مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ-اديب، شاعر ۽ روحاني شخصيت!!!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ-اديب، شاعر ۽ روحاني شخصيت!!!
    رسول بخش رحمداڻي

    مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌ جو تمام وڏو شاعر طور سڃاڻپ رکندڙ شخصيت هئا ته اتي پاڻ درگاهه سرور نوح جا گادي نشين رهيا مخدوم محمد زمان تخلص طالب الموليٰ جن جي پيدائش 9 محرم 1338 ه بمطابق 2 آڪٽوبر 1919ع آچر جي ڏينهن هالا ۾ ٿي پاڻ مخدوم غلام محمد سائين رح حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جي پنڌرهين سجاده نشين جا فرزند هئا حضرت غوث الحق مخدوم نوح صديقي سهروردي جي اولاد مان آهن جيڪي خليفه اول حضرت ابوبڪر رضه جي اولاد مان هئا پاڻ مخدوم نوح رحه پنهنجي زماني جو غوث ۽ مجدد هو سندن معاشر تي اصلاح ته تحفه الڪرام ۾ تفصيل سان موجود آهن حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جو اهو جاري ڪيل سلسلو سروري سهروردي جي نالي سان مُلڪان ملڪ مشهور رهيو آهي ان سلسلي سان وابسطه تعداد سندن زماني ۾ 9 لک شمار ڪيو ويو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سڀ کان اول قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي تنهن کان بعد ۾ فارسي ۾ تعليم حاصل ڪيائين زياده تر سندن جي تعليم ۽ ترتيب سندن والد حضرت غلام محمد جن ڪئي سندن والد حضرت مخدوم غلام محمد 30 ذوالحج 1323ه بمطابق 21 ڊسمبر 1944ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا پاڻ 1945 جي شروعات ۾ حضرت نوح سرور جي سلسلي جا 21 سجاده نشين ٿيا سندن کي شاعري ۽ راڳ رنگ ادب سان تمام گھڻو لڳاءِ رهيو ۽ سندن کي اهي سموريون شيون ورثي ۾ پلي پيون 1930ع ۾ ناري جي سفر تي شاعرانه زوق تڪ ميل تي پهتو پهريان بيوس پوءِ فراقي زمان شاهه ۽ پوءِ طالب تخلص رکيائون 1949ع کان طالب الموليٰ تخلص اختيار ڪيائون علم ۽ ادب جي هن لڳاءِ ۽ خدمتن جي فروغ لکاءِ پاڻ ذاتي طور ڪوششون وٺي هالا ۾ الزمان پريس قائم ڪئي ۽ هفتيوار الزمان پاسبان اخبارون شايع ڪيون جيڪي ڳچ وقت تائين هلنديون رهيون 1950ع ۾ سندن جي سرپرستي ۾ ماهوار فردوس 1952ع ۾ ماستر جمعي خان غريب جي سربراهي ۾ طالب المولي 1952 ۾ رسالو شاعر شايع ڪيو پاڻ 1956 کان جمعته الشعرا سنڌ جا صدر چونڊيا ويا 1945 ۾ اداري روح ادب سنڌ پاران هالا شهر ۾ راڳ ڪانفرنس جتي ڪوٺايائون ته اتي روح ادب ماهوار جو بنياد رکيو ۽ اهڙي طرح 1955ع ۾ حيدرآباد جي اندر بزم طالب الموليٰ جو بنياد رکيو جنهن جا پاڻ سرپرست اعليٰ ٿيا جنهن جون اڄ به سموري سنڌ ۾بيشمار شاخون موجود آهن مارچ 1955 ۾ سنڌ ادبي بورد جا ميمبر پڻ چونڊيا ويا نومبر 1955 کان لطيف يادگار ڪاميٽي جا رڪن پڻ رهيا ۽ گڏ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشاورتي ڪاميٽي جا پڻ ميمبر رهيا هن واٽ ۾ طالب الموليٰ هاسٽل هالا ۽ گڏ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو يادگار آهن پاڻ سياسي حوالي کان به تمام وڌي بسيرت جا مالڪ رهيا ون يونٽ کان اڳ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر رهيا ان کان علاوه ٻه ڀيرا قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊاڻا سندن تنصيفات ۾ امام گذالي جا خط اسلامي تصوف خود شناشي، بهار طالب، رباعيات ڀالب ، يادر فتغان، مثنوي عقل و عشق، ڪچڪول، ڪافي، سنڏ جو شڪار، بياض طالب المولي مصري جون تڙون، مضامين طالب الموليٰ سماع العاشقين في سرور الطالبين هن وقت تائين 101 تائين ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن سندن ڪتاب جو مجمعو ڇپر ۾ ڇڙيون پڻ شايع ٿيو پاڻ 1961 کان سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمن پڻ رهيا سندن ادبي خدمتن جي صلي طور ملڪي ۽ سماجي خدمتن جي انعام ۾ پاڪستان سرڪار تمغه پاڪستان جو پڻ اعزاز ڏنو پاڻ شاهه سائين جي رسالي جي ترتيب ۽ تدون جو ڪم پڻ سرانجام ڏنو مخدوم محمد زمان طالب المولي پنهنجي مختلف النوع علمي، ادبي قومي تعليمي ۽ ثقافتي خدمتن جي سلسلي ۾ جيڪا شهرت ماڻي سا تمام گھٽ ماڻهن جي کاتي ۾ ايندي آهي سندن جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه هئي بدقسمتي سان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سندن فني خصوصيات تي بحث ناهي ڪئي ورنه سندن شعر و شاعري سنڌي ادب ۾ جيڪو مقام حاصل ڪيو آهي تنهنکي ڪنهن به طرح سان نظر انداز نٿو ڪري سگھجي سندن جون ادبي صلاحتيون لکڻيون جي يورپ تائين پهچن ها ته اتي جا رهندڙ به سندن ادبي خدمتن مان فيض آب ٿي سگھن ها سندن جي ڪلام ۾ زوق جماليات لطيف کان لطيف خيالات ورادت ڪيفيات ۽ حسينات جي عقاسي ترجماني آهن جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي پاڻ ڪلاسيڪي بيت ڪافي وائي کا نئون اوج ڏياريو ان جي پڇراڻن قدرن ۽ معيارن ۾ جديد فن ۽ ديد ماحول جي اسرات کي سموهيو ان سان گڏوگڌ غزل جي صفحن ۾ به پنهنجي جدت افڪار ۽ جدت فن سان انهن اضآفو ڪيو سندن ڪلام جو مجموعي ذوق جماليت جي تشڪيل به آهي ته انسان جي اخلاقي قدرن جي تڪميل به آهي سندن زباني جواني سان گڏ بيان جي رنگيني شيرني به آهي اهل دل ۽ اهل نظر کان لاءِ خيال آفريني ۽ نڪته تراضي به آهي طالب المولي جي فن کي مخلص ۽ محقق فنڪار جي حيثيت سان جديد قديم معيارن ۽ قدرن کي پرکڻ ۽ ڀرجڻ کان پوءِ ڪلام جي تاصر * جذب کي ڏسي ائين محسوس ٿيندو آهي ته اها شاعري ڄڻ سندس تصنح ۽ تقلف جي پيداوارئي نه آهي پر شاعري سندس فڪر ۽ فن زوق جماليت ۽ روحاني وارتا مان ائين وهڪريا ڪري نڪتي آهي جيئن پهاڙن مان پاڻي جا وهڪرا رستا ٺاهي نڪرندا آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408

    وساريا نه وسرن مخدوم محمد زمان طالب المولي جي سالگره جي مناسبت سان
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    هن حسين ترين رنگ به رنگي دنيا ڏئي نهاربو ته دنيا جي گولي تي ڪيترائي ملڪن جا خطا خوبصورت نظر ايندا مڱر مڙني خطن منجهان توهان اسان جي سونهاري سنڌ وادي مهراڻ جو رنگ مڙني رنگن کان منفرد ،سهڻو ، حسين ترين ۽ لاجواب نظر ايندو اهڙي طرح حيدرآباد ڀرسان مرتضي آباد (هالا) جي شهر کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهر اهڙن ته سياسي ، سماجي ، مذهبي ، ۽ علمي ،ادبي ۽ ثقافتي ۽ بزرگ شخصيتن کي پنهنجي هنج ۾ جاءِ ڏني جن جي ڪيل ڪمن ڪردارن منجهان فيض درياه جي وهڪري جيان عام آهي جن مان ڪيترائي اڃايل اچي اڃ اجهائين ٿا اهڙي ريت سر زمين سنڌ جو عظيم شخصيت علمي، ادبي ۽ مذهبي گهراڻي جي روحاني پيشوا حضرت مخدوم غلام محمد صديقي قريشي جي گهر تاريخ 9 محرم الحرام 1338هجري مطابق 4 آڪتوبر 1919ع آچر ڏينهن صبح سويل مخدوم محمد زمان طالب المولي (درگاه سروري هالا ) جي هن روحاني پيشوا پهريون ساهه کڻي جنم ورتو ته گهر خوشين سان معطر ٿي ويو هن ( نو لکي گودڙي واري بزرگ ) جي تعليم تربيت اعلي نموني جي ڪري سندس والد صاحب جي رهنمائي ۾ اول قرآن ڪريم جي تعليم سان رڌل رهيوتنهن بعد درگاه جي مجاور آخوند حافظ ولي محمد وٽ به قرآن ڪريم جي تعليم سان فيضياب ٿيا ، سنڌي تعليم لاءِ ان وقت جي بهترين استاد آخوند عبدالرحمن انجم هالائي جي شفقت سان پڙهي پاس ٿيا ، فارسي تعليم به مختلف استادن جهڙوڪ مرحوم غلام حيدر صديقي، مولوي محمد عالم ، ۽ مولوي عبدالحئي ڦلپوٽي کان پرايائون .اهڙي ريت مخدوم محمد زمان طالب المولي انگريزي تعليم جا ٽي درجا محنتي استاد غلام رضا ڀٽي وٽان پڙهي پنهنجي ذاتي مطالعي آڌار ڪيترن ئي علومن جو پڻ مهارت حاصل ڪري ورتائين سنڌي ثقافت جو بهترين نمونو ،فصيلت جو مجسمو ،هر دل عزيز ،انيڪ خوبين جو مالڪ ،روحاني پيشوا مخدوم محمد زمان طالب المولي ننڍي ڄمار کان وٺي علمي ادبي گهراڻي منجهان تربيت حاصل هجڻ جي ڪري شعرو شاعري جو شوق ازل کان وٺي دل ۾ اڌمان پئي کاڌا ان زماني ۾ سگهڙن ، شاعرن جي صحبت جو اثر نمايا نظر آيو ته پاڻ به من اندر جي ڳاله شاعري جي صورت ۾ هن طرح بيان ڪيائين

    ڇو ٿو ڪرين مينهن، مون سان ريس رئڻ جي

    طالب المو لي سان ته ڪيا ناحق وڏا نينهن ،

    تنهنجا ٻٽي ڏينهن منهنجي موسم سڀ ڪا .

    مخدوم محمد زمان طالب المولي ان شاعري جي رنگ سان رنگجي مختلف وقتن تي مختلف (تخلص) اختيار ڪيائين جن منجهان پهريان بيوس ، فراقي، زمان شاهه ، طالب تخلص سان شاعري ڪندو رهيو مڱر هڪ ڏينهن جمعي جي نماز پڙهائيندڙ درگاهه جي خطيب (حاجي قابل انصاري ) جي زباني (طالب المولي ) مذڪر لفظ ٻڌائين سندس دل کي راحت ملي اهڙي ريت ان لفظ کان متاثر ٿي آخر ڪار 1949ع ڌاري پنهنجي شاعري ۾ (طالب المولي ) تخلص استعمال ڪندو رهيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين سندس جي سڃاڻپ پڻ رهيو مخدوم محمد زمان جيڪو (طالب المولي ) جي سهڻي منفرد نالي سان ملڪان ملڪ مشهوري ماڻي پاڻ والد مخدوم غلامحمد جي وصال بعد 18 ڊسمبر سومر جي ڀلاري ڏينهن سال 1944ع ڌاري مخدوم سرور نوح رح جي (نو لکي گودڙي ) جو سهرو پيو ۽ سروري درگاهه جو (سترهون 17) نمبر سجاده نشين بڻيو ،سنڌي زبان جو هي ڏاهو انسان ،بهترين شاعر ۽ سياستدان علمي ادبي دنيا جو نرالو نانءَ ادبي شوق کي وسعت ڏيندي پاڻ سال 1946ع ڌاري هالا ( انجمن علم و ادب ) جو پايو وڌائين ادبي ڪمن ۾ گهري دلچسپي وٺندي هالا شهر منجه (الزمان پرنٽنگ پريس) قائم ڪري شغف کي ڏسندي هڪ مريد پير علي محمد ريلائي نومبر 1955ع ڌاري (بزم طالب المولي )پايو وڌو جنهن جو سرپرست مخدوم طالب المولي پڻ بڻيو تنهن کان علاوه سال 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ساڳئي سال (لطيف يادگار ڪاميٽي) جا ميمبر پڻ بڻيا . مخدوم سائين علمي ادبي ، سماجي ، تعليمي سرگرمين کان علاوه سياست ۾ پڻ سرگرم رهيا مخدوم صاحب سياسي شروعات پاڻ سال 1952ع ڌاري ميونسپل ڪاميٽي هالا جو صدر ۽ 1960ع ۾ بلديه هالا جو پهريون چيئرمين پڻ بڻجي سياست ۾ هميشه لاءِ سلهاڙجي ويا پاڻ ون يونٽ کان اڳ ايم _ پي _ اي ٿي رهيا تنهن بعد ٽي ڀيرا قومي اسمبلي جا ميمبر پڻ رهيا ، شهيد عوام سڄي دنيا جي ڏاهي سياستدان پاڪستاني عوام جو بيحد مقبوليت ماڻيندڙ عوامي ليڊر جناب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جو پايو رکيو ته مخدو طالب المولي سائين جن باني ميمبرن منجهان هئا، ان زماني ۾ پيپلز پارٽي جو پهريون (ڪنوينشن ) سندس ئي ميزباني هيٺ شهر هالا ۾ منعقد ٿيو جتي سندس پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر وائيس چيئرمين جي اهم منصب لاءِ چونڊيو ويو جيڪو منصب سندس زندگي جي آخري گهڙي تائين رهيو ،مخدوم صاحب علمي ، ادبي ، سياسي ، ثقافتي شهرت ماڻيندڙ شخصيت بسيرت وار واحد روحاني پيشوا هئا مخدو صاحب خلق خدمت ڪرڻ سان هميشه روح کي راحت محسوس ٿيندي هئي خلق جي خدمت کي پڻ عين عبادت سمجهندا هئا پاڻ خدمت خلق لاءِ پنهنجي زباني شعر جي صورت ۾ ٻڌائين ٿا ته

    اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب المولي ،

    ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو .

    مخدوم صاحب پاڻ هڪ بهترين ڪافي گو شاعر پڻ هئا سندس سنڌي ادب ۾ شاعري جي سڀني صنفن سان خوب نڀايو اٿس غزل جو ته پهريون نمبر جي شاعرن ۾ نالو ليکجي ٿو سندس شاعري ۾ ته اهڙي نمايا خوبي نظر اچي ٿي جو سر سنگيت جا ڪيترائي فنڪارن سندس شاعري ڳائي پنهنجو سر سنگيت ۾ نالو چمڪايو آهي طالب المولي پنهنجي زباني چئي ٻڌائي ٿو ته

    محبت جو متاع آهه ، محب وٽ مڻي ،

    ٻئي ٻاجهاريون يار ٿو ، اکيون روز کڻي ،

    طالب مولا ڪيترا، ڳڻ سندس ڳڻي ،

    هن ئي هڪ ڄڻي، ڪروڙن کي قيد ڪيو .

    مخدوم صاحب جي شاعري عام لوڪ تائين بيحد مقبوليت ماڻي پوءِ اهو پڙهيل هجي يا اڻپڙهيل شهري توڙي ڳوٺائڻ ۾ لاڙ هجي يا ڪوهستان ٿر هجي يا وچولو هڪجهڙي پسند ڪئي وئي ان جو ثبوت اهيو پڻ آهي ته سنڌ جي چوٽي جي فنڪارن فنڪاره جن سندس ڪلام کي ڳائي عوام کان داد حاصل ڪيو مخدوم صاحب موسيقي جو پڻ وڏي ڄاڻ رکندو هو لوڪ ادب کي پڻ بهترين نموني سان سنوارڻ سينگارڻ ۾ بهرو ورتائين جيڪو هميشه ياد گار طور ياد ڪيو ويندو کوڙ سارين مصروفياتن باوجود سنڌي ادب کي آسودو ڪندو رهيو پاڻ نثر ۾ به خوب مقالا ، مضمون به لکيائين ڪتاب نظم ۽ نثر ۾ پڻ لکي سنڌي ادب جي سونهن ۽ سينگار ۾ اضافو ڪيائين مخدوم صاحب سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب ڏنا جن ۾ ( بهار طالب ، ڇپر ۾ ڇڙيون ، شان سرور ، مصري جون تڙيون ، منختب غزليات ، رباعيات طالب ، اسلامي تصوف ، شيطان ، خودشناسي ، ياد رفتگان ، ڪچڪول ، ڪافي ، مثنوي عقل و عشق ، ديوان طالب المولي ، بي پير اکيون ، سدا وسين سنڌڙي ، لغات سنڌي مخففات ، چهنڊڙيون ، ڪوڙ ۽ سچ ، سنڌ جو شڪار ، امام غزالي جا خط ، سماع العاشقين في سرو الطالبين ۽ خود شنا سي ، سنڌ جو سانوڻ ، صبح ۽ شام ، لکي سنڌي ادب جي سونهن ۾ هڪ زبردست اضافو ڪيو جناب طالب المولي صاحب جن جي علمي ،ادبي سياسي، سماجي ، مذهبي خدمتن تي روشني وجهڻ لاءِ اڃان وڌيڪ معلومات جي ضرورت پڻ درڪار آهي هت سندس جي زندگي تي مختصر معلومات بيان ڪئي آهي مخدوم محمد زمان طالب المولي کي پنهنجي علمي ،ادبي ، سماجي خدمتن عيوض ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو جن منجهه حڪومت پاڪستان پاران تمغئه پاڪستان ،هلال امتياز ، ۽ لطيف ايوارڊ جي اعزازن سان نوازيو ويو مخدوم صاحب زندگي جا 73 سال 3 مهينا ۽ 7 ڏينهن گذاري سومر ڏينهن لکين پيار ڪندڙن عقيدمندن کان هميشه لاءِ موڪلائي درالبقا ڏانهن رونا ٿي ويا . سندس خدمتن کي اڄ به ساراهيو وڃي ٿو سندس اڄ 98سالگره ملهائي ويندي . ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو