1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

اکين ۾ ڏيک يثرب جو چپن تي نام چاهيون ٿا

'حمد و نعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,406
    ورتل پسنديدگيون:
    26,880
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نعتيه غزل

    ساحر راهو

    اکين ۾ ڏيک يثرب جو چپن تي نام چاهيون ٿا،
    پيئڻ هر ويل ڪوثر جو اسين بس جام چاهيون ٿا.

    قدم ڇالا هجن انگڙا ٿڪل چاهي مديني جي
    گلين جي ڪنهن به صورت ۾ مقدس شام چاهيون ٿا.

    گناهن کان جياپي جي گلي آ آخري مرسل،
    پيامبر جي پيامن جو ڪرڻ احترام چاهيون ٿا.

    انڌيرن تي اجالن جي وڇي چادر اچانڪ ڪيئن،
    عرب جي پلٽي ڪايا جنهن پسڻ پيغام چاهيون ٿا.

    انا جي انڌ ۾ جيريون دفن ٿينديون هيون نياڻيون،
    جهالت کي مٽايو جنهن ڏسڻ سو ڄام چاهيون ٿا.

    جنهنين جي پالنا مان ٿي ڌڻي لولاڪ جو راضي،
    رسول الله جي چاهت جي اکين ۾ سام چاهيون ٿا.

    طلب ڪنهن ريت پوري ٿئي نه منزل جستجو ماڻي،
    اڌوري لهر جان ساحر عمر تشڪام چاهيون ٿا.

    [​IMG]



     

هن صفحي کي مشهور ڪريو