مِنهَن جَنهِين جَي مُون، ڏِٺَو مُنهُن مَيهَارَ جَو آهِمِ سَاھَ سَنئَون، سَو ڪِيئَن گَهڙَو گَهورِيَان سُرُ سُهُڻِي مِنهَن = بهاني، وسيلي، سانگي، رستي، ذريعي جَنهِين = جنهن، جنهنجي ڪري مُنهُن = پيشاني، صورت، چهرو آهِمِ = مون کي آهي سَاھَ سَنئَون = ساھ جهڙو پيارو گَهورِيَان = ڀڃي ڇڏيان، وڃائي ڇڏيان، دل تان لاهي ڇڏيان، کيس وساريان بيت جو پس منظر ~ جنهن جي وسيلي مان ميهار جو مُنهُن ٿي ڏسان . ~ انهيءَ کي ڀلا ڪيئن ٿي وساري سگهان جيڪو ساھ کان وڌ پيارو اٿم. سمجهاڻي سهڻي روزاني رات جو گهڙي وسيلي درياھ تري پنهنجي محبوب ميهار سانملندي هئي. عشق به عجيب شئي آهي محبوب ته ٿيو سر ساھ جو مالڪ پر سندس ذات سان لاڳاپيل شيون به ڪيڏيون محترم ۽ مقدس ٿين ٿيون. محبوب جو گهر، ڀاتي، ويڙهو، شهر، وڻ، ٻوٽا، گل، جانور، پکي، اچڻ وڃڻ جا روڊ رستا، اُهي ڳليون جن تان محبوب جو گذر ٿئي ٿو.اُهي ماڻهون به جن سان سندس ويجهڙائپ آهي. اُهي سڀ شيون به جيڪي محبوب سان ملائڻ جو سبب بڻجن ٿيون سي واقعي ساھ کان وڌيڪ پياريون لڳن ٿيون. تڏهن ئي ته سهڻيءَ کي اهو گهڙو ساھ کان وڌيڪ پيارو ٿو لڳي جنهن وسيلي هوءَ درياھ تري ميهار سان ملي ٿي. اچو ته سوچئون ڇا اسان به پنهنجي محبوب سان ايترو ئي پيار ڪيون ٿا ؟ جي ها ! ته پوءِ اسان جي محبت جو محور ۽ مرڪز جي سنڌ آهي ته ان جي ٻولي، ڪلچر، شهرن، ڳوٺن ۽ گذر جي وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ اسان ڪيترو ڀوڳيو، سوچيو ۽لوچيو آهي...!!؟ _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل