اَڄُ پِڻُ وَايُون ڪَنِ، وَڻِجَارَا وَڃَڻَ جُون هَلَڻَ هَارَا سُپَرِين، رُئَان تَان نَه رَهَنِ آئُون جَهلِيندِي ڪَيترَو؟ آيَلِ سَامُونڊِيُنِ پَڳَهَه ڇَوڙَي جَنِ، وِڌَا ٻَيڙَا ٻَارِ ۾ سُرُ سَامُونڊي وَايُون = ڳالهيون، صلاحون، سس پس وَڻجَارَا = سمنڊ رستي واپار ڪندڙ هَلَڻَ هَارَا = وڃڻ وارا، وڃڻ لاءِ ٿيو بيٺا آهن، بس اجهو ٿا وڃن سَامُونڊيُن = سمنڊ ۾ سفر ڪندڙ پَڳَهَه = ٻيڙي کي ٻڌڻ جا رسا ٻَار ۾ = تار پاڻيءَ ۾، وچ سير ۾، سمنڊ ۾ بيت جو پس منظر ~ اڄ وڻجارا وري سفر تي وڃڻ لاءِ پاڻ ۾ ڳالهيون پيا ڪن. ~ اجهو بس هاڻي وڃڻ وارا آهن، منهنجي روئڻ سان به نٿا رهن. ~ او منهنجي جيجل ماءُ !! مان ڀلا کين ڪيترو جهلينديس. ~ هاڻي ته هنن رسا به کولي ڇڏيا آهن ۽ سندن ٻيڙا ته وچ سِير ۾ پهتا آهن. سمجهاڻي مال سان ٻيڙا ڀرجي ويا هن ۽ هاڻي وڻجارا پاڻ ۾ رواني ٿيڻ لاءِ ڳالهيون پيا ڪن.هڪ وڻجاري جي وني بندر تي موجود آهي ۽ هي منظر اکين ساڻ پئي ڏسي. پنهنجي ماءُ کي شڪايت ڪندي روئي ٿي چئي :جيجل امان ڏس نه کين منهنجيون لڙڪن لارون به روڪي نه سگهيون. جيڪر ڪا گهڙي ترسي پون ها ته مان پنهنجي سڪ ته لاهيان ها.او امان تون جهلين ڇو نه ٿي، هو ڏس هنن هاڻي ته ٻيڙن جا رسا به کولي ڇڏيا آهن ۽ وچ سير ۾ وڃي پهتا آهن. ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل