محترم مظفر منگي کي سندس جنم ڏينهن تي “شاه ڀٽائي بلاگ” سان ڀيٽا...

'جنم مبارڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڻهون ڀلي اڃان به اهو چوندا رهن ته فيس بوڪ تي اچي بس پنهنجو وقت وڃائجي ٿو پر ڪجهه اهڙا به ساٿي آهن جيڪي ان جملي کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ ۾ رڌل آهن... اهڙن جستجو ڪندڙن مان محترم مظفر منگي پڻ هڪ آهي.. پاڻ ڇڙواڳ نيٽ ورڪ فيس بوڪ تي پاڻ سميت سمورين سنڌين کي اجاين خفن کان بچائيندي هڪ عظيم مقصد تي روانيءَ ۽ يڪسانيت سان ڪم ڪري رهيا آهن...

    [​IMG]

    اڄ جي دور ۾ جڏهن ڀٽائي جي پيغام کي سمجهڻ ته پري پر پڙهڻ ئي ڏکيو آهي ... مظفر منگي صاحب هڪ عظيم مقصد کڻي ڏکئي ميدان تي لٿل آهي.. ڀٽائي جي پيغام جي لفظي معنى ۽ منظر سان گڏو گڏ تشريحي سمجهاڻي کي اهڙي طرح سان وائکو ڪيو آهي جو ڀٽائي جو پيغام ۽ مقصد بلڪل چٽو ٿيو وڃي...

    سندن ان بهترين ڪم کي سليمان وساڻ جي تيز نظرن تڪڙو ڏسي ورتو ۽ ان کي وڌيڪ چٽو ۽ واضح ڪندي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ پاڻمرادو هڪ قدم اڳتي وڌي مدد ڪئي... جنهن سان ڀٽائي جو پيغام رڳو فيس بوڪ تي ئي نه پر سنڌ سلامت تان به عام سنڌين تائين پکڙڻ لڳو...

    سنڌ سلامت سٿ مان جيڪي دوست فيس بوڪ تي وڌيڪ فعال هوندا انهن مان گهڻا ته محترم مظفر منگي جن کي پڪ سان سڃاڻندا هوندا پر ان باوجود سندن مختصر تعارف سندن ئي زباني هيٺ پيش ڪجي ٿو...

    تون پردو رکج پاڪ
    آئون حرف نه ڄاڻان
    شاه

    منهنجو جنم عظيم تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ مهين جي دڙي جي ڪک ۾ اڏيل ٻلهڙيجيءَ جي مهڪ واري چيڪي مٽيءَ ۾ ٿيو. بابا سائين استاد سان گڏ لطيف شناس، ليکڪ ۽ ڊرامه نويس هيو. ڳوٺ بگي جيڪو پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، بدلي ٿيڻ ڪري بابا اتي لڏي آيو. جوان ٿيس ته بيباڪ صحافي، شاعر، اديب، محقق ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو مرحوم هدايت منگيءَ جيڪو منهنجو وڏو ڀاءُ ٿئي منهنجي تعليم ۽ تربيت ڪئي.

    هاڻي ڏوڪري شهر ۾ رهان ٿو ۽ اتي ننڍڙو بزنيس آهي. آئون سنڌي ادب ۾ ايم اي آهيان. شاعري ۽ ڪهاڻيون لکي پنهنجي اندر جي اڃ اجهائيندو آهيان.سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل هجڻ ڪري منهنجي تربيت به ٿيندي رهي ٿي ۽ پنهنجون لکڻيون پيش ڪري تنقيد وڌيڪ ۽ داد گهٽ ماڻيندو آهيان.آئون صوفين جي پيرن جي خاڪ آهيان، ڀٽائي منهنجو روحاني مرشد آهي. اڪثر سندس درگاه تي حاضريون ڀرينديون آهيان ۽ رهنمائي به حاصل ڪندو آهيان. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جنهن جو آئون مستقل ميمبر آهيان ان ۾ هر مهيني جي پهرئين آچر تي ڀٽائي پڙهيو ويندو آهي. مون سوچيو ته دنيا جي عظيم ڏاهي، مفڪر، دانشور ۽ شاعر شاهه لطيف کي سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ ذريعي عام ماڻهن تائين پهچايان. گذريل ٻن سالن کان ”اديون عبد اللطيف چئي“ سلسلو هلائي رهيو آهيان. هن ڪم ۾ سنڌ سلامت سٿ ۽ محمد سليمان وساڻ صاحب منهنجي تمام گهڻي همٿ افزائي ۽ عزت افزائي ڪئي آهي. آئون سنڌ سلامت سٿ ۽ محمد سليمان وساڻ صاحب جو نهايت ٿورائتو آهيان.

    محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.

    شاهه لطيف
    جيتوڻيڪ محترم مظفر منگي ۽ سليمان وساڻ جي گڏيل محنت بهتر نتيجا ڏيکاري رهي هئي پر ان باوجود هن شاندار ڪم کي هڪ الڳ، منفرد ۽ يونيڪ پليٽ فارم جي ضرورت هئي.. جتان ڪيل محنت کي وڌيڪ سولائي سان ڳولڻ ۽ مشورن موڪلڻ سان گڏو گڏ سموري مواد جو هڪ ئي جاءِ موجود ملڻ پڙهندڙ لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿئي... ان سلسلي ۾ جڏهن سليمان وساڻ مون سان رابطو ڪيو ته سندس ابتدائي جملن ئي منهنجي هڪ پراڻي رهيل پروجيڪٽ جي ياد ڏياري ڇڏي ۽ مون ڀٽائي جي پيغامن تي مشتمل هڪ بلاگ جوڙڻ جو واعدو ڪري ورتو...

    پروگرام مطابق هن بلاگ کي محترم مظفر منگي جي سالگراه ڏڻ 10 جنوري تي پيش ڪرڻو هو.. پر اچانڪ منهنجي طبيعت جي ناساز هجڻ ڪري ڪم اڌورو رهجي ويو... ۽ هاڻي جئين ئي ڪجهه طبيعت ۾ بهتري آئي ته واعدو ياد اچي ويو.. ته پوءِ پنهنجي مهربان دوست محترم مظفر منگي کي سندن تازو گذريل جنم ڏينهن تي سندس لاءِ نيڪ خواهشون رکندي ۽ کيس سندس ڪيل ڪم تي ڀيٽا ڏيندي سندن ئي لکيل مواد کي سليمان وساڻ جي خوبصورت ڊيزائين سان سجائي پيش ڪندڙ ”شاهه ڀٽائي“ بلاگ ارپيان ٿو...


    هن بلاگ تي لڳايل ”ڀٽائي بلاگر ٽيمپليٽ“ دراصل اميدون بلاگر ٽيمپليٽ جي جديد صورت آهي... جنهن جي مختصر فيچرس ۾ شامل آهن...
    • خوبصورت بلاگر پورٽل
    • 4 ڪالم ريسپانسوِ ڊيزائين ٿيم
    • 3 ڪالم فوٽر
    • هلڪو ٿڌو ۽ جاذبِ نظر رنگ
    • ڪيمن سنڌي ڪي بورڊ انٽيگريشن

    ڀٽائي بلاگر ٽيمپليٽ تي اڃان ڪافي ڪم رهندڙ آهي جنهن کي وقت آهر پورو ڪري ٽيمپليٽ کي عام سنڌن لاءِ پڻ رليز ڪيو ويندو ... يقينن ڀٽائي بلاگر ٽيمپليٽ اهڙن بلاگز لاءِ شاندار آهي.. جتي تصويرون گهڻيون رکيل هجن..
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    شاه ڀٽائي بلاگ وڻيو
    دوست تمام بهترين ڪم ڪري رهيا آهن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان ٿورائتو آهيان سائين مظفر منگي صاحب جو ، جنهن سدائين سنڌ سلامت کي عزت ۽ مان ڏنو آهي. ڪجهه عرصو اڳ پاڻ دوستن جي عجيب روين سبب روزني جي بنياد تي پيش ڪندڙ لطيف جي بيتن ۽ سمجهاڻي کي ڏيڻ عارضي بند ڪيو هو. مان سائين جن کي ٻيهر عرض ڪيو ته اسان هي ڪم سهيڙڻ پيا چاهيون ۽ اوهان ان کي شروع ڪيو.

    سندن ڪم سچ ته لاجواب آهي، هو سولي نموني سڀ شيون سمجهائي ٿو، بيت، ڏکين لفظن جي معنى ۽ مفهوم، بيتن جي سمجهاڻي، بيتن جو پسمنظر .... سڀ ڪجهه بهترين انداز ۾ پيش ٿو ڪري، هي سڀ وقت وٺندڙ آهي. ان ڪم تي کيس جس هجي.

    ادا رشيد جا ٿورا آهن جنهن هن منفرد ڪم کي سهيڙن ۽ پيش ڪرڻ لاء بلاگ جوڙيو آهي. سچ ته ادا رشيد جا اهڙا ڪم ئي سنڌ سلامت جي سڃاڻ بڻبا آهن.

    ڪوشش ڪبي ته هن بلاگ تي شاهه جا رسالا، شاهه لطيف تي ڪيل تحقيقي ڪم، بيت ۽ سمجهاڻيون، وايون، شاهه جو وڊيو ڪلام ...... سڀ ڪجهه هتي سهيڙجي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    تمام زبردست ٽيمپليٽ، جَس هُجي توهان کي جو اهڙا سهڻا سهڻا ٽيمپليٽ ٺاهي سنڌ جي انهن هستين کي ڀيٽا طور پيش ڪيو ٿا جن جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمت ساراهڻ جوڳي هوندي آهي.
    ٽيمپليٽ جي جيتري تعريف ڪجي گھٽ ٿيندي. تمام سهڻو ۽ دل کي وڻندڙ ٽيمپليٽ آهي...
    هن ٽيمپليٽ جي هر شئي خوبصورت آهي پر مونکي جيڪي چار شيون وڻيون سي هِي آهن.
    جڏهن مون link ٿيل اکرن (هيڊنگ) تي ڪلڪ ڪئي ته ان جا فونٽ ئي مٽجي ٿي ويا ۽ ايم.بي لطيفي ۾ اچي ٿي ويا.
    ٻيو : مونکي ايرر 404 وارو پيج تمام گهڻو دل سان لڳو، سنڌي ٻولي ۾ اهڙو سهڻو ايرر پيج مون پهريون ڀيرو ڏٺو آهي. تمام گهڻو وڻيو ۽ دل سان لڳو.
    ٽيون: هن جو ڳولها وارو آپشن به تمام زبردست آهي. پر اهو تمام وڏو پيو لڳي ان کي جيڪڏهن سائيز ۾ ٿورو ننڍو ڪجي ته بهتر ٿيندو.
    ۽ ٽيون آپشن صلاح مشورا وارو تمام بهترين لڳو. پر اهو مونکي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اهي صلاح مشورا ڪهڙي هنڌ محفوظ ٿيندا ؟ ڪهڙي پيج تي ظاهر ٿيندا ؟؟ ظاهر ٿيندا به يا نه ؟؟ ٿورو ان جي وضاحت ڪجو.
    چوٿون ۽ دلچسپ حصو آهي سلائيڊ جو.. اڳ ۾ ادا سجاد علي چنه جو ٽيمپليٽ به ڏٺم جنهن ۾ سلائيڊ ته هُئي ته پر اهڙي سهڻي نه پئي لڳي جهڙي هِن ٽيمپليٽ ۾ آهي .
    باقي ٽيمپليٽ جو رنگ مونکي سُٺو لڳو. هُو بَهُو اميدون بلاگ جهڙو.. مون کي هي ٽيمپليٽ اميدون جو جديد ورزن پيو لڳي. :)

    مونکي توهان واقعي به جادوگر ٿا لڳو جو اهڙا خيال ۽ ان ڪي عملي جامو پهرائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي ۽ توهان ايترو مصروف هوندي به جادوگري سان اهڙن سهڻن خيالن کي عملي جامو پهرايو ٿا.. جس هُجي توهان کي سائين ذيشان رشيد.

    سائين مظفرمنگيءَ کي واڌايون..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڌڻيءَ در دعاڳو آهيان ته شال محترم مظفر منگي سدا سلامت هجي ۽ مولا ڪريم کيس تندرستي صحت سلامتي عطا ڪريس ، سدا مرڪندو رهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو