ناليواري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر احسان دانش جو انٽرويو

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ناليواري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر احسان دانش جو انٽرويو

    انٽرويو وٺندڙ: منور رند

    هر انسان ۾ ڌڻي ڪيتريون ئي خوبيون پيدا ڪيون آهن، پر هر ماڻهو پنهنجي ڏات کي ظاهر ڪرڻ جو ڏانءُ نه رکندو آهي. ادب ۽ آرٽ به هڪ قدرتي ڏات آهي جيڪا ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ جي حصي ۾ اچي ٿي ۽ اهو ماڻهو پنهنجي تخليقي ڏات ۽ فن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ وقت جي رفتار سان ڪوشش ڪندو رهي ٿو. شاعري، ڪهاڻيون، ناول، ڪالم ۽ اهڙيون ٻيون لکڻيون تخليق جا شعبا آهن جن ۾ يقيني طور هڪ فن موجود آهي اهو فن ۽ تخليقيت جو ڪمال هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، لاڙڪاڻو ادب، علم ۽ فن جي حوالي سان سنڌ ۾ نمايان مقام رکي ٿو. هتي ڪيترائي نالي وارا شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ دانشور پيدا ٿيا آهن انهن مان ناليوارو نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر احسان دانش به هڪ آهي، احسان دانش 15 فيبروري 1974ع ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گهر ۾ اکيون کوليون. هو ننڍپڻ کان محنتي ۽ سٻاجهڙو هو، هن پنهنجي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي گوهر آباد، مئٽرڪ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ڪرڻ بعد گورنمنٽ ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪئي. هن ايم اي اردو ادب، ايم اي سنڌي ادب ۽ پي ايڇ ڊي سنڌي ادب ۾ ڪئي آهي. ڊاڪٽر احسان دانش لکڻ جي شروعات 1988ع ۾ شاعريءَ کان ڪئي، هن وقت تائين هن جا 5 ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. هن جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ 2010ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي جنهن ڪتاب ۾ پيار، پاٻوهه، امن ۽ شانتي جو پيغام آهي. احسان دانش شاعريءَ ۾ هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. اهڙي طرح هن جي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”بي سڪون خواب جو سچ“ 2005 ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته ”لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“، ”ويل نه وسريام“ ۽ ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ــ موهن جو دڙو“ نالن وارا ٽي ڪتاب سندس تحقيقي پورهيو آهن. احسان دانش جي ڪهاڻين ۾ هن معاشري ۾ ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف آواز بلند ڪيل آهي. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج جي سور ۽ ناسور جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اهڙن ڪردارن کي سامهون آندو آهي، جيڪي اسان جي معاشري جا ڌڪاريل ڪردار آهن. هن جو ڪهاڻيون ڏات ۽ ڏانءَ سان ڀرپور آهن. ڊاڪٽر احسان دانش روزاني ”سنڌ ايڪپسريس“ سان ويچار ونڊيندي چوي ٿو ته منهنجي ٻالهه وهيءَ جا ڏينهن هونءَ ته ٻين ٻارن وانگر ئي کيڏندي ڪڏندي گذريا پر ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ مونکي پنهنجي گهر ۾ هڪ اضافي شي اڻ ڳڻيا ڪتاب ڏسڻ ۽ اٿلائڻ لاءِ مليا. هن ٻڌايو ته ادب جي دنيا ۾ اچڻ اتفاق ته نه هيو پر مان سمجهان ٿو ته مون کي پنهنجي گهر ۽ اردگرد جي ماحول ڏاڍو متاثر ڪيو تنهنڪري ان طرف شعوري لاڙو ٿيو. گهر ۾ والد ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو علم، ادب سان تعلق ۽ ڪتابن سان دوستي ڏسي مونکي به ڪتابن پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو انهيءَ شوق ۽ بابا جي صحبت ادب ڏانهن مائل ٿيڻ جو اتساهه ڏنو، ننڍي لاءِ کان بابا سان گڏجي مشاعرا ۽ ادبي ڪانفرنسون پڻ اٽينڊ ڪيون جن منجهان مون ۾ هڪ ادبي ذوق پيدا ٿيو پر انهن سڀني ڳالهين سان گڏوگڏ مون هميشه پنهنجي اندر ۾ هڪ تخليقڪار کي ويٺل محسوس ڪيو، جيڪو اڳتي هلي نڪري نروار ٿي پيو. هن ٻڌايو ته ڪهاڻي، شاعري ۽ تحقيق ٽنهي سان ناتو نڀائيندو پيو اچان پر اهو فيصلو ڪرڻ واقعي ڏکيو آهي ته انهن مان منهنجي پسنديده صنف ڪهڙي آهي، بهرحال منهنجي لاءِ ٽئي صنفون پسنديده آهن. ڊاڪٽر احسان دانش جو چوڻ آهي ته هڪ شاعر ۽ نقاد جي حيثيت ۾ مان مايوسي جو قائل نه آهيان، ادب هجي يا زندگي ان ۾ لاها چاڙها ايندا آهن. ڪجهه عرصو اڳ نيئن شاعريءَ کي ٽوائليٽ پيپر به سڏيو ويو پر اصل ۾ ائين نه آهي جيڪڏهن پڙهندڙ پنهنجي عينڪ جا شيشا صاف ڪري تنگ نظري کان پاسو ڪندي ۽ پنهنجي ذهن جا دروازا کولي پڙهندا ته کين اڄ به سنڌي شاعري تيزي سان پنهنجي ماڳ ڏانهن سفر ڪندي نظر ايندي. نئين کيپ مان انيڪ نالا آهن جن جي شاعريءَ ۾ جدت جو انوکو جهان محسوس ٿئي ٿو. تنهن ڪري مان سمجھان ٿو جديد سنڌي شاعريءَ جو سفر روشني جو سفر آهي. ڊاڪٽر احسان دانش موجوده سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان ٻڌايو ته ادب ۾ عروج ۽ زوال پيا ايندا آهن سنڌي ادب ۾ ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته سٺي ڪهاڻي لکڻ ئي ختم ٿي وئي هجي. ها سنڌي ادب مان عظيم ڪهاڻين جي تلاش ڪري سگھجي ٿي، پر ڪهاڻي جي زوال جي ڳالهه غلط آهي. گذريل ستن سالن کان انيس انصاري اڪيڊمي طرفان سالياني ڪهاڻي ڪانفرنس ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر اسحاق انصاري مطابق ان ۾ هر سال پنجاهه کان سٺ ڪهاڻيڪار ايوارڊ جي مقابلي لاءِ پنهنجون نيون نڪور ڪهاڻيون اماڻين ٿا ۽ اهي ڪهاڻيون سنڌ جي سينئر ڪهاڻيڪارن کي پڙهايون وڃن ٿيون ۽ انهن مان هر سال ٽن بهترين ڪهاڻين کي ايواڊ ملي ٿو. ان مان ظاهر آهي ته ڪهاڻيون لکيون ٿيون وڃن ۽ هر سال سنڌي ادب کي بهترين ڪهاڻيون به ملن ٿيون. حقيقت ۾ اهو خود جنريشن گئپ کي ختم ڪرڻ جو به هڪ وسيلو آهي. ائين ئي شاعريءَ تي به ڪانفرنسون ٿيڻ کپن. پوءِ اسان کي صحيح معنى ۾ عروج ۽ زوال جي خبر پوندي.
    ڊاڪٽر احسان دانش کان جڏهن ”سنڌ ايڪپسريس“ طرفان پڇيو ويو ته ”اوهان شاهه تي پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي، هن وقت تائين ڀٽائي جي فڪر ۽ فلسفي کي ايڏو متضاد ڇو بڻايو ويو آهي؟“ ته هن ٻڌايو ته اهو هڪ وڏو علمي بحث آهي، جنهن کي مون پنهنجي پي ايڇ. ڊي واري ٿيسز ۾ تفصيل سان ڊسڪس ڪيو آهي. هتي اوهان کي مختصر طور ٻڌايان ته ان جا ڪيترائي سبب آهن. حقيقت ۾ ان معاملي کي جيڪڏهن اسان پازيٽو سينس ۾ ڏسون ته اها ته شاهه جي ڪلام جي وسعت به آهي جو ماڻهو ان جي فڪر ۽ فلسفي کي جدا جدا رخن کان ڏسن ٿا. پر جيتري قدر تضاد جي ڳالهه آهي ته اهو به سچ آهي ته ڀٽائي جي ڪلام کي اسان پنهنجي پنهنجي نظرياتي ۽ فڪري بنيادن تي واقعي متضاد به بڻائي ڇڏيو آهي. مثلاً هڪ وڏي عرصي تائين شاهه جي شاعريءَ مان ڄاڻي ٻجھي رڳو صوفي فڪر کي ئي نروار پئي ڪيو ويو، جيڪا هڪ رخي ڳالهه هئي، جڏهن ته ڀٽائي جو ڪلام گھڻ رخو آهي. ائين ئي شاهه جي شاعريءَ جي قومي، مزاحمتي، ترقي پسنداڻي ۽ سيڪيولر فڪر کي ڌار ڌار نظريو رکندڙن پنهنجي مقصد ۽ مطلب آهر تشريح ڪرڻ شروع ڪئي. نتيجي ۾ شاهه جي ڪلام جي حقيقي فڪر ۽ روح کي سمجھڻ ۾ مونجھارا پيدا ٿي پيا ۽ عام پڙهندڙ وٽ ’واٽون ويهه ٿيام‘ وارو معاملو پيدا ٿي پيو. اسان جا اديب شاهه جي اصل فڪر جي رنگيني بابت تيسيتائين متفق نه ٿي سگھندا، جيسيتائين اهي شاهه کي گھڻ رخو ۽ گھڻ موضوعاتي شاعر نه مڃيندا.
    ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ادب ۾ ڪيل خدمتن عيوض ڪيترائي ايواڊ ماڻي چڪو آهي، هو ريڊيو ۽ ٽي. وي ۽ اسٽيج جو معروف ڪمپيئر پڻ آهي، پر تخليق ۽ تحقيق هن جو خاص مشغلو آهي. هن وقت هو لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ان سان گڏوگڏ هو شاعري، ڪهاڻين ۽ تحقيق سان به نڀاءُ ڪري رهيو آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته هي نوجوان ڏات ڌڻي هميشه پنهنجي قلم کي روان رکندو.
    (روزاني ”سنڌ ايڪسپريس“ 14 جنوري 2015)
     
  2. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    اٽينڊ ڪيون : شرڪت ڪئي
    ڊسڪس ڪئي آهي : گفتگو ڪئي آهي
    پازيٽو سنس سان : مثبت ذهنيت ،فڪر سان
    سائين جو ڪتاب ويل نه وسريام اسان به پڙهيو آهي جنهن مان اسان کي اهل علم سنڌين جي ڄاڻ ملي ۽ تمام گھڻي خوشي ته سنڌين جون وڏيون محنتون آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو