اُلَوڙِڻُ نَه ڏِئَي، وَرُ وِڌَائِين وَنجَهه کَي رَھُ اَڄَوڪِي رَاتِڙِي، لَالَنَ مُون لَاءِ وَڃُ مَ ڦَوڙَائَي، اَيڏَي سَفَرِ سُپِرِين سُرُ سَامُونڊِي اُلَوڙِڻُ = اولي سان ٻيڙي هلائڻ، ڌڪڻ، لوڏڻ، چورڻ وَرُ = ڀاڪر، چنبڙي پئي وَنجُھ = بانس جي لٺ جنهن سان ٻيڙيءَ کي ڌڪي هلائبو آهي لَالَنُ = لالڻ، محبوب مَ = نه مون لائي = منهنجي صدقي ڦَوڙَائَي = جدائي ڪري، وڇوڙو ڏئي بيت جو پس منظر ~ وڻجاري ٻيڙيءَ کي چرڻ ئي نٿي ڏئي، ونجھ کي ڀاڪر هنيو اٿس. ~ او منهنجا محبوب !! اڄوڪي رات ته منهنجي صدقي رهي پئه . ~ او سپرين !! مون کي جدا ڪري ايڏي سفر تي نه وڃ . سمجهاڻي وڻجاريءَ پنهنجي محبوب کي پرڏيھ نه وڃڻ لاءِ گهڻائي ايلاز ڪيا آهن، منٿون ڪيون آهن پر هو ڪونه مڙيو ۽ اچي ٻيڙيءَ تائين پهتو آهي. وڻجاري بي وس ۽ لاچار ٿي آخر ونجھ کي ڀاڪر هڻي ٻيڙيءَ کي چنبڙي پئي آهي. محبوب کي پنهنجو قسم ڏئي پئي چئي ته ڇني ڌار ڪري ايڏو پري نه وڃ. پر جي نٿو مڃين ته ڀلا منهنجي صدقي هڪڙي رات ته رهي پئه . _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل