سامونڊي اَسَان اُڌَارَا ، آڻَي اَوَنگَ چَاڙِهِيَا

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    اَسَان اُڌَارَا ، آڻَي اَوَنگَ چَاڙِهِيَا
    مُنهُن ڏَيئِي مُون آئِيَا، سَمُهَان سِيَارَا
    اُڀِرَنِ سِيڪَارَا، پَسِيَو وَرَ ٻِيَنِ جَا


    سُرُ سَامُونڊِي

    اَوَنگَ = پکا، تنبو
    سَمُهَان = سامهان، سڌا
    اُڀِرَنِ = نڪريو وڃن
    سِيڪَارَا = ڪتڪايون، سيڪس جو اڀرڻ، ٿڌيون آهون، ٿڌا ساهه، ٿڌا شوڪارا
    وَرَ = مڙس، ڀتار، ڪانڌ

    بيت جو پس منظر

    * اسان پکا ۽ تنبو اڌارا وٺي اچي اڏيا آهن.
    * سياري جون وِلهُون، تيز ٿڌيون هوائون به مُنهِن سامُهِن لڳن پيون.
    * جڏهن ٻين عورتن کي پنهنجي مڙسن سان ڀاڪر ۾ ٿي ڏسان ته مون کي به پنهنجي ور جي صحبت ياد ٿي اچي.

    سمجهاڻي

    ڀٽائيءَ جو هي بيت هڪ ڏکايل ۽ غريب عورت جي معاشي، اقتصادي ۽ سيڪسي حالتن جي عڪاسي ٿو ڪري.کيس رهڻ لاءِ پنهنجو گهر ناهي، مڙس ڪمائڻ جو چئي نڪتو هو جيڪو اڃان ناهي آيو.پاڙي وارن کان ايلاز منٿون ڪري هڪ پراڻو تنبو وٺي پنهنجو پکو اڏيو اٿائين.سياري جون تيز ٿڌيون هوائون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن. ٿڌ ۾ اضافو ٿيندو ٿو وڃي.سيءَ کان بچڻ لاءِ پاڻ کي ۽ سندس ٻارن کي گرم ڪپڙا به ڪونهن .جڏهن ٻين عورتن کي پنهنجي مڙسن سان پيار، محبتون ونڊيندي ۽ وهنجندي ڏسي ٿي ته کيس به مڙس جا ڪوسا ڀاڪر ۽ صحبت ياد ٿي پئي.

    ____
    محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آونگ:

    ڪَچي ۽ ننڍي سُڪل مڇيءَ يا سُڪل ڪُرڙين کي سڏبو آهي. شاهه جي رسالي ۾ سر سامونڊيءَ هيٺ هڪ بيت جي سِٽ آهي ته:
    ”اسان اُڌارا، آڻي آونگ چاڙهيا“. (شاهه)

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    تمام بهترين
     
  4. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    سائين،وڻجارن جون وهون يا عورتون روزانه پنهجي ور اچڻ جي انتظار ۾ بندر تي اچي انتظار ڪنديون هيون،
    پُکا،يا فالون وجهنديون هيون،۽ ايندڙ ٻيڙن يا بحري جهازن جا سِڙھ ۽ وائنٽيون ڏسي خوش ٿينديون هيون، ت او انهئ ٻيڙي ۾ منهجو وڻجارو ايندل هوندو،۽ پوءِ جڏنهن ٻيڙو لنگر ڪندو هو،۽ وڻجاري پنهجو ور ن ڏسندي هئي،ت اها ٿڌا شوڪارا ڀريندي،ڏڪندڙ ڪنبدڙ بدن سان هيڻئ حالت ۾ مايوس ٿي خالي هٿين گهر ڏانهن موٽندي هئي،
    جت راشن وغيره ب ختم هوندو هو،پوءِ ويچاري پاڙي مان (آونگ)مڇئ جو هڪ قسم جيڪو ننڍو ٿيندو آهي، اُڌارو وٺي چاڙهيندي هئي،
    باقي بندر تي وڻجارن جي انتظار ۾ تنبو هڻي ن ويهنديون هيون انهن جون عورتون،انتظار ڪرڻ کان پوءِ پنهجي گهرن ڏانهن موٽي اينديون هيون،

    انتظار ۽ جدائي ۾ تڙپندي چونديون هيون ت

    ٻيڙئ جي ڀوڻن، نينهن ن ڪِجي تَنِ سين
    اُڀيون ڏنڀ ڏسن، وهون وڻجارن جون
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 آڪٽوبر 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Indus Baloch

    Indus Baloch
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 جون 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ٺٽو
    سر آونگ جي صحيح معنيٰ کاڌي پيتي جو سامان آھي ملاح پکا اڌار نٿا وٺن ڇو تہ پکا درياه م ٿيندڙ پن سان پاڻ تيار ڪندا ھئا

    ڊاڪٽر تنوير عباسي آونگ لفظ جي معنيٰ کاڌي يا رڌي پچاءُ جو سامان ڪئي آھي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو