مان کي لڳي ٿو ته يونٽ جي عهديدارن وانگرمرڪز تائين سڀ منهنجا عهديدار، اڳواڻ NOC وارا هوندا. جي ايئن آهي ته پوء دوستو تياري ڪريو پنجاب ۾ نئين پاليسي سيڪريٽري جي صحيح جي انتظار ۾ آهي،ته 15 سالن کان مٿي سروس ڪندڙ استادن کي 28 لک ۽ %30 فيصد رٽائرمينٽ،25 سالن کان مٿي سروس وارن کي 18 لک ۽ %40 فيصد رٽائرمنٽ،ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان “گولڊ هئنڊ شيڪ“ جي صورت ۾ ڏئي ڪري استادن کي گهر ڀيڙو ڪندا.۽ ورلڊ بئنڪ وارا سڀني ادارن جي ملازمن کي هڪ هڪ ڪري گهر موڪليندا ۽ دوستو ته پوء توهان ڇا سوچيو آهي ته؟ اسان باشعور ٿي ويا آهيون؟ يا اڃا تائين لاشعور آهيون؟ يا آزاد آهيون يا غلام آهيون؟LHW ۽ آپڪا، ڪاراسٽينڊ ٺل جي عهديدارن جيڪا پنهنجي ميمبر جي منظر عام تي خدمت ڪئي آهي، ان جي ساراهه ان ڪري ڪريان ٿو ته جيئن اسان جي ڦ-ت-الف جي عهديدارن ۾ به جذبو پيدا ٿئي. LHWجي پڪي ٿيڻ تي ان جي عهديداران اعلان ڪيو ته پڪي ٿيڻ تي اسان جو ميمبر ڪاغذ ڪاروائي تي رپيو به نه ڀري،۽ جھن پئسا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي،ان سان ڇا ٿيو،توهان جي سامهون آهي،LHWسان پوري پاڪستان ۾ ڪٿي به واقعو ٿيندو آهي،ان جو ٺل يونٽ رد عمل ضرور ڏيکاريندو آهي.۽ ڪار اسٽينڊ جا عهديدار به پنهنجي ميمبر کي ڪٿي به خدانخواسطه ڪو حادثو پيش اچي ، ڪار جي مالڪ جيڪو ان جو ميمبر آهي،ان حادثي واري جاء تي ميمبر کان اڳ ۾ موجود هوندا آهن . آپکا وارا به ايئن آهن سندن ڪنهن به ميمبر کي ڪو مسئلو پيش اچي ته، سندن ميمبرجي مائٽن کان به اڳ ۾ مسئلي واري جاء تي ميمبر سان گڏ هوندا آهن.ان جو تازو مثال هڪ هي آهي ته هڪ ميمبر کان اسڪوٽر ۽ موبائيل ڦر ٿي وئي اندازن 24 گهنٽن ۾ اسڪوٽرDSP واپس ڪرائي ڏني، جڏهن اسڪوٽر ۽ موبائيل ان ڪلارڪ کي واپس ملي ته چوڻ لڳو(مئين سمين ٿانهنڌان ئين) بظاهراسان کي ته سمن واپس ڪرڻ واري ڊمانڊ کل جوڳي لڳي ٿي، ان ڊمانڊ ۾ ،حقيقت ۾، آپڪا جي عهديدارن جي پنهنجي ميمبر سان وفائي جو نمايان عڪس نظر اچي ٿو.اسان جي پ-ٽ-الف جا عهديدارَ ته ميمبر جو سرُچٽُ، مال نيلام ٿي وڃي ته به، مفت واري دعا گهرڻ به نه ويندس،ان جو واضع ثبوٽ هن سال اندازن هڪ ڊزن کن استاد هرٽ اٽيڪ ۽ مختلف بيمارين ۾ گذاري ويا،جيڪڏهن ڪنهن ڏي ويا هوندا ته، اهو ميمبر ذاتي دوست هوندن. ڪاش ! سڀ جا سڀ ، هڙن جا هڙئي، مڙني جا مڙئي عهديدار ميمبرن سان وفائي وارو معاملو ڪن . (آمين ثم آمين وري وري آمين). جيڪڏهن ڪنهن کي به منهنجي ڪنهن ڳالهه سان اختلاف آهي ته مون کي پرپٺ گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان منهنجا گناه گهٽبا ۽ هي موبائيل نمبر03337289311 مان پنهنجو ڏيان ٿو ان تي SMS يا ڪال ڪري پنهنجو هنياءُ هانءُ ٿڌو ڪندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    اهي سڀئي ڳٺ ڇوڙ وارا آهن پنهنجي ذاتي مفاد ۾ پورا، جڏهن کان يونينون ٺهيون ته ڪم ڪار ختم رڳو تماشو ٿيندو رهيو، پنهنجون جوابداريون وسري ويون اجايا مسئلا کڻي واويلا ٿيندي رهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو