وَاهُڙَ وَهِين مَ شَالَ، سُڪِي ٻَيلَاٽِيُون ٿِئَين پَسَان تُنهِنجَي پَيٽَ ۾، لَاڻَا، لُوتَ، لِيارَ جَنهِن تَو سَڀِ ڄَمَارَ، آسَائِتِيُون ٻَوڙِيُون سُرُ سُهِڻِي وَاهُڙَ = ننڍا واھ، ننڍا وهڪرا_ درياءَ مان پاڻي الڳ رستو ٺاهي وهندو آهي ان کي واهڙ چئجي ٿو. مَ = نہ ٻَيلَاٽِيُون = ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ، ٻيٽاريون لَاڻَا = کارا ٻوٽا لُوتَ = هي هڪ قسم جو وڻ آهي جيڪو واھ جي ڪنارن تي ڄمندو آهي. پن ۽ ٽاريون ڪنڊن سان ڀريل، گل هيڊي رنگ جا، ٻج سنهو ۽ ڪارو ٿيندو اٿس. لَيَارَ = هي وڻ ليسوڙي جيان ڦر جهليندو آهي. ليار ليسوڙن کان ننڍا ۽ رنگ ڳاڙهو ٿيندو اٿن. آسَائِتِيُون = آسري واريون، اميد واريون _ جن کي محبوب جي ملڻ جي آس آهي. بيت جو پس منظر ~ او درياھ !شال تنهنجو اهيو تيز رفتاريءَ سان وهڻ بند ٿي وڃي. تون سُڪي ننڍن ننڍن ٻيٽن ۾ ورهائجي وڃي. ~ آس اٿم تہ تنهنجي پيٽ ۾ پاڻيءَ بدران وڻ، گاھ ۽ ٻوٽا ڄمي پون. ~ ڇو تہ تون جڏهان ڪون وهڻ لڳو آهين تہ نہ ڄاڻ ڪيتريون آسائتيون ۽ عاشقياڻيون تو ٻوڙي ڇڏيون آهن. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت بظاهر تہ بد دعا، پِٽَ ۽ پاراتو آهي درياھ کي جنهن سهڻيءَ جهڙي حسين ۽ خوبصورت عورت کي ٻوڙيو ۽ نہ ڄاڻ ٻيون ڪيتريون سهڻيون ميهارن ملڻ کان اڳ ٻڏي ميون هونديون. هي بہ تہ درياھ اڄ تائين ڪيئي فصل، مال، زمينون ۽ ماڻهو لوڙهي ٻوڙي ڇڏيا آهن. ڀٽائيءَ جهڙو مفڪر سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪندڙ عظيم شاعر سنڌو درياھ کي ڪڏهن بد دعا ڏئي نٿو سگهي، ڇو تہ سنڌو سنڌ جي سر سبزي ۽خوشحاليءَ جيضمانت آهي. ڀٽائي تہ ڌرتيءَ جي غدارن کي للڪاري ٿو. ڀٽائي هن ڌرتيءَ تي ڪوبہ غاصب، ڦورو، لٽيرو ۽ غدار ڏسڻ نٿو چاهي.ڀٽائي چاهي ٿو تہ جن بہ سنڌ ۽ سنڌين سان ويساھ گهاتيون ڪيون آهن تن جو نالو نشان بہ نہ هجي. سو اچو تہ هن عظيم فڪر تي غور ڪيون ۽ هر ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف مزاحمت ڪيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل