گِهڙِي گَهڙَو هَٿِ ڪَرَي، ٻَهُون نِهَارَي ٻَنگُ سَرِ دَرِ قَدَمُ يَارِ فِدَا شُدِچه وِصِلَ، اِهَو ئِي وَنگُ رَاتِ جَنِين جَو رَنگُ، اَلَا ! سَي اُڪَارِئِين سُرُ سُهُڻِي ٻَهُون = گهڻو، وڌيڪ، ويتر ٻَنگُ = درياھ جو ور، پيچ، رخ سر در قدم يار فدا شد چه وصل = محبوب جي قدمن ۾ سر قربان ٿيو ته ڇا ٿيو شاھ عنايت شهيد _ جهوڪ شريف وِصِلَ = ميلاپ، ملاقات وَنگُ = رمز، دستور، واٽ رَنگُ = موج، مزو، تسڪين، راحت، سرور اَلَا = الله، مولا پاڪ جي ذات اُڪَارِئَين = پار پهچائين، شال ڪامياب ڪرين بيت جو پس منظر ~ سهڻي درياھ جو رخ ڏسي گهڙو کڻي درياھ ۾ لهي پئي آهي. ~ هي سر محبوب ميهار جي قدمن تان قربان ٿيو ته وڃي ٿئي. محبوب سان ملاقات ڪبي ته ايئين ته ٿيندو. ~ او مولا پاڪ !! جن لاءِ رات موج ۽ مزو آهي تن کي شال خير سان درياھ پار ڪرائجان. سمجهاڻي رات جي وقت سهڻي درياھ تي آئي آهي. پهريائين تيز وهڪري جو رخ ڏسي ٿي پوءِ گهڙو کڻي گهڙي پئي ٿي. کيس من ۾ اهو ئي اقرار ۽ وچن آهي ته ٻڏي ويس ته هي سر محبوب تان صدقي ٿيو ڇو ته عشق سر گهرندو آهي. ڀٽائي بيت جي آخري سٽ ۾ نه رڳو سهڻي پر رات جي وقت محبوب سان ملاقات ڪري تسڪين ۽ سرور حاصل ڪندڙ سڀني عاشقن لاءِ دعا ٿو ڪري، مولا پاڪ تون سندن حفاظت ڪجان. سو جيڪڏهن اسان به محبوب ۽ منزلن جا متلاشي آهيون ته پاڻ ارپڻ ۽ سر گهورڻ واري واٽ وٺي ڪاميابيون حاصل ڪري سگهون ٿا. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل