جَيڪُسِ نِٻَرُ نِينهُن سَندَومِ، جِئَن مُون بيٺَي هُنَ ٿَيلِيَو سَعِيَو سَامُونڊِيُنِ سِين، اَڳَهِين تَان نَه ڪَيَومِ وِجَهڻُ مَنجِهه هُئَومِ، پَاڻُ وَرَاڪَي رَسِ سِين سُرُ سَامُونڊي جَيڪُس = شايد، يا ته نٻَرُ = نٻل، ڪمزور، هيڻو، ڪَچَو، نئون نئون سَندَوم = سندم، منهنجو ٿَيليَو = هڪليو، ڪاهيو سَعيَو = ڪوشش، بندوبست، تياري اَڳَهين = اڳي ئي ڪَيَوم = ڪيم، ڪيان ها وَرَاڪَي = وڪوڙي، ويڙهي رَس = رسيءَ، نوڙيءَ سان بيت جو پس منظر ~ منهنجو عشق شايد اڃان ڪچو ۽ ڪمزور هيو جو منهنجي بيٺي ئي هو ٻيڙي کي ڪاهي ويو. ~ سامونڊين سان وڃڻ لاءِ مون کي اڳواٽ تياري ڪري ڇڏڻ گهرجي ها. ~ مون کي گهرجي ها ته پاڻ کي رَسَي ۾ ويڙهي ٻيڙي اندر اڇلائي ڇڏيان ها. سمجهاڻي هي پاڻيءَ جي بندر جو منظر آهي جتي ڪيترائي جهاز ۽ ٻيڙا سامان سان، مالَ سان ڀرجي رهيااهن ۽ ٻين تان وري مالُ لاٿو پيو وڃي. ٻئي پاسي هڪ وڻجاري جي وني يا محبوبه کيسالوداعڪرڻ آئي آهي. پر هوته ٻيڙي ۾ مالُ ڀرائي، روانو به ٿي ويو. هاڻي وڻجاري رويو پئي چئي ته شايد محبوب سان منهنجو نينهُن اڃان نئون هو، ڪَچَو هو جو هن موڪلايو به ڪونه ۽ منهنجي بيٺي ئي ٻيڙو ڪاهي هليو به ويو. مون کي ساڻس گڏ وڃڻ لاءِ اڳم ئي تيار ٿي اچڻو هيو. مان جيڪر پاڻ کي رسي سان ٻڌي ٻيڙي ۾ اندر اڇلائي ڇڏيان ها ته ساڻس گڏ هلي وڃان ها. ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل