السلام عليڪم سنڌسلامت ساٿيو.
ونڊوز ايڪس پي جيتوڻيڪ پُراڻو آپريٽنگ سسٽم آهي پر تيز رفتار هئڻ ڪري اڪثر ماڻهو اهو ئي استعمال ڪندا آهن، خاص ڪري آفيسن ۾. ڪمپيوٽر کي ٻين جي پهچ کان محفوظ بڻائڻ لا ونڊوز ۾ پاسورڊ لڳايو ويندو آهي، چاهي اهو ونڊوز ايڪس پي هُجي يا 7. ونڊوز ۾ پاسورڊ لڳائڻ کان پو هڪ ڳالهه جو خطرو هوندو آهي ته پاسورڊ جيڪڏهن وسري وڃي ته ڇا ٿيندو ؟ مواد ضايع ٿي ويندو..
ان وهم کي دور ڪرڻ لا ونڊوز يوزر سيٽنگ ۾ پاسورڊ هِنٽ به لڳايو ويندو آهي. جيڪڏهن ان هوندي به پاسورڊ وسري وڃي ته ڇا ڪجي ؟؟؟
ته پو پاسورڊ ريسيٽ ڪرڻ لا مختلف طريقا استعمال ڪرڻا پوندا آهن.
XP ۾ پهريون طريقو:
ونڊوز اسٽارٽ ڪريو ، جڏهن يوزر پاسورڊ گهُري ته ٻه ڀيرا ڪيبورڊ مان Ctrl + Alt + Delete (سڀئي بٽڻ گڏ دبايو) دٻايو.
هاڻي هڪ نئين ونڊو توهان جي سامهون کُلندي جيڪا ڪجهه هن طرح هوندي.
هاڻي ان ۾ User Name: جي خاني ۾ Administrator لکو ۽ Password: وارو خانو خالي رهڻ ڏيو.
هاڻي OK جو بٽڻ دٻايو.
توهان جو ڪمپيوٽر ايڊمنسٽريٽر يوزر کُلي پوندو.
هاڻي توهان Start>Control Panel> User Account ۾ وڃو ۽ اتان اهو يوزر منتخب ڪريو جنهن جو توهان پاسورڊ وساري چُڪا آهيو. هاڻي توهان جي سامهون هڪ نئون ڪنٽرول پينل پيج کُلندو.
پو توهان Delete Password جي آپشن کي دٻايو.
XP ۾ ٻيو طريقو:
XP ۾ آخري حل..:
آخري حل تقريبن سڀني ونڊوز جي لا ساڳيو هوندو آهي.
توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ هڪ نئين ونڊوز انسٽال ڪريو، پر ياد رکو ته جڏهن ونڊوز انسٽال ڪريو ته ان مهل ڪنهن به پارٽيشن کي فارميٽ يا ڊليٽ نه ڪجو. بلڪه C ڊرائيو يا ٻئي ڪنهن ڊرائيو ۾ ونڊوز انسٽال ڪريو.
ائين ڪرڻ سان توهان جي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز ٻه ڀيرا انسٽال ٿي ويندي. ۽ پو توهان نئين ونڊوز کوليو ۽ پنهنجو مواد (جيڪو سي.ڊرائيو ۾ هوندو آهي، جيئن My Document وغيره) ڪاپي ڪري ڪنهن محفوظ جڳهه تي منتقل ڪريو ۽ پو ٻيهر ونڊوز انسٽال ڪريو ۽ هن ڀيري توهان ونڊوز واري پارٽيشن کي مڪمل ڊليٽ ڪريو.