اَولَا کَڻِي اُوءِ، پَڳَهَه ڇَوڙَي پَنڌِ ٿيَا آيَلِ ! سَامُونڊِيُنِ جي، آهَي اَڙَانگِي جُوءِ ڪَڏَهن ڏِسَندِيَسِ رُوءِ، وَرِي هِن اَکيُن سِين سُرُ سَامُونڊي اَولَا = ڏک، ڏنجهه، تڪليفون، اذيتون اُوءِ = اُهي پَڳَهَه = ٻيڙي کي ٻڌڻ جا رسا آيَلِ = امڙ، ماءُ، جيجل اَڙانگِي = ڏکي، مشڪل، اذيت ناڪ، خطرناڪ، ڪربناڪ جُوءِ = جاءِ، تَرُ، پسگردائي رُوءِ = صورت، شڪل، مهانڊو، رونق بيت جو پس منظر ~ وڏين تڪليفن پڄاڻان سامونڊي ٻيڙن جا رسا کولي پنهنجي منزل ڏانهُن روانا ٿي ويا آهن. ~ او جيجل امان ! سامونڊين جو سفر ڏاڍو تڪليفن وارو آهي. ~ هي اکيون وري ڪڏهن کين ڏسي به سگهنديون الائي نه. سمجهاڻي سمنڊ رستي واپار ڪندڙ وڻجارا مال جا ٻيڙا ڀرائي پرڏيهه هليا ويا آهن. هڪ وڻجاري جنهن جو وَرُ، محبوب به هن قافلي سان روانو ٿي ويو آهي سا پنهنجي جيجل کي ڳل ڳراٽي پايو هنجون هاريندي پئي چئي ته : او امان هي پرڏيهه جو پنڌ ڏاڍو اذيت ناڪ ۽ ڪربناڪ آهي. ڪهڙي خبر هن حياتيءَ ۾ وري پنهنجي محبوب کي ڏسي سگهنديس به الائي نه. سو اچو سوچئون ته سنڌ معدني وسيلن ۽ ٻين گذر جي وسيلن سان مالا مال هوندي به اسان جا ماڻهون ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڪمائڻ لاءِ ڇو ٿا وڃن ؟ پنهنجي وطن ۾ سندن روزگار جو بندوبست ڪرڻ آخر ڪنهنجي ذميواري آهي...!!؟ ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل