هِنئَڙَو ٻَيڙِيءَ جَان، ڏُتَڙِ پَئَي ڏِينهَن ٿِيَا پُڇِيَو تَان نَه پِريَان، ڪَرَلَاهُو ٿِي ڪَڏِهِين سُرُ سَامُونڊي هِنئَڙَو = مَنُ ، دل ڏُتَڙ = اَوَتَڙَ، ڏکئي تڙ، خراب تڙ، اڙانگي تڙ ڪَرَلَاهُو = سار لهندڙ، سنڀال ڪندڙ بيت جو پس منظر ~ جيئن ڪنهن ڏکئي ۽ اڙانگي تڙ تي ٻيڙي پيل هوندي آهي، تيئن منهنجي دل کي بي حال ٿئي الائي ڪيترا ڏينهن لنگهي ويا هن. ~ منهنجي هر وقت ۽ هر پل سار ۽ سنڀال لهڻ جي دعوا ڪرڻ واري محبوب ڪڏهن پڇيو ئي ڪونه. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جي سر سامونڊيءَ جي هيءَ ڏکايل وڻجاري، جنهن جو محبوب پرڏيهه ويل آهي. شڪايت ۽ ميارون ڏيندي پنهنجي وارتا ٻڌائي ٿي : منهنجي دل به ان ٻيڙيءَ جيان آهي جنهن کي اڙانگي ۽ ڏکئي تڙ تي بيٺي ڪيئي سال لنگهي ويا هجن. ڏک ته ان ڳالهه جو آهي جنهن محبوب هر گهڙي هر پل گڏ رهڻ، سار سنڀال لهڻ جو واعدو ڪيو هو. تنهن هينئر تائين پڇيو به ڪونه آهي. سو اچو ته اسان به سوچئون ته ڪنهن سان ڪيل واعدا ۽ وچن ڪٿي وساري ته ناهن ڇڏيا. ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل