سيف ٻنوي : علم ۽ ادب جو تا حيات سيلاني
ڪامران يوسف سيف
جيئن ئي جنازي پڙهائيندڙ امام سلام ورايو ته هاءِ اسڪول جي ورانڊي ۾ فقراءَ صف جوڙي ڳائڻ شروع ڪيو؛
”وسامي الائي ڪڏهن زندگيءَ جو ڏيئو،
ڪريو قرب جاني اوهين شل جيئو:“
ڪورس ۾ فقراءَ جو آلاپ سياري جي هلڪڙي هوا تي ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ ٿي رهيو هو. جنازي ۾ شريڪ ماڻهو فوتي متعلق پنهنجا ويچار ونڊي رهيا هئا. آخري ديدار وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻني جو ورانڊو ڀرجي ويو هو. هر ڪانڌيءَ جي من ۾ زندگيءَ ۽ موت بابت هورا کورا هئي. اڪثر ورهين کان وٺي هلندڙ روايت تحت ان کي رب جي رضا قرار ڏئي رهيا هئا. جيڪو جيءُ جڙيو آهي، اهو ڊهڻو آهي. هي دنيا فاني آهي، هر ڪنهن کي وڃڻو آهي. مرڻ پڄاڻا ماڻهو جو ڪردار ۽ سندس ساروڻيون ئي رهجي وينديون آهن. ٻني هاءِ اسڪول ۾ سوين ماڻهو هن جي جنازي کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ آيل هئا. هي اهو ئي سيف ٻنوي هو، جنهن جو مائٽن ڇٺي جو نالو ته محمد رحيم رکيو هو پر ادبي، سياسي، سماجي ۽ شاعريءَ واري دنيا ۾ کيس سيف ٻنويءَ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو.
هو ۲۱جون ۱۹۴۴ع تي ڪڇي سومرن جي هڪ هيٺلي ۽ خوددار شخص محمد خان سومري جي گهر ۾ ڄائو هو. پرائمري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻني مان حاصل ڪئي. تن ڏينهن ۾ سائين ساقي سجاولي نوجوانن ۾ ادبي ذوق ۽ شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ”ايوان ادب ٻنون“ جون گڏجاڻيون ٻني شهر ۾ ڪرائيندو هو. بقول سيف ٻنويءَ جي ته هو انهن گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو هو ۽ اهڙي طرح سان هن جي علم ۽ ادب سان ويجهڙائپ ٿي، انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي والد محمد خان سومري کان ٻڌل رومانوي قصن کان متاثر ٿي سيف ٻنويءَ شاعري شروع ڪئي. ۱۹۶۲ع ۾ ٻني مان ٽن ڄڻن مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. جن مان صرف سيف ٻنوي پاس ٿيو. جڏهن ته مشهور ليکڪ عبدالحئي پليجو ۽ افضل راجپوت سپليمينٽ جو امتحان ڏئي ڪري پاس ٿيا. هو ۱۹۶۲ع کان ۱۹۷۲ع تائين استاد رهيو. کيس انگريزي ادب سان گهڻو چاهه هوندو هو. ٻهراڙيءَ جي روايت مطابق هر ماڻهو بدلي ڪرائي پنهنجي ڳوٺ ڀرسان رهڻ چاهيندو آهي پر سيف ٻنوي ان روايت جي ابتڙ ٻني مان بدلي ڪرائي جهرڪ شهر آيو. انهن ۱۰ورهين جي نوڪري دوران هو ٻين شهرن ۾ پڻ رهيو پر جهرڪ شهر سان کيس گهڻي انسيت هوندي هئي. جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته ٻني شهر ۾ علمي ادبي ماحول نه هئڻ ڪري هو جهرڪ آيو. جتان حيدرآباد يا ٺٽي تائين سفر جي سهولت به هوندي هئي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان شناسائي جي حوالي سان هن ٻڌايو ته شروع شروع ۾ اسان به لطيف جا بيت نصابي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهياسين. جهرڪ شهر ۾ روايتي ڪچهرين ۾ لطف پيدا ڪرڻ لاءِ بيت ٻڌايا ويندا هئا. هڪ ڀيري ڪچهري ۾ اهڙو ماڻهو آيو، جنهن کي تعداد جي لحاظ کان وڌيڪ بيت ياد هئا ۽ کيس (سيف ٻنويءَ کي) جيڪي ياد هئا سي کٽي ويا. جنهن کانپوءِ مون (سيف ٻنوي) جهرڪ هاءِ اسڪول جي لائبريري ۾ جيترا به شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا رسالا هئا، پنهنجي نالي تي جاري ڪرايا. جن کي نه رڳو پڙهيم پر انهن جي سرن، پس منظر، لفظن جي معنيٰ ۽ فڪر کي به سمجهڻ شروع ڪيو. ائين ڪجهه مهينن ۾ لطيف جو سمورو رسالو مون کي ياد ٿي ويو. سندس حافظو ايترو ته تيز هوندو هو، جو ڪيترائي نظم ٻه ٽي ڀيرا پڙهڻ کانپوءِ کيس ياد ٿي ويندا هئا. هو لطيف جي حوالي سان علامه آءِ آءِ قاضي جي ترتيب ڏنل رسالي کي تسليم ڪندو هو ۽ ڀٽائي بابت علامه آءِ آءِ قاضي جي اڪثر خيال سان هم آهنگي رکندو هو. هو اڃا استاد ئي هو جو انهن ڏينهن ۾ ادبي ماحول کان ترقيءَ پسند سياسي ماحول طرف هليو ويو. هن سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ پروگرام دوران ”شاعر ڏانهن“ عنوان هيٺ هڪ نظم پڙهيو. جنهن پروگرام ۾ مکيه مهمان صدر ايوب خان هو. ان نظم کيس تڏهوڪي شاگردن ۾ وڏي پذيرائي ڏياري. بقول سندس ته انهن ئي ڏينهن ۾ هو ون يونٽ خلاف سياسي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو ۽ هن جو ترقي پسند سوچ رکندڙ حلقي سان تعلق جڙي ويو هو. هن جي اهڙين ئي سياسي سرگرمين ڪري کيس ۱۹۷۲ع ۾ نوڪري مان ڪڍيو ويو.
سيف ٻنويءَ ۱۹۷۲ع ۾ تعليم جي سلسلي کي ٻيهر جاري رکڻ جي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي ادب ۾ داخلا ورتي. تن ئي ڏينهن ۾ هو شاگرد سياست ۾ پڻ سرگرم رهيو. ان دوران ئي هن جي زاهد مخدوم، امداد اوڍي، ڄام ساقي، سهيل سانگي، آفتاب ميمڻ، ڊاڪٽر نياز جتوئي، سڀاڳو خان جتوئي، يوسف علي مرزا، اشرف کهاوڙ ۽ ٻين سان ملاقات ٿي. ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن شيخ عزيز صاحب سنڌ نيوز اخبار حيدرآباد اچي سنڀالي ته کيس صحافت ۾ پير رکڻ جو موقعو ملي ويو ۽ هن سنڌ نيوز اخبار جوائن ڪئي. ضياءَ جي مارشل لاءِ خلاف پهرين مزاحمت صحافين ڪئي ۽ هو ان دوران پڻ سرگرم رهيو. اهڙي طرح صحافت جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ زندگيءَ جي آخري وقت تائين هن جي گذر بسر جو توڙي گهڻو تعلق لکڻ پڙهڻ سان ئي رهيو.
هن سنڌي ادبي سنگت جي مونو گرام منظور ڪرائڻ واري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ ان ۾ سرگرمي سان حصو ورتو هو. ڪميونسٽ پارٽي سان واڳيل رهيو. شروع جي زماني ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد بزم صوفياءِ سنڌ جي نالي سان سنڌ جا دورا ڪيا، تڏهن سائين جي ايم سيد کيس گڏ وٺي ويو. ان دوران سياسي، ادبي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ هو مختلف پليٽ فارمن تي سرگرم رهيو. پاڻ حضرت علي رضه جو اهو قول اڪثر ورجائيندو هو ته ”غريب اهو آهي جنهن جا مخلص دوست نه آهن“ دوستن کي وندرائڻ، سندن مسئلن کي سمجهڻ ۽ هر ڪنهن سان همدردي ڪرڻ، ننڍي وڏي جي فرق کانسواءِ ئي کين عزت ۽ مان مرتبو ڏيڻ سندس مزاج جو حصو هوندو هو.
۱۹۹۰ع ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ۾ جڳاڙ ڪري سنڌي الفابيٽ تيار ڪئي وئي تڏهن کان سنڌي صحافت ۾ ڪيتريون ئي اخبارون شايع ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. پاڻ ان دوران ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن ۱۹۹۶ع ۾ ٻني شهر ۾ لطيف خواني جي حوالي سان ”لطيف خواني تنظيم“ جوڙي ۽ صوفياڻي مزاج کي ذهن ۾ رکي لطيف پڙهائڻ، اچار درست ڪرڻ، پس منظر سمجهڻ ۽ لطيف کي ڳائڻ جي حوالي سان هر چنڊ جي ۱۳هين تاريخ تي ميڙاڪو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪو سلسلو ڳچ عرصو جاري رهيو.
زندگي جي لاهين چاڙهين دوران هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو. ڏکي توڙي سکي ۾ کيس پنهنجي محفل مچائڻ جو خاص فن هوندو هو. حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هو ڪراچي جي حاجي مريد ڳوٺ ۾ مسواڙ تي هڪ ننڍري گهر ۾ رهندو هو. ان دوران جڏهن گردن جي تڪليف ٿي ته SIUT۾ ڏيکاريوسين پر پاڻ دوائن تي گهڻو ڌيان نه ڏنائين. بيماري دوران تڪليف ٿيڻ تي جڏهن کيس ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ جي لاءِ زور ڀريندا هئا سين ته پاڻ چوندو هو ته آخري ڏينهن ۾ ائين ٿيندو آهي. هن زندگي جي ڪنهن به موڙ تي لالچ نه رکي. هن ملڪيت ميڙڻ تي ڪڏهن به ڌيان نه ڏنو. نياڻين کي به پٽن جيتري اهميت ڏيندو هو.
۱۳هين جي محفلن دوران هن پنهنجي فقير فقراءُ دوستن کي ٻني ۾ تدفين جي لاءِ وصيت ڪئي ۽ کين اها پڻ هدايت ڪئي هئي ته دفنائڻ دوران ڪو روڄ راڙو نه ڪيو وڃي، بلڪه صوفياڻي راڳن ۾ کيس دفنايو وڃي. زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ هو غالب کي پڙهندو رهندو هو. پاڻ ۵جنوري۲۰۱۰ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.