ڍَولِيَو وِيَڙَو ڏَورِ، تَي ٿِي سِيءَ گُذَارِيَان مَادَرِ ! مُون مَ چَورِ، نَاتَ پَڌَرِ پَوَندِي پِرِينءَ رِي سُرُ سَامُونڊِي ڍَولِيَو = محبوب، پرين تَي ٿِي = تنهن ڪري، ان ڪري، تنهن سبب مَادَرِ = ماءُ، جيجل، امڙ، آيل مَ = نه چَورِ = جاڳاءِ، اٿلاءِ نَاتَ = نه ته، نه ته جيڪر پَڌَرِ پَوَندِي = ظاهر ٿي پوندي، ڳالھ کُلِي پوندي بيت جو پس منظر ~ منهنجو محبوب مون کان پري هليو ويو آ تڏهن ٿي سِيءَ ۾ گذاريان. ~ او جيجل منهنجي ستل سورن کي نه جاڳاءِ نه ته ڳالھ کُلِي پوندي. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ۾ عورت جي اندر جهاتي پاتي آهي جنهن جو محبوب کانئُس گهڻو پري هليو آهي. هوءَ پنهنجي محبوب کي ياد ڪندي چئي ٿي ته جڏهن منهنجي ڪنڌ هيٺان ٻانهَن ڏيئي ڇڪي ڇاتيءَ سان لائي پنهنجي ڪوسي ڀاڪر ۾ وڪوڙي ڇڏيندو هو ته سيءُ ئي محسوس نه ڪندي هيس.پر هاڻي هو الائي ڪاڏي هليو ويو آهي ۽ اڪيلي ٿي سمهان تڏهن ٿو سيءُ ٿئي. او جيجل منهنجي ستل سورن کي نه جاڳاءِ، منهنجي اندر جي اذيتن کي نه اٿلاءِ نه ته هي اکين جا بند ڀڄي پوندا.جڏهن ريهون ڪري روئنديس ته ڳالھ کُلِي پوندي جيڪا اڃان راز ۾ آهي. ____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل