ايس ايس پي خيرپور ناصر آفتاب جي ڪوششن سان خيرپور جو امن بحال

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خيرپور جي ايس ايس پي ناصر آفتاب کي جس هجي جنهن جي ڏينهن رات جي محنت سبب خيرپور جو امن بحال ٿيو آهي. مونکي ياد آهي ته ڪجهه مهينا اڳ جڏهن ڳوٺ رات دير سان پئي ويس ته منهنجي ڀاء ۽ منهنجي وڏڙن جيڪي ڳوٺ ۾ رهندا آهن مونکي منع ڪئي ته خيرپور جو امن موڪلائي ويو آهي، هتي ڪوبه محفوظ ناهي انڪري دير سان نه ايندا ڪيو. ضلعي ۾ چورين، ڌاڙن، قبيلائي جهيڙن، ڦر لُٽ ۽ اغوا جون ڪيئي وارداتون ٿي چڪيو هيون.

    ناصر آفتاب ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو آهي، جيل ڀرجي ويا آهن، چور يا ته نمازي ٿي ويا آهن يا علائقاڇڏي ڀڄي ويا آهن. قبيلائي ۽ برادري جي جهيڙن ۾ به ٺاپر آهي. سڀ ڪجهه مڪمل ٺيڪ ته ناهي پر پوء به امن بحال ٿيو آهي. گذريل هفتي ڳوٺ ويس ۽ پڇيم ته جي دير ٿي وڃي ته پوءِ ... !!!! جواب مليو ته بي فڪر ٿي گهم ڦر .....

    ناصر آفتاب اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن پوليس آفيسر سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪري ته عوام آرام جي ننڊ سمهي سگهي ٿو.

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    بيشڪ سائين جيڪڏهن پوليس آفيسر سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪن ته اسان جي پوري سنڌ ۾ امن ٿي ويندو
    پر افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته گهڻي قدر اسان جي پوليس پاڻ ئي اهڙا واقعا ۽ چوريون ڪرائندي آهي ته جيئن پيسا ڪمائي سگهون
    اسان جي علاقي جو ايس ايڇ او اصل ۾ هڪ وڏيرو آهي ۽ چورن جو يار آهي هن جو چوڻ آهي پهريان ڪوشش ڪيو ته منهنجي حد مان ڌاڙو وغيره نه هڻو باقي جٿان اچي پيا لٽو
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    مان هن آفيسر کي ٻن هٿن سان سلام ٿو ڪريان.تمام سٺو ڪم ڪري پيو.مون کي هي ايس پي تمام پسند آهي.
    هي ايس پي صاحب اڌ رات جو خيرپور کان وٺي ٺري ميرواه تائين گشت ڪندو اهي روزانو
    اهڙا ته آفيسر ته سنڌ کي گهرجن.
    پر افسوس جو پوليس ۾ سياسي مداخلت آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    سلام آهي هڪ سچي آفيسر کي جيڪو پنهنجي فرض سان خوب وفاداري جو ثبوت ڏنو آهي ڪاش باقي ضلعن ۾ اهڙا آفيسر اچن ته جيئن امن سڄي قوم لاءِ ممڪن ٿي پوي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو