سنڌ جڳ تاريخي ماڳ ڪوٽ مير محمد خان

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    غلام مصطفيٰ سولنگي

    ڪوٽ مير محمد خان - خيرپور رياست جي ميرن جي ساندار تاريخ جو هڪ مکيه باب- جنهن کي سنڌ جي تاريخ ۾ عام ڪري ۽ خيرپور ميرس جي تاريخ ۾ عام ڪري هڪ خاص اهميت حاصل آهي.

    هي ننڍڙو شهر خيرپور شهر کان ويهارو کن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ويسٽ فيڊر ابل واهه جي ڀرسان واقع آهي، هي شهر 1846ع ۾ ٽالپر خاندان جي هڪ بهادر ۽ عظيم فرد مير محمد خان ولد مير غلام حيدر خان ولد مير سهراب خان اول جو ٻڌايل آهي ۽ سندس ئي نالي سان منسوب ٿيل آهي، انگريزن کان اڳ سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت هئي جيڪا ٽن خاندانن ۾ ورهايل هئي.

    هڪ – شهداداڻي سرڪار، جنهن جو مرڪز حيدرآباد هيو.

    ٻيو - ماڻڪاڻي سرڪار، جنهن جو مرڪز مير پور خاص هيو.

    ٽيون - سهراباڻي سرڪار- جنهن جو مرڪز سهراب پور هيو، جنهن جو نالو، اڳتي هلي، خيرپور رکيو ويو، جيڪو اڃان تائين مشهور آهي.

    17 فيبروري 1843ع تي جڏهن ميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ ”مياڻيءَ جي جنگ “ لڳي ته مير محمد خان به وڏي همت ۽ بهادري جو ثبوت ڏيندي وڙهندو رهيو، جڏهن ٽالپرن ”مياڻيءَ جي جنگ هارائي ته سڀني ميرن سرچارلس نيپئر آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا، پر مير محمد خان دشمن جي اڳيان پيش نه پيو ۽ پنهنجي اهل عيال ۽ لشڪر سميت ٿر هليو ويو، ڪجهه سال پوءِ هز هاءِ نيس مير علي مراد خان اول جي ڪوششن سان انگريزن ۽ مير محمد خان ٽالپر جي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، ان کان پوءِ مير صاحب پنهنجي ڏاڏي مير سهراب خان پاران خريد ڪيل الرا جا گي، جنهن جي ايراضي 1598 ايڪڙ هئي، اچي آباد ڪئي ۽ ڳوٺ ٻڌايو ۽ ڪوٽ پڻ جوڙايو.

    ڪيترائي ڀيرا سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏون اچڻ ۽ ڀروارن واهن ۾ لاڳيتا گهارا پوڻ ڪري اهو ڪوٽ محفوظ نه رهي سگهيو، پر ديوارن جا ڪجهه اهڃاڻ باقي آهي، جيڪي هن ڪوٽ جي وجود ڏس ڏين ٿا، اهو ڪوٽ 1846ع ۾ اڏايو ويو هو.

    ان ئي سال، مير محمد خان ٽالپر، پنهنجي رهائش لاءِ هڪ حويلي پڻ ٺهرائي، جيڪا اڄ به هن بهادر ۽ عظيم انسان جي يادن کي دهرائي رهي آهي، نه رڳو ايترو، پر اڏاوتي لحاظ کان هن عمارت جو شمار رياست خيرپور جي اهم عمارتن ۾ ڪري سگهجي ٿو.

    خيرپور شهر ۽ رياست ۾ موجود ٽالپر حڪمرانن جون ٺهرايل سموريون عمارتون مخليه ۽ راجستاتي اڏاوتي فن جو ڏس ڏين ٿيون. پر هيءَ ننڍڙي عمارت مقامي اڏاوتي فن جو هڪ سهڻو مثال آهي، هن عمارت جي سموري اڏاوت مقامي رازن ۽ مزدورن جي هٿن جو ڪمال آهي.

    هيءَ ٻه – منزله عمارت آهي، جنهن جي مٿين ۽ ٻئي منزل گهڻي ڀاڱي ڊهي چڪي آهي، هيٺين منزل اڃان تائين ڏاڍي بيٺي آهي ۽ ان ۾ مير محمد خان ٽالپر جا پونئير هن وقت به رهائش رکيو اچن.

    هن خوبصورت عمارت جا آئرا يا بنياد 15 فوٽ اونها آهن، جڏهن ته ٻي منزل سميت هن عمارت جي اوچائي 45 فوٽ ٿيندي.

    1849ع ۾ هن عمارت جي مرمت ۽ توسيع ٿي ته ان جي مکيه لنگهه يا گذرگاهه تي هڪ عاليشان دروازو لڳرايو ويو. اهو دروازو ساڳ جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل آهي، ان جي بناوت جو اسٽائيل ڪوٽ ڏيجيءَ جي مکيه دروازي جهڙو آهي، ان کان سواءِ دروازي وٽ ٿيل محرابي اڏاوت ان کي اڃان به گهڻو وڻندڙ ۽ موهيندڙ ڪري ٿي ڇڏي.

    هن عمارت جون ديواريون ٽي فوٽ کن ويڪريون يا ٿلهيون آهن، جيڪي مقامي طور تي تيار ڪرايل پڪين سرن مان ٺاهيون ويون آهن، هڪ اهم ڳالهه اوهان کي ٻڌائجي ته خيرپور رياست جي حڪمران مير رستم خان جي دور تائين ٺهرايل سمورين عمارتن ۾ هندسنتان لکان گهرايل سنهيون پڪيون سرون ڪتب آنديون ويون آهن، بعد جي حڪمرانن وري پنهنجي عمارتن ۾ مقامي ٽلهين سرن جو استعمال ڪيو.

    هن عمارت جي ديوارن تي گاري جي ليپ مٿان اڇي چوني جو ليپو ڏنو ويو آهي، اها ڳالهه پڪ سان دلچسپي کان خالي ناهي ته گاري ۽ چوني ۾ ڏاچين جو کير ملايو ويو هيو، اڏاوت جي ماهرن جو اهو خيل آهي ته ڏاچين جي کير استعمال ڪرڻ سان ڀتين تي آيل ليپو نهايت مضبوط هوندو ۽ صدين تائين هلندو رهندو آهي.

    انهن دويارن تي ٺهيل ڪنگرا ۽ ٻيون ساديون ڊزائنون نهايت وڻندڙ آهن.

    هن عمارت ۾ هن وقت ٻه مکيه هال صحيح سلامت موجود آهن، انهن ٻنهي هالتن جي ڇت زمين کان 26 فوٽ مٿي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اونهاري ۾به هنن ٻنهي هالن ۾ گرمي تمام گهٽ محسوس ٿيندي آهي، ان کان علاوه هيءَ عمارت ان ڪري به ٿڌي رهندي آهي جو ان جي ڇتين ۾ سرن بدران اڳ ، ديال ۽ صندل جا بلاڪ يا تختا ڪتب آندا ويا آهن، چيو وڃي ٿو ته ساڳ ديال ۽ صندل جي ڪاٺي گرمي کي هڻو جذب ڪندي آهي.

    عمارت جا پ؟ي هال ان دور جي مصوري جي ذوق کي ظاهر ڪن ٿا، اها مصوري ۽ گلڪاري ايراضي ۽ مخليه طرز جي آهي، وقت سان گڏ اهي نقش نگار گهڻو ڌنڌ لائجي ويا آهن، پر انهن جي ڪشش اڃان به باقي آهي.

    مير محمد خان ٽالپر 1851ع ۾ ” تجر“ نالي هڪ اوطاق پڻ ٺهرائي هئي، جيڪا بغير ڪاٺ جي صرف پڪين سرن مان ٺهيل آهي، اها اوطاق ”تجر “ اڃان به موجود آهي، مير محمد خان، ان اوطاق ۾ ويهي راڄ جا فيصلا ڪندوڳ هيو، اهڙي طريقي سان ٺهيل هڪ ٻي به جاءِ هئي، جنهن کي ڪورٽ طور استعمال ڪيو ويندو هيو.

    مير محمد خان ٽالپر 1862ع ۾ وفات ڪئي، سندس وصيت مطابق کيس ” قادر بخش جا قبا “ قبرستان ۾ دفنايو ويو، سندس سڄي زندگي عوام جي خدمت ۾ گذري، اڄ به سندس پوٽاڻ ڪوٽ مير محمد ۾ رهائش پذير آهي ۽ پنهنجي ڏاڏي جي انسان دوستي ۽ انصاف پسنديءَ جهڙين اعليٰ روايتن کي برقرار رکيو اچي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو