نَڪَا جَهولَ جَهلَيسِ، نہ تَانگَو نہ تَارِ ڪِي ڏَمُ ڏِهَاڻِي ڪَيتِرَو، پَرِ ۾ ٿَو پَلَيسِ تَان تَان جِيءُ جَلَيسِ، مِلَي جَان نہ مَيهَارَکَي سُرُ سُهُڻِي جَهولَ = پاري جهڙو سرد بيٺل پاڻي _ درياھ جي پائڻ ڪري اونهي ٿيل کڏ تَانگَهو = ٿورو پاڻي، پنيءَ ٻوڙ پاڻي تارِ = مڙس جي قد کان وڏو پاڻي ڏَمُ = سهڻيءَ جي مڙس جو نالو ڏِهَاڻِي = ڏهاڙي، روزاني پَرِ = ريت، چال جِيءُ = دل، اندرُ،جسم جَلَسِ = سڙيس بيت جو پس منظر ~ سهڻيءَ جي عشق کي ٿڌو پاڻي، ننڍو پاڻي توڙي تارِ پاڻي روڪي نہ سگهيو. ~ سندس مڙس ڏم بہ پنهنجي مُنهِن گهڻو ئي پئي سمجهايس، دڙڪا، داٻا ٿي ڏنانئينس. ~ پر سهڻيءَ جي اندر ۾ باھ ٻرندي هئي جيسين ميهار سان نہ ملندي هئي. سمجهاڻي سهڻيءَ جي عزم ۽ حوصلي کي رات جون اونداهيون، ٿڌو پاڻي، پنيءَ ٻوڙ پاڻي توڙي درياھ جي دهشت ۽ تيز وهڪرو ڪڏهن روڪي نہ سگهيا.سندس مڙس ڏم توڙي ٻين گهر ڀاتين جون نصيحتون، داٻا، دڙڪا، دهمان ۽ ڌمڪيون درياھ پار ڪري ميهار سان ملڻ کان جهلي نہ سگهيا. سهڻيءَ جي اندر ۾ اڃ،اُساٽ، سِڪَ ۽ اُڪير تيسين باهيون لڳائي ڇڏيندي هئي جيسين پنهنجي محبوب ميهار سان نہ ملندي هئي. سهڻي علامت آهي بهادريءَ جي، دليريءَ جي، هماليہ جي پهاڙن کان اوچن عزمن ۽ حوصلن جي. محبوب ۽ منزلن ماڻڻ جي واٽ، دڳ، گس جي. سهڻي روشنيءَ جو مينار آهي اوندھ انڌوڪار کي روشن صبح ۾ تبديل ڪرڻ جو. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل