مٽياري ۾ “ڄاموٽ جماعت” طرفان عوامي ميڙاڪو

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ ممتاز علي سمون مٽياري طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2015۔

  1. ممتاز علي سمون مٽياري

    ممتاز علي سمون مٽياري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مٽياري ۾ “ڄاموٽ جماعت” طرفان عوامي ميڙاڪو
    رپورٽ: ممتاز علي سمون مٽياري
    سردار سيد ذوالفقار علي شاھ ڄاموٽ 15 اپريل 1941ع ۾ مٽياريءَ ۾ خان بھادر سردار سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا مخدوم طالب الموليٰ جي ڏاڏي مخدوم محمد زمان جا همعصر هئا. سائين اڃان جوانيءَ ۾ مس قدم رکيو ته سندس والد صاحب وفات ڪري ويو، پاڻ فقظ ٻه ڀائر ھئا. سندن ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد شفقت علي شاھ ڄاموٽ تعليم جي حصول لاءِ پر ڏيھ ھليو ويو ۽ سندس مرحوم والد صاحب جيڪو موسيٰ پوٽه سادات جو پڳدار ھو، ان جي وفات کانپوءِ اھا پڳ 1963ع ۾ سردار سيد ذوالفقار علي شاھ ڄاموٽ کي ورسي ۾ ملي. ان وقت سندس عمر 21 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. مرحوم سردار سيد ذوالفقار علي شاھ ڄاموٽ تعليم لاهور جي ايڇيسن ڪاليج مان حاصل ڪئي، جتي سندس قريبي ساٿين ۾ سابق وزير زراعت سيد علي نواز شاهه، خير محمد جوڻيجو، اڪبر بگٽي جو وڏو پٽ سليم بگٽي، اقبال قاضي، عطا محمد مري ۽ سهيل رانا جا نالا سرفهرست آهن. بعد ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان ايم ايس سي جي تعليم حاصل ڪئي. سندس شمار پاڪستان جي سٺن ايگريڪلچرلسٽ ۾ ٿيندو هو. سردار سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ مٽياري ۾ سن 1992ع ۾ مٽياري جي نالي سان شگر مل جو آغاز ڪيو ۽ جنھن جو پاڻ آخر تائين چيئر مين رھيو.

    سردار سيد ذوالفقار علي شاهه کي اهو اعزاز حاصل آهي ته پاڻ 1973ع کان 1977ع تائين، 1985ع کان 1991ع ۽ وري 1991ع کان 1997ع تائين ٽي ڀيرا سينيٽ جو ميمبر رهيو. جڏھن ته پاڻ ھڪ دفعو وفاقي وزير برائي بھبودي آبادي جي عهدي تي به رھي چڪو آھي. پاڻ سينيٽ جي دفاعي ڪميٽي جي چيئرمين کان سواءِ پاڪستان جي ڪيترن ئي اھم تعليمي، ايگريڪلچر ادارن جي بورڊ آف گورنرس جو چيئر مين ۽ ميمبر پڻرھيو آھي.

    سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ هڪ اعليٰ شخصيت جي مالڪ هجڻ سان گڏ پنهنجي علائقي جا عظيم سماج سڌارڪ هئا. ان پنهنجي سموري حياتي علائقي جي عوام ۽ خدا جي خلق جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏي هئي. هن پنهنجي علائقي ۾ ڪيترائي اسڪول ۽ طبي مرڪز کولرايا، پنهنجي تڪ مٽياري ۾ روڊن رستن جو ڄار وڇارايو. زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ بائيولاجيڪل ۽ ٽشو ڪلچر ليبارٽري قائم ڪرائي. مٽياري کي ضلعي جو درجو ڏياري عوام کي ويجهيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرايون. علائقي ۾ بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ مختلف ڪارخانا قائم ڪري نوجوانن کي عزت وارو روزگار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ ۽ علائقي جو امن امان برقرار رکڻ لاءِ امن ڪميٽيون ۽ سيڪيورٽي نظام نافذ ڪرايو. عام ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ هن هر گوٺ ۾ پنهنجا نمائندا مقرر ڪري بنا مت ڀيد جي عوام سان رابطو قائم رکيو. اهوئي سبب هو جو سندن اوطاقن تي هر وقت ماڻهن جا ميڙا نظر ايندا هئا نه فقط ايترو پر پاڻ هڪ سچو مذهبي انسان به هئا. پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيتريون ئي مسجدون جوڙائي آباد ڪيون. ڪيترن ئي مدرسن قائم ڪرڻ ۾ مددگار رهيا. ان سان گڏ پاڻ ڪيترائي اسلامي ڪتاب شايع ڪرائي علم جي اَڃارن تائين في سبيل الله پهچايا. ڪيترن ئي عالمن ۽ شاگردن جا وظيفا مقرر ڪيا.

    اهڙن ئي سماجي ڀلائي جي ڪمن کي برقرار رکڻ لاءِ ڄاموٽ صاحب پنهنجي حياتي ۾ هڪ فلاحي تنظيم “ڄاموٽ جماعت” جو بنياد رکيو، جنهن جا پاڻ ئي روح روان هئا. سندن وفات کان پوءِ ان تنظيم جو ڪم سندن وڏي ۽ پڳدار پٽ سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ ۽ سندن ننڍي ۽ لائق فرزند سيد تيمور علي شاهه ۽ سندن ننڍي ۽ هردلعزيز ڀاءُ سيد شفقت علي شاهه ۽ ٻين نهايت قابل احترام احبابن برقرار رکيو آهي. ان سماجي ڀلائي جي ڪم کي اڳتي وڌائيندي ڄاموٽ جي وسي ۾ “ڄاموٽ جماعت” طرفان شاندار پروگرام جو انعقاد ڪيو ويو هو جنهن ۾ ضلعي مٽياري جي معزز شخصيتن کان علاوه هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. پروگرام لاءِ پنڊال کي خوبصورت نموني سان سجايو ويو هو. پروگرام جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم سان ڪيو ويو. پروگرام ۾ ڪمپيئرنگ جا فرائض فقير ولي محمد نوح پوٽو سرانجام ڏنا. آجياڻو “ڄاموٽ جماعت” جي چيف آرگنائيزر سيد علي اڪبر شاهه پيش ڪيو. هن چيو ته غريب عوام جي بنا فرق جي خدمت، آجپو، عزت، آبرو، جان و مال جي حفاظت، امن و امان قائم ڪرڻ، عوام کي تڪڙو انصاف ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ، تعليم عام ڪرڻ، بيروزگاريءَ جو خاتمو، صنعتن جو قيام، نوجوانن کي هنرمند بنائڻ جا ادارا قائم ڪرڻ، مٽياري ضلعي کي هڪ جديد ترقي يافته ۽ مثالي ضلعو بنائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ هن وقت مرحوم سردار سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جن جي عوامي ڀلائي واري مشن کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ “ڄاموٽ جماعت” جي باقاعده باڊي جوڙي ان کي رجسٽرڊ ڪرايو ويو آهي ته جيئن ان تنظيم جي پليٽ فارم تان پوري ريت قانوني طرح سان علائقي جي عوام جي ڀرپور خدمت سرانجام ڏيئي الله تعاليٰ جي رضا حاصل ڪري سگهجي ۽ ان سان گڏ مرحوم جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪري سگهجي. ان بعد سيد عبدالعزيز شاهه، سيد علمدار شاهه، سيد نويد حيدر شاهه، حاجي محمد جمن سمون ۽ ممتاز علي ميمڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي “ڄاموٽ جماعت” جي سرپرست اعليٰ سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ چيو ته مٽياري ضلعو ڪافي عرصي کان مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي. هتي لاقانونيت، غربت، بي روزگاري، ڀتا خوري، قبضا خوري ۽ آفيسر شاهي عروج تي هجڻ ڪري ڪوبه عوامي مسئلو حل نٿو ٿئي. هن چيو ته هتي جو عوام سندن ووٽر آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي حڪومت ۾ نه هوندي به عوامي خدمت وارو جذبو جاري آهي، جنهن تحت هاڻ اسان خاموش نه ٿا رهي سگهون. هتي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد کي تيز ڪرڻ لاءِ “ڄاموٽ جماعت” جو وجود رکيو ويو آهي. هن چيو ته شهر کي هاڻ ڌارين جي حوالي نٿا ڪري سگهون. هتي امن و امان کان وٺي ڪيترائي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن جن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته هتي جي نوجوانن جي سرپرستي ڪرڻ وارو ڪير ڪونهي جنهن ڪري بيروزگاري تمام گهڻي وڌي ويئي آهي. “ڄاموٽ جماعت” جي پليٽ فارم تان نوجوانن جي نمائندگي ڪئي ويندي ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا به فراهم ڪيا ويندا. سيد محمد علي شاهه چيو ته سيد علي اڪبر شاهه، ممتاز علي ميمڻ، امام علي مجيداڻو، نور محمد منگواڻو، حاجي محمد جمن سمون ۽ ٻين سڀني ساٿين کي سلام پيش ٿو ڪريان جن “ڄاموٽ جماعت” لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي آهي. ان بعد ڄاموٽ جي وسين کان “ڄاموٽ جماعت” جي سرپرست اعليٰ سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جي سربراهي ۾ شاندار ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ سوزوڪيون، ڪارون، چنگچيون، موٽر سائيڪلون شامل هيون. ريلي ۾ دهلن، شرنائين جي آواز تي ماڻهو جهومريون هڻي نچي رهيا هئا. ريلي جو مختلف ڳوٺن ۾ شاندار استقبال به ڪيو ويو. سڀ کان پهرئين ابراهيم ميمڻ، ميمڻ برادري ۽ ڪيهر ماڇي وارن سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ۽ سائينءَ کي اجرڪون اوڍايون. بعد ۾ ڳوٺ حسين ڀنڀرو ۾ فتح محمد ۽ شير محمد ڀنڀرو ۽ ڀنڀرا برادري طرفان ريلي جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ڪجهه اڳيان وري ڳوٺ حاجي صيفل کوسو، ڳوٺ رشيد ٽڳڙ، مٺو ساند ڳوٺ ۾ به سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جي ريلي جو گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو ويو ۽ سائينءَ کي اجرڪون اوڍايون ويون. مدرسه جامعه غوثيه طاهريه چوڪ وٽ برادي جکريجو ۽ جکريجه برادري طرفان “ڄاموٽ جماعت” جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو. موسيٰ محلا ۾ نانا عبدالرزاق ميمڻ، الهه بخش ميمڻ ۽ ميمڻ برادري طرفان جهنڊو ڦڙڪايو ويو، ٽدري اسٽاپ تي اعظم شيدي ۽ خاصخيلي برادري طرفان جهنڊو ڦڙڪايو ويو، ڪبيراڻي مسجد وٽ ميربحر برادري ۽ حاجي الهڏنو طرفان جهنڊو ڦڙڪايو ويو، الهڏنو ساند اسٽاپ وٽ غلام علي منگواڻو ۽ منگواڻا برادري طرفان جهنڊو ڦڙڪايو ويو، چاندني چوڪ وٽ حاجي پرويز علي ميمڻ طرفان “ڄاموٽ جماعت” جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو، مين بس اسٽاپ مٽياري وٽ جلال باگڙي ۽ باگڙي برادري طرفان “ڄاموٽ جماعت” جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو. ان موقعي تي سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ درگاهه ميون سيد حاجي شاهه بادشاهه تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ “ڄاموٽ جماعت” جي ڪاميابيءَ لاءِ دعا ڪئي. بعد ۾ پنهنجي والد محترم سردار سيد ذوالفقار علي شاهه جي مزار تي پڻ حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا ڪئي. پريس ڪلب مٽياري وٽ هزارين ماڻهن ريلي جو دهلن شرنائين سان آجيان ڪئي ۽ گلن جي ورکا ڪري سائين محمد علي شاهه ڄاموٽ کي اجرڪون پارايون. پريس ڪلب کان پوءِ ريلي “ڄاموٽ جماعت” جي آفيس وٽ پهتي جتي سرپرست اعليٰ سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ آفيس جو افتتاح ڪيو. آفيس اندر “ڄاموٽ جماعت” جي سرپرست اعلي سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ ۽ چيف آرگنائيزر سيد علي اڪبر شاهه کي ممتاز علي ميمڻ، امام علي مجيداڻو، نور محمد منگواڻو، حاجي محمد جمن سمون ۽ ٻين ساٿين طرفان اجرڪون پارايون ويون. اهڙي طرح سان هيءَ پروقار تقريب ۽ ريلي پنهنجي اختتام تي پهتي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ادا تمام سٺو ڄاموٽ جماعت کي گهرجي ته پنهنجي ڳوٺ جي نسل لاءِ ڪي اسڪول ڪاليج يونيورسٽيون به جورائن جئين مستقبل جي معمار روشن ۽ خوشحال زندگين ڏي گامزن ٿين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو