لَڳي اُتَرَ اَوهِرِيَا، وَاهُوندَي وَرَنِ آئون گَهڻَو ئِي گَهوريَان، سَودَو سَامُونڊِيُنِ اَڱَڻِ جَي اَچَنِ، وَرِتِي عِيدَ اُنِ کَي سُرُ سَامُونڊي اُتَرَ= اتر پاسي ڏانهن لڳندڙ هوائون اَوهريَا = سفر تي روانا ٿيا، پرڏيهه هليا ويا وَاهُوندَي = بهار جي مند ۾ وَرَن = واپس اچن، موٽي اچن گَهوريَان = کڏ ۾ اڇليان، باهه ڏئي ساڙيان سَودَو = جيڪي هو واپار ڪن ٿا عيدَ وَرتي = عيد ٿي وئي، خوشين جو ڏينهن، جشن جو ڏينهن، عيد جو ڏينهن بيت جو پس منظر ~ مون کي ياد آهي جڏهن اتر جون هوائون لڳيون هيون ته محبوب پرڏيهه روانا ٿيا هئا ۽ وري جڏهن بهار ايندو تهموٽي ايندا. ~ جيڪر وس پڄيم ته سامونڊين جي هن واپار کي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيان. مون کي ته هي ڌنڌو زهر لڳندو آهي. ~ محبوب جڏهن پرڏيهه مان واپس ايندا ته عيدون ٿي وينديون. سمجهاڻي ڀٽائيءَ هن بيت ۾ هڪ وڻجاريءَ جون دلڪش ساروڻيون، نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪئي آهي. وڻجاري چئي ٿي مون کان ناهي وسريو جڏهن اتر جون تيز ۽ ٿڌون هوائون گُهليون هيون ته منهنجا محبوب پرڏيهه روانا ٿيا هئا. وري جڏهن چيٽ ڦٽندو ڦول ڦولاربا، بسنت رت ۾ ڪوئليون ڪوڪينديون، رابيل ۽ گلاب ٽڙندا. هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي، انب ٻور جهليندا، ڀونئر گلن جي رس چوسيندا، فضا ۾ هٻڪارون ۽ مهڪارون هونديون تڏهن منهنجا محبوبموٽي ايندا. پوءِ ته هر طرف خوشيون، مسرتون، شادمانا هوندا. جمالا ڳائبا، دل خوشيءَ ۾ رقص ڪندي، ڪائنات جهومي اٿندي ۽ عيدون ٿي وينديون. ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل