1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سيده فاطمه سلام الله عليها جن جا اقوال

'حديث' فورم ۾ راشد علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2015۔

  1. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر: 1
    سيده بي بي فاطمه سلام الله عليها جن پنهنجي مڙس حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام کي فرمايو


    اي اباالحسن ! مان پنهنجي پروردگار کان حياء ٿي ڪيان جو اهڙو ڪم اوهان کي چوان جنهن کي اوهان انجام ڏيڻ جي سگهه نه رکندا هجو
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2015
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر :2
    جڏهن سيده فاطمه سلام الله عليها جو رشتو حضرت علي عليه السلام گريو ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم حضرت بيبي پاڪ کان پنهنجي را ڏيڻ لا چيو :

    اي منهنجي ڌي فاطمه! تنهنجي چاچي جو پٽ علي تنهنجو رشتو وٺڻ آيو آهي تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي ؟؟

    سيده پنهنجي پي جو احترام ڪندي فرمايو بابا توهان جي ڪهڙي مرضي آهي ؟؟

    رسول الله ارشاد فرمايو:

    اذن الله فيه من السماء

    خداوند عالم آسمان کان اجازت ڏني آهي

    سيده فاطمه سلام الله عليها جواب ڏنو

    رضيت ما رضي الله لي و رسوله

    مان ان تي راضي آهيان جنهن تي الله ۽ ان جو رسول راضي آهي


    رضيت بالله ربا و بک يا ابتاه نبيا ص بابن عمي بعلا و وليا

    مان راضي آهيان، خداوند عالم منهنجو رب آهي ، توهان، اي بابا منهنجو نبي آهين ۽ منهنجي چاچي جو پٽ علي منهنجو مرش ۽ منهنجو امام آهي

    (بحار الانوار ج 43 ص 149)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2015
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر :3
    حضرت فاطمه سلام الله عليها فرمايو
    ان ابي صلي الله عليه وآله وسلم نظر الي علي ابن ابي طالب عليه السلام و قال هذا و شيعته في الجنت

    پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام جي چهري مبارڪ جي طرف ڏسي ڪري فرمايو
    هي ۽ هن جا شيعه ڪامياب آهن

    احقاق الحق ،ج 7 ص 308
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2015
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر :4
    هڪ شخص پنهنجي گهرواري کي چيو ته حضرت فاطمه سلام الله عليها کان پڇجان ته ڇا مان انهن جي شيعن منجهان آهيان ؟

    حضرت سيده فاطمه انهي عورت کي جواب ڏيندي فرمايو :
    هر اُنهي ڪم کي انجام ڏي جنهن جو اسان حڪم ڏنو هجي ۽ هر اُن ڪم کان پاڻ کي پري ڪر جنهن جي اسان منع ڪئي هجي پو تون اسان جي شيعن منجهان شمار ٿيندي


    بحار الانوار ج43 ص 88
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2015
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر :5
    حضرت بي بي زهرا سلام الله علهيا جن فرمايو:

    جڏهن مان ننڊ جي لا بستر وڇايو اُن وقت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم منهنجي گهر آيا ۽ فرمايائون:
    اي فاطمه(سلام الله عليها) ننڊ کان پهريان چار شين کي انجام ڏي

    1. قرآن کي ختم ڪري
    2. پيغمبرن کي پنهنجو شفيع(شفاعت ڪرڻ وارا) ڪري ،
    3. مومنين کي پاڻ کان راضي ڪري ،
    4. حج ۽ عمره کي انجام ڏئي پو ننڊ ڪر.
    هي فرماء پاڻ ڪريم صلي الله عليها نماز ۾ مشغول ٿي ويا مون صبر ڪيو ته جيئن پاڻ ڪريم نماز کي ختم ڪن ،

    مون چيو يا رسول الله( صلي الله عليه وآله وسلم) مونکي جن چار شين جو توهان حڪم ڏنو مان انهن کي انجام ڏيڻ جي سگهه نٿي رکان !

    آنحضرت مسڪرايو ۽ فرمايو :
    1. جيڪڏهن ٽي مرتبه ”قل هو الله“ پڙهندي ته ختم قرآن جو ثواب ملندو
    2. جيڪڏهن مون تي ۽ مون کان پهريان وارن پيغمبرن تي صلوات موڪليندي ته قيامت جي ڏينهن تنهنجي شفاعت ڪرڻ وارن منجهان هونداسين .
    3. مومنن جي طلب استغفار ڪندي ته اُهي سڀ توکان راضي رهندا.
    4. جيڪڏهن چوندين”سبحان الله والحمد لله ولا اله الا الله والله اکبر “ ته توکي حج ۽ عمري جو ثواب ملندو .
    (صحيفه الزهراء ، ص 164)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2015
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,185
    ورتل پسنديدگيون:
    2,172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪاش جي اڄ جي مسلمان خاتون هن هستي کان آئيديولوجي عورت وٺي ها.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,185
    ورتل پسنديدگيون:
    2,172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪاش جي اڄ اسان پنهنجي نياڻين کان انهن جي رضا جي مطلق پُڇون ها ته ڪيترن ئي غذابن کان بچي پؤن ها.وسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر : 6
    هڪ ڏينهن جناب سلمان سيده بي بي فاطمه سلام الله عليها کان عرض ڪيو
    اوهان ڇا جي ڪري ايترو ڪم ڪريو ٿا جو اوهان جا هٿ زخمي ٿي پون ٿا جڏهن ته اوهان وٽ اوهان جي ڪنيز فضى به مجود آهي اها گهر جو ڪم ڪري سگهي ٿي؟


    سيده فاطمه سلام الله عليها جواب ۾ فرمايو:
    رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم مون کي سفارش ڪئي آهي ته هڪ ڏينهن گهر جو ڪم فضه ڪري ۽ ٻي ڏينهن گهر جو ڪم مان ڪيان ڪالهه فضه جي واري هئي ۽ اڄ منهنجي واري آهي

    (بيت الاحزان ، ص 20)
    (هي ڪردار آهي جنت جي عورتن جي سردار سيده فاطمه سلام الله عليها جن جو )
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2015
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر :7
    حضرت بي بي فاطمه سلام الله عليها فرمايو:


    خَيرُالِلنِسَاءِ اَنۡلا يَرَينَ الرِّجَالَ وَلَا يَراهُنَّ الرِّجَالُ:


    عورتن جي لا بهتر هي آهي ته هو نه ڪنهن نا محرم( ڪنهن ٻي مرد ) کي ڏسن ۽ نه نا محرم مرد عورتن کي ڏسن


    (ڪشف الغمه،ج 2 ص 23 بحارالانوار:ج 101 ،ص 36)​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر :8

    حضرت بي بي فاطمہ سلام الله علهيا فرمايو ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:

    وَيل لامرَاة اغضَبَت زَوۡجَهَا وَ طُوبٰي لاِمراة رَضِيَ عَنهٰا زَوجُهٰا:


    افسوس هجي اُن عورت تي جيڪا پنهنجي مڙس کي ناراض ڪري ٿي ڪامياب آهي اُها عورت جيڪا پنهنجي مڙس کي خوش رکي ٿي

    (بحارالانوار :ج 43ص 191)​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. غلام مرتضى ٿهيم

    غلام مرتضى ٿهيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    اسٽيڊي
    ماڳ:
    شهر ٺٽو
    سائين وڏا احسان جو توهان جا جو هيڏيون ساريون حديثون اسان تائين پهچائي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,185
    ورتل پسنديدگيون:
    2,172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ماڳ:
    ڪراچي
    جنابِ سيده سلام الله عليها فرمايو
    الله عبادت جي اخلاص لاءِ روزو قرار ڏنو.
    ڪتاب گفتار دلنشين تان بابِ جنابِ سيده سلام الله عليها
    وسلام
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر 09
    سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها


    ” عورتن جي لاءِ سڀ کان بهتر شي “

    حضرت امام علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته مان ۽ فاطمه س حضور اڪرم ﷺ جي خدمت ۾ هياسين انهي اثنا ۾ رسول اڪرمﷺ جن دريافت ڪيو، ” عورتن جي لاءِ سڀ کان نيڪ ۽ بهتر شي ڪهڙي آهي“ ؟

    حضرت فاطمه زهره س جن جواب ۾ فرمايو :

    عورتن جي لاءِ سڀ کان بهترين شي اها آهي ته هو ( بغير ضرورت نا محرم ) مردن جي طرف نه ڏسي ۽ نه ئي نامحرم مرد ان کي ڏسن .

    ” ڪتاب جلوه نور صفه 77“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر 10
    سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها

    ” گهر جي ڪمن جي تقسيم “

    حضرت فاطمه س تمام سخت زندگي گذاري آهي پاڻ گهريلو ذميوارين سان گڏوگڏ ٻچن جي تربيت تي به پوري توجهه ڏيندي هئي پاڻ گهر جي ڪمن کي تقسيم ڪري پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ عدل و انصاف جو بهترين نظام به قائم ڪري رکيو هيو،

    گهريلو ڪمن ۾ اميرالمومنين عليه السلام به سائيڻ جو هٿ ونڊرائيندا هيا، جڏهن ته پنهنجي ڪنيز جناب فضه سان گڏ پاڻ جن ڪمن جي ڏينهن کي برابر تقسيم ڪيو هيو، سلمان فارسي چون ٿا ته !

    هڪ ڏينهن مان حضرت فاطمه زهره س کي پنهنجي هٿ مبارڪ سان چڪي هلائيندي ڏٺو مون سلام عرض ڪيو ۽ چيو: اي بنت رسول الله ﷺ تون پاڻ ڇو ايترو پريشان ٿي رهي آهين تنهنجي خدمت جي لاءِ جنابِ فضه س جو موجود آهي گهر جا ڪم ان جي حوالي ڪري ڇڏيو.

    اهيو ٻڌي جناب فاطمه س جواب ۾ فرمايو ته:

    اي سليمان ! رسول الله ﷺ مونکي فرمايو آهي ته گهر جي ڪمن کي فضه س سان تقسيم ڪري ڇڏ هڪ ڏينهن اها ڪم ڪري ۽ هڪ ڏينهن مان ڪم ڪريان ڪالهه ان جي واري هئي ۽ اڄ منهنجي واري آهي

    ” ڪتاب جلوه نور صفه نمبر 80“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر 11
    سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها

    ” ” شريڪ حيات جو اخلاق “

    هڪ ڏينهن حضرت علي عليه السلام جن فرمايو :

    اي فاطمه س : ڇا گهر۾ ڪجهه کائڻ جي لاءِ آهي؟ گهر ۾ جيڪو کاڌو هيو اهو هڪ ڏينهن پهريان کائجي چڪو هيو انهي لاءِ بي بي س جن انڪار ڪيو ته امام عليه السلام جن فرمايو! فاطمه س مونکي تو ڇو نه ٻڌايو تاڪه مان کاڌي جو انتظام ڪريان ها؟

    جناب فاطمه فرمايو: اي ابو الحسن ع ! مونکي پنهنجي پروردگار کان حيا اچي ٿو ته مان توکان ان شي جي درخواست ڪريان جو جنهن شي جي پوري ڪرڻ جي تو ۾ مالي استطاعت نه هجي.

    ” ڪتاب جلوه نور صفه 60“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حديث نمبر 12
    سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها

    ”فرض جو احساس)

    حضرت امير المومينن عليه السلام جن فرمائين ٿا ته هڪ دفعي جناب سيدة س جي طبيعت نا ساز هئي پاڻ سڄي رات تمام گهڻي بيچينيءَ سان گذاريائين صبح جي قريب ڪجهه اک لڳي ويئس، اذان جي وقت ڏٺم ته فاطمه س اٿي آهي ۽ وضو ڪري رهي آهي مون نرمي سان کيس چيو فاطمه س توکي پاڻ تي به رحم ڪونه ٿو اچي، سڄي رات بخار رهيو اٿئي صبح ٿڌي پاڻي سان وضو ڪيو اٿئي ۽ هاڻي وري چڪي هلائي رهي آهين.؟

    سيدة طاهره سلام الله عليها ڪنڌ جهڪائي چيو ”اي ابو الحسن عه ! جيڪڏهن مان فرض جي ادائگي ۾ مري به وڃان ته حد کان وڌيڪ خوش ٿيندس ۽ مون کي عبدي مسرت حاصل ٿيندي. مون وضو ڪيو خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ۽ چڪي هلائي توهان جي اطاعت ۽ ٻارن جي خدمت لاءِ هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته انهن ٻنهي فريضن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو فريضو ٿي سگهي ٿو.

    ”ڪتاب سيدة النساءِ العالمين بنت رحمة اللعالمين صفا 370“
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سجادعلی میرجت

    سجادعلی میرجت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جولائي 2015
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سلام قبلا خدا سلامت کی رکی عالی بود
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,060
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين سجاد علي مير جت صاحب وڏي مهرباني.
     
  19. سونا فقير

    سونا فقير
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2016
    تحريرون:
    30
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    تمام بهترين اقوال آهن مولا اوهان کي سلامت رکي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو